ڪرونا وائرس اسباب احتياط ۽ علاج شريعت جي نظر ۾

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2020۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    *ڪرونا وائرس اسباب احتياط ۽ علاج شرعي نقطه نظر سان*

    *تحرير* : *ابوعمير حزب الله بلوچ*

    ميڊيا رپورٽن جي مطابق ڪرونا وائرس عالمي وبائي بيماري بڻجي ويئي آھي ، سنڌ ۾ به ڪافي ڪرونا مريضن جي تصديق ٿي آھي ۽ حڪومت طرفان ان سلسلي ۾ ايمرجنسي نافذ ڪئي وئي آھي. شرعي لحاظ سان انسان تي ايندڙ وبائون ، بيماريون ۽ سڀئي تڪليفون مختلف سببن جي ڪري اينديون آھن . ڪجهه سبب هتي ذڪر ڪجن ٿا .

    ⭐ *انسان جا گناهه*

    ⭐ پهريون سبب انسان پاڻ ئي آھي انسان جڏھن الله تعاليٰ جي خوف کان غافل ٿي شرڪ ، ڪفر ، بدعقيدگي ، ڇڙواڳي ۽ گناهن واري زندگي گذاري ٿو ته ان جي سزا جي طور تي الله تعاليٰ جا عذاب مختلف صورتن ۾ اچي ڪڙڪن ٿا قرآن مجيد ۾ جن گذريل قومن جي هلاڪت جو بيان ٿيل آھي اتي ان جو سبب سندن گناهه ئي ذڪر ٿيل آھي ، الله تعاليٰ جو فرمان آھي :
    وَمَا أَصَابَكُمْ مِنْ مُصِيبَةٍ فَبِمَا كَسَبَتْ أَيْدِيكُمْ وَيَعْفُو عَنْ كَثِيرٍ (30) وَمَا أَنْتُمْ بِمُعْجِزِينَ فِي الْأَرْضِ وَمَا لَكُمْ مِنْ دُونِ اللَّهِ مِنْ وَلِيٍّ وَلَا نَصِيرٍ (31) الشوريٰ)

    ۽ جيڪا به مصيبت اوھان کي پھچندي آھي سا اوھان جي پنهنجي ھٿن جي ڪمائي سببان آھي ۽ گھڻن (گناھن) کان (ته الله تعاليٰ بغير سزا جي) در گذر ڪندو آھي. ۽ اوھين زمين ۾ (ڀڄي) عاجز ڪرڻ وارا نه آھيو،(الله کان زور آور ته نه آھيو) ۽ الله کانسواءِ اوھان جو نه ڪو ڪارساز ۽ نه ڪو مددگار آھي.

    ⭐رسول الله صلي الله عليه وسلم جن جي حديث آھي:
    لَمْ تَظْهَرِ الْفَاحِشَةُ فِي قَوْمٍ قَطُّ حَتَّى يُعْلِنُوا بِهَا إِلَّا فَشَا فِيهِمُ الطَّاعُونُ، وَالْأَوْجَاعُ الَّتِي لَمْ تَكُنْ مَضَتْ فِي أَسْلَافِهِمُ.
    جنهن قوم ۾ فحاشي، بدڪاري ، زنا عام ٿي وڃي ته انهن ۾ طاعون جي بيماري ۽ اهڙيون اهڙيون بيماريون ڦھلجي وڃن ٿيون جيڪي اڳين قومن ۾ نه هيون ، ۽ انهن تي موت مسلط ڪيو وڃي ٿو (سنن ابن ماجة: 4019 ، مستدرڪ حاڪم : 2577، سلسلة صحيحة : 107)

    ⭐ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو: ماڻھو جڏھن ظالم کي ظلم ڪندي ڏسن ، ۽ برائي ٿيندي ڏسن ۽ انهن ۾ روڪڻ جي طاقت به هجي تڏھن به نه روڪين ته پوء الله تعاليٰ انهن سڀني تي عام عذاب نازل ڪري ٿو . (ابوداؤد: 4338)
    وبائي بيماريون به عام عذاب آھن جنهن ۾ هر ڪو مبتلا ٿي وڃي ٿو .

