سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان شام ملهائي وئي۔

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو السلام عليڪم ۽ جيئي سنڌ
    ساٿيو ڪجهه ڏينهن اڳ حيدرآباد سنڌ جي پريس ڪلب آڊيٽوريم ۾ سنڌ سلامت جي فنڪاره پارس علي پارس سان ڊبليو اي ايم آرٽس سرڪل حيدرآباد سنڌ طرفان هڪ سُرهي سانجهه ملهائي وئي۔ سنڌ سلامت جي نمائندن جي حيثيت سان مونکي ۽ ادا عبدالغفور سمون کي ذاتي طور انهي شام ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت پارس علي پارس پاڻ ۽ ڊبليو اي ايم آرٽس سرڪل جي سرپرست محترم وڪيل منڱريو هڪ انوائٽيشن ڪارڊ جي صورت ۾ ڏني ۔ دوستو انهي سُريلي شام جون تصويرون بروقت پنهنجي ڳاٽي ڀڳين مصروفيتن سبب توهان سان شيئر ڪري نه سگهيس، محترما پارس علي پارس سان ملهايل هن شام ۾ سنڌ جي مڃيل فنڪارن شرڪت ڪئي ۔ جنهن سنڌ مشهور فنڪار برڪت علي ۽ ساري سنڌ ۾ هڪڙو طوفان برپا ڪندڙ گيت “ مجبور آ عاشق مجبور آ ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هُجي“ ڳائيندڙ غلام حسين عمراڻي نمايان هُئا، اسٽيج ٽي وي فلم جي فنڪارن ۾ اسرار احمد لغاري، محترم رفيق عيساڻي، عبدالمنان عباسي ماما لالو، ميڊم فريده سهتو، تهمينه سيال، مهوش سولنگي، گُل حسن گُل ، مُسڪان ميراڻي ۽ ڪافي سارن ٻين مهمانن ۾ خواتين ۽ حضرات هُئا، پريس ڪلب حيدرآباد جو آڊيٽوريم کچا کچ ڀريل هو۔ پارس علي پارس تمام خوبصورت لڳي رهي هُئي۔ تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو، ان کان پوءِ فنڪارن ۽ شوبز سان تعلق رکندڙن پنهنجِي ساٿي فنڪاره پارس علي پارس جي فن ۽ سندس شخصيت تي ڳالهايو۔ کيس سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ جا تحفا ۽ گُلن جا هار پارايا ويا۔ هاڻي پيش آهن انهي خوبصورت تقريب جون تصويري جهلڪيون۔ توهان دوستن کي ياد ڏياريندو هلان ته هي تصويرون خالص سنڌ سلامت واسطي ڪڍيون ويون ۽ هي محنت سنڌ سلامت جي محنتي ڪئميرا مين ادا عبدالغفور سمون ۽ منهنجي پاران مشترڪا طور ڪئي وئي۔ توهان جي محبتي راين جو منتظر رهندس۔

    [​IMG]
    پريس ڪلب آڊيٽوريم جي اسٽيج تي پارس علي پارس سان ملهايل شام جي سلسلي ۾ هڪڙو وڏو بينر آويزان آهي۔

    [​IMG]
    ڪي ٽي اين جي نامياري فنڪاره مُسڪان ميراڻي پارس علي پارس کي اجرڪ جو تحفو پارائڻ کان پوءِ

    [​IMG]
    اسٽيج ٽي وي جي آرٽسٽ شاهين محترما پارس علي پارس کي اجرڪ جو تحفو پارايو

    [​IMG]
    سنتپت سنڌ جي چئيرمين اي ڊي ناريجي پڻ پارس علي پارس کي اجرڪ جو تحفو پارايو

    [​IMG]
    مشهور ڪلام مجبور آ عاشق مجبور آ ڀلي ڪيڏوبه ڪنڌار هُجي جو ڳائيندڙ سنڌ مشهور فنڪار غلام حُسين عمراڻي پارس علي پارس جي فني زندگيءَ تي ڳالهائي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    سنڌ مشهور فنڪار غلام حُسين عمراڻي هن تقريب ۾ سڀني جي نگاهن جو مرڪز هو پنهنجي مداحن ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻار ۽ هڪ ڇوڪرِي جيڪو ڇوڪرن وارو لباس پائي آئي هُئي سان گڏ

    [​IMG]
    اسان وارو محبتي دوست هن ساري تقريب جو آرگنائزر محترم وڪيل منڱريو ٽي وي جي مشهور سنڌي اداڪار اسرار لغاري کي اجرڪ جو تحفو پارائي رهيو آهي۔