    ⭐ *قيامت جي نشاني*

    حديث جو مفهوم آھي ته : طاعون ۽ ٻيون وبائي بيماريون جن سان موت ڪثرت سان واقع ٿئي جيئن ٻڪريون ۽ ٻيا جانور وبائي بيمارين ۾ گهڻو مرن ٿا ، نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن انسانن ۾ اهڙي صورتحال کي قيامت جي ڇھن نشانين مان هڪ قرار ڏنو.(صحيح بخاري: 3176)

    ⭐ *الله ڏانهن موٽي اچو!*

    تڪليفن، مصيبتن ۽ بيمارين جو هڪڙو سبب اهو به آھي ته جيئن انسان گناهن کي ڇڏي الله تعاليٰ ڏانهن موٽي اچن :
    وَلَنُذِيقَنَّهُمْ مِنَ الْعَذَابِ الْأَدْنَىٰ دُونَ الْعَذَابِ الْأَكْبَرِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ. [سورة السجدة 21]
    ۽ کين (قيامت جي) وڏي عذاب کانسواءِ ھلڪي سزا (دنيا ۾ به) ضرور چکائينداسون ته مانَ اُھي (سڌي واٽ ڏانھن) موٽي اچن.

    ⭐ *ڪافرن لاءِ عذاب ۽ مومنن لاءِ رحمت*

    ⭐ تڪليفون مصيبتون ۽ وبائي بيماريون مومنن لاءِ رحمت ، ثواب، گناهن جي معافي ۽ درجن جي بلندي جو باعث آھن : نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو مسلمان کي جيڪا به تڪليف ڏک غم مصيبت ۽ مشقت پهچي ٿي ايستائين جو ان کي ڪو ڪنڊو به لڳي ٿو ته ان جي بدلي ۾ سندس گناهه معاف ڪيا وڃن ٿا جيئن وڻ مان پن ڪرن ٿا . (بخاري: 5642، 5648)

    ⭐نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم هڪ وبائي بيماري طاعون جي باري ۾ فرمايو ته الله تعاليٰ ان جي ذريعي جنهن کي گهري ٿو عذاب ڪري ٿو ، پر الله تعاليٰ ان وبا کي مومنن لاءِ رحمت بڻائي ڇڏيو آھي پوءِ جيڪو مومن ان تي صبر ڪري، پنهنجي شھر مان ڀڄي نه نڪري، بلڪه الله مان ثواب جي اميد رکي ۽ سمجهي ته اها تڪليف الله تعاليٰ ان لاءِ تقدير ۾ لکي ڇڏي هئي ته الله تعاليٰ ان لاءِ هڪ شھيد جو اجر لکي ڇڏي ٿو .(بخاري: 3474، 6619)
    * فرمايائون ته طاعون هر مسلمان لاءِ شھادت آھي. (بخاري: 2830)
    * ۽ فرمايائون ته مومن جو معاملو ڪيڏو ته عجيب آھي جو ان کي سک رسي ته شڪر ڪري ته ثواب ۽ جي ڏک ۽ تڪليف پهچي ته تڏھن به ان لاءِ ثواب ۽ ڀلائي . (مسلم: 2999)

    * هڪ مومن مرد ۽ عورت کي سندس نفس ، اولاد ۽ مال جي سلسلي ۾ هميشه تڪليفون پهچنديون رهن ٿيون ايستائين جو جڏھن الله تعاليٰ سان وڃي ملي ٿو ته سندس ذمي ڪوبه گناهه باقي نه ٿو رهي . (ترمذي:2399)

    ⭐ *وبائن کان نجات جا ذريعا*

    ⭐ *عقيدي جي حفاظت ۽ توڪل*

    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ڪا به بيماري (خود بخود ذاتي طور) متعدي نه آھي جو هڪڙي کان ٻئي کي لڳي وڃي ... ۽ ڪوڙھ جي مريض کان ايئن ڀڄو جيئن شينهن کان ڀڄو ٿا . (بخاري: 5707)
    هڪ ڳوٺاڻي عرض ڪيو ته منهنجي هڪڙي اُٺ کي خارش لڳي ۽ ان مان سڀني کي خارش لڳي ويئي پاڻ فرمايائون ته ڀلا ٻڌاءِ ته پهرين اُٺ کي ڪٿان کان خارش لڳي ؟ (مطلب ته جيئن پهرين اُٺ کي الله جي مرضي سان لڳي ايئن ئي ٻين کي به الله جي مرضي سان ئي لڳي) (بخاري: 5717)
    هنن حديثن مان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻھو پنهنجي عقيدي کي مضبوط رکندي الله تعاليٰ تي پورو ڀروسو ۽ توڪل ڪري ۽ پوءِ احتياطي تدبيرون به ضرور اختيار ڪري ڇو ته خود شريعت ان جو حڪم ڏنو آھي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو جنهن جڳهه تي طاعون جي وبا اچي ۽ توهان اتي موجود هجو ته ان کان ڊڄي هرگز اتان کان نه ڀڄو ، پر جي اتي موجود نه هجو ته پوءِ هاسيڪار اوڏانهن وڃو به نه . (بخاري: 5729)
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو پوري ڪائنات ملي وڃي ته به توهان کي ڪو فائدو يا نقصان نه ٿي پهچائي سگهي مگر اهو ئي جيڪو الله تعاليٰ توهان جي تقدير ۾ لکيو هوندو . ( ترمذي: 2516)

    ⭐ *احتياط پرهيز ۽ علاج*

    *مريض جو جمعو ۽ جماعت ترڪ ڪرڻ*
    *مطاف ۾ طواف رڪجڻ*

    ⭐ رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو بيمار کي تندرست سان هرگز نه ملايو وڃي . (بخاري: 5771)
    ⭐ بنو ثقيف جي وفد ۾ هڪ ڪوڙھ جو مريض شخص به هيو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ان سان نه مليا بلڪه پيغام موڪليائون ته اسان تنهنجي زباني بيعت قبول ڪئي ان ڪري تون واپس موٽي وڃ . (مسلم: 2231)
    ⭐ فرعونين جي ظلم جي ڪري الله تعاليٰ بني اسرائيل کي پنهنجي گهرن ۾ ئي نماز پڙھڻ جو حڪم ڏنو هيو :
    وَأَوْحَيْنَا إِلَىٰ مُوسَىٰ وَأَخِيهِ أَنْ تَبَوَّآ لِقَوْمِكُمَا بِمِصْرَ بُيُوتًا وَاجْعَلُوا بُيُوتَكُمْ قِبْلَةً وَأَقِيمُوا الصَّلَاةَ وَبَشِّرِ الْمُؤْمِنِينَ .
    [سورة يونس 87]

    ⭐ سيدنا عبدالله بن عمر رضي الله عنهما هڪ دفعو سخت سردي ۽ طوفان ۾ موذن کي حڪم ڏنو ته اذان ۾ اهو اعلان ڪري ته : أَلَا صَلُّوا فِي الرِّحَالِ . يعني خبردار نماز پنهنجي گهرن ۾ پڙھو ۽ دليل ڏيندي فرمايائون ته رسول الله صلي الله عليه وسلم جن برسات ۾ اهو حڪم فرمائيندا هئا . ( بخاري: 666)

    مطلب ته اهڙي پرهيز خود شريعت مان ثابت آھي ته جيئن انسان جي عقيدي ۽ توڪل تي شيطان کي ڪوبه حملو ڪرڻ جو موقعو ئي نه ملي .
    ⭐ انهن دليلن جي تحت ڪجهه عالمن اها فتويٰ به ڏني آھي ته وبا ۾ مبتلا مريض جمعي ۽ جماعت ۾ به شريڪ نه ٿئي ڇو ته اهڙي صورت ۾ سندس ٻين ماڻھن سان ميل جول ته ضرور ٿيندي ، جڏھن مينهن برسات ۽ گپ چڪ ۾ گهر ۾ نماز پڙھڻ ثابت آھي ته هيءُ عذر ته ان کان وڏو آھي، ⭐ اهڙي طرح احتياط جي ڪري گذريل ڏينهن ۾ بيت الله شريف ۾ مطاف کي بند ڪيو ويو عارضي طور مطاف ۾ اعتڪاف بند ڪري صفائي ڪئي ويئي اسپري ڪيو ويو ۽ حفاظتي ديوار کڙي ڪئي وئي، ان تي اڻ ڄاڻ جاهلن واويلا ڪئي ۽ طرح طرح جا اعتراض ڪيا ، حالانڪه شرعي طور تي حاجين ۽ عمري ڪندڙن جي تحفظ خاطر اهڙا اقدام بلڪل جائز ۽ ضروري آھن .