    [​IMG]
    ڀلا ڙي غفور سمان تنهنجاڀاڳ ، اصل ڪم کي کڻيو بيٺو آهي، پارس علي پارس سان ملهايل شام ۾ هڪ ماڊل فنڪاره سان گڏ بيٺو آهي، آخر ته سنڌ سلامت جو ڪئميرامين آهي ڪو مذاق ته ناهي۔

    [​IMG]
    عبدالغفور سمون سدائين سامهون، ٽي وي اسٽيج جي فنڪاره شاهين سان گڏ بيٺو آهي۔

    [​IMG]
    نثار ناز پنهنجي سنڌ سلامت جي نوجوان ميمبر دوست نادر بلوچ سان گڏ نادر بلوچ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ‌ سانگي حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾رهندو آهي پاڻ هن تقريب ۾ خاص مون سان ملاقات ڪرڻ آيو هو۔​
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان شام ملهائي وئي۔

    پيارا سنڌي دوستو اڃان ته کوڙ ساريون تصويرون آهن ڇا ڪجي بجلي لاڏلي محبوبه آهي لوڏي ڏيو هليو وڃي ڪابه شي مڪمل نموني ڪمپليٽ نه ٿي ٿئي۔ خير هي تصويرون ڏسو

    [​IMG]
    پارس علي پارس جو تمام خوبصورت انداز

    [​IMG]

    هڪ ناري ڳاڙهي وڳي واري پڻ‌ شريڪ ٿِي هن تقريب ۾۔ عبدالغفور سمون جي ڪئميرا جي اک زنده آباد

    [​IMG]
    مُسڪرائيندڙ چهرا هر تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا آهن ۔ سنڌ سلامت جي جهوني نثار ناز جي ڪئميرا جي اک جو ڪمال۔

    [​IMG]
    مجبور آ عاشق مجبور آ ڀلي ڪيڏو به ڪنڌارهُجي ساري محفل جهومي پئي هُئي هن گيت تي ۔ غلام حسين عمراڻي تنهنجي عجب آهي ڪهاڻي ۔

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جو نوجوان ميمبر محمد جُمن شيخ خبر ناهي ڪهڙي پريشاني ۾ گُم هو هن محفل ۾ شريڪ ٿيندڙ فنڪار محمد رفيق عيساڻي سان گڏ۔

    [​IMG]
    سنڌ مشهور فنڪار برڪت علي پارس علي پارس جي هن شام ۾ شام جو هي پهر نان اسان جي ڪيو گيت ڳايو۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]


    [​IMG]
    نارين جو وڏو تعداد هن پارس علي پارس جي سُرهي سانجهه ۾ خوشي مان شريڪ ٿيو۔​
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان شام ملهائي وئي۔

    ساٿين جي خدمت ۾ ڪجهه تصويرون پيش آهن۔
    [​IMG]
    سنڌ مشهور فنڪار برڪت علي پنهنجي ساٿي فنڪاره ميڊم فريده سهتو سان نغما سرا آهي

    [​IMG]
    سنڌ سلامت جا نوجوان ميمبر ادا عبدالله ۽ ادا نادر بلوچ پڻ هن محفل ۾ شريڪ هُئا

    [​IMG]
    منهنجو پُراڻو دوست محترم سليمان ابڙو ۽ هڪ جهوني شخصيت گڏ ويٺا آهن پارس علي پارس سان ملهايل شام واري تقريب ۾

    [​IMG]
    ڪجهه وڌيڪ ناريون شريڪ آهن ، هن خوبصورت رنگا رنگ تقريب ۾

    [​IMG]
    ڌڪ لڳو دل ٽُٽِي اصل زبردست غلام حسين عمراڻي ڪم کي کڻي ويو

    [​IMG]
    فقير معظم علي ، غلام حسين عمراڻي ۽ مهراڻ ٽي وي جو ڀلوڙ ڪئميرا مين منظور ملاح‌ پنهنجي هڪ ساٿي دوست سان گڏ

    [​IMG]
    ٽي وي جي مشهور هدايتڪار استاد غلام نبي راهي پارس علي پارس کي اجرڪ جو تحفو پارايو

    [​IMG]
    عاشق مجبور آ غلام حسين عمراڻي هر تصوير ۾ هٿ ٻڌيو بيٺو آهي وچ هڪ ناري سائيڊ ۾ عبدالمنان عباسي ماما لالو هن محفل ۾ شريڪ آهن

    [​IMG]
    ٽي وي اسٽيج جو فنڪار رفيق عيساڻي پارس علي پارس سان گڏ ويٺو آهي

    [​IMG]
    پي ٽي سي ايل يونين جو محترم چاچڙ صاحب پارس علي پارس ۽ محمد رفيق عيساڻي​
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان شام ملهائي وئي۔

    سائين نثار ناز انهن بهترين