    ⭐ الله تعاليٰ جي تقدير ته هر صورت ۾ لاڳو ٿي رهندي پر ظاهري اسباب اختيار ڪرڻ ۽ علاج معالجو ۽ دوا دارو جا وسيلا ڪتب آڻڻ به شريعت مان ثابت آھن . الله تعاليٰ نوح عليه السلام کي ٻيڙي ٺاهڻ ۽ ان ۾ پنهنجي پيروڪارن کي سوار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ، سيده مريم سلام الله عليها کي کجي جي وڻ کي لوڏڻ ۽ کجور کائڻ جو حڪم ڏنو. لوط عليه السلام ۽ موسيٰ عليه السلام کي رات جي پهر ۾ ئي پنهنجي پيروڪارن کي وٺي نڪرڻ جو حڪم ڏنو. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سيدنا علي رضي الله عنه کي بخار جي حالت ۾ کجور نه کائڻ جو حڪم ڏنو .(ترمذي: 2037)
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جيڪا به بيماري الله تعاليٰ نازل ڪئي آھي ته ان سان گڏ ان جو علاج به نازل ڪيو اٿس. ( بخاري: 5678)
    هر بيماري جي دوا آھي جڏھن درست تشخيص سان دوا استعمال ڪئي وڃي ته الله جي مرضي سان بيماري کان شفاء ملي وڃي ٿي . (مسلم: 2204)
    مطلب ته ڪا به بيماري لاعلاج نه آھي پر اهو ٿي سگهي ٿو ته ڊاڪٽرن ۽ طبيبن کي ان جو علاج معلوم نه هجي، جيئن هڪ حديث ۾ به آھي ته : مَا أَنْزَلَ اللَّهُ دَاءً إِلَّا قَدْ أَنْزَلَ لَهُ شِفَاءً، عَلِمَهُ مَنْ عَلِمَهُ، وَجَهِلَهُ مَنْ جَهِلَهُ. (مسند احمد: 3578)

    ⭐ الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ماکيءَ کي ماڻھن لاءِ شفاء قرار ڏنو آھي :
    ثُمَّ كُلِي مِنْ كُلِّ الثَّمَرَاتِ فَاسْلُكِي سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا يَخْرُجُ مِنْ بُطُونِهَا شَرَابٌ مُخْتَلِفٌ أَلْوَانُهُ فِيهِ شِفَاءٌ لِلنَّاسِ إِنَّ فِي ذَٰلِكَ لَآيَةً لِقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ .(سورة النحل 69)

    ⭐نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ڪلونجي موت کان سواءِ هر بيماري کان شفاء آھي .(بخاري: 5688)

    ⭐ عڪل ۽ عرينه قبيلي جا ماڻھو جڏھن بيماري جو شڪار ٿيا ته پاڻ انهن کي اُٺڙين جو کير پيئڻ جو حڪم ڏنائون، جنهن سان تندرست ٿي ويا (بخاري: 5727)

    ⭐ جيڪو ماڻھو روزانو صبح جي وقت مديني جي عجوه کجور جا ست داڻا کائيندو ته ان کي زهر ۽ جادو نقصان نه رسائي سگهندا . (بخاري: 5445)
    مطلب ته بيماري جو ظاهري علاج ڪرائڻ شريعت مان ثابت آھي ان ڪري هن وائرس جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر ۽ طبيب جيڪو جائز علاج ۽ احتياط تجويز ڪن ان کي اختيار ڪرڻ ضروري آھي .

    ⭐ *ذڪر اذڪار ۽ دعائون*

    ⭐ ان سان گڏ شريعت ۾ جيڪي روحاني علاج ٻڌايل آھن انهن تي عمل ڪرڻ به انتهائي ضروري آھي
    جيئن زندگي ۾ هر لمحي جي دعائن ۽ خاص طور صبح ۽ شام جي ذڪر ۽ اذڪار جي پابندي ڪرڻ سان ماڻھو اهڙين آفتن کان محفوظ رهي سگهي ٿو .
    هيٺ ڪجهه دعائون لکجن ٿيون .

    ⭐ (1) اللَّهُمَّ إِنِّي أَعُوذُ بِكَ مِنْ الْبَرَصِ وَالْجُنُونِ وَالْجُذَامِ وَمِنْ سَيِّئِ الْأَسْقَامِ
    (ابوداؤد: 1554 ، نسائي: 5493)

    ⭐ (2) بِسْمِ اللَّهِ الَّذِي لَا يَضُرُّ مَعَ اسْمِهِ شَيْءٌ فِي الْأَرْضِ وَلَا فِي السَّمَاءِ، وَهُوَ السَّمِيعُ الْعَلِيمُ .
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته جيڪو ماڻھو صبح ۽ شام جي وقت ٽي ٽي دفعا هيءَ دعا پڙھندو رهندو ته کيس ڪابه شيءِ نقصان نه ڏئي سگهندي . (ابوداؤد 5088، ترمذي : 3388)

    ⭐ (3) (1) قل هو الله احد . سورة اخلاص پوري ٽي ڀيرا (2) قل اعوذ برب الفلق . سورة الفلق پوري ٽي ڀيرا (3) قل اعوذ برب الناس . سورة الناس پوري ٽي ڀيرا.
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو جيڪو ماڻھو صبح ۽ شام جي وقت اهي سورتون ٽي ٽي دفعا پڙھندو ته اهي ان لاءِ ھر شيءِ کان ڪافي ٿي وينديون . (ابوداؤد: 5082، نسائي: 5428، ترمذي: 3575)

    ⭐ (4) رسول الله صلي الله عليه وسلم جن فرمايو جيڪو ماڻھو رات ۾ سورة البقرة جون آخري ٻه آيتون پڙھندو ته اهي ان لاءِ ڪافي ٿي وينديون . (بخاري: 5009، مسلم: 807)

    ⭐ (5) أَعُوذُ بِكَلِمَاتِ اللَّهِ التَّامَّاتِ مِنْ شَرِّ مَا خَلَقَ.
    جيڪو ماڻھو صبح ۽ شام هيءَ دعا پڙھي يا ڪو سفر ڪري يا ڪنهن جڳهه تي وڃي رهي ۽ هيءَ دعا پڙھي ته کيس ڪا به شيءِ نقصان نه رسائي سگهندي . (صحيح مسلم : 2708، 2709 )

    ⭐ (6) جيڪو ماڻھو پنهنجي گهر ۾ (ڪنهن به وقت ۽ خاص طور) رات جو سمهڻ وقت بستري تي اچي آية الڪرسي پڙھندو ته پوري رات الله جا ملائڪ سندس حفاظت ڪندا رهندا ۽ شيطان ۽ ٻي ڪا به ناپسنديده شيءِ ان جي ويجهو به نه اچي سگهندي . (بخاري: 5010، ترمذي: 2880)

    ⭐ *توبه ۽ استغفار ڪرڻ*

    ⭐ اسان کي گهرجي ته الله تعاليٰ جي در تي اجتماعي توڙي انفرادي طور پنهنجي گناهن جي معافي گهرندا ۽ توبهه ۽ استغفار ڪندا رهون ڇوته هر لحاظ سان ڪاميابي انهيءَ ۾ آھي:
    وَتُوبُوا إِلَى اللَّهِ جَمِيعًا أَيُّهَ الْمُؤْمِنُونَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ . (سورة النور 31)
    ۽ اي مومنو سڀ جا سڀ الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ توبه ڪندا رهو ته جيئن ڪامياب ٿي سگهو .

    وَمَا كَانَ اللَّهُ لِيُعَذِّبَهُمْ وَأَنْتَ فِيهِمْ وَمَا كَانَ اللَّهُ مُعَذِّبَهُمْ وَهُمْ يَسْتَغْفِرُونَ.
    [سورة اﻷنفال 33]

    ۽ الله تعاليٰ کي اهو نه ٿو جڳائي ته جو توهان جي ھوندي کين عذاب ڪري، ۽ الله کي (ھي به) نه جڳائيندو آھي جو کين ھن ھوندي عذاب ڪري جو اُھي بخشش گھرندا ھجن.
    مطلب ته الله تعاليٰ کان پنهنجي گناهن جون معافيون گهرندڙ ان جي عذاب کان بچي سگهن ٿا.
     
    شعيب محمد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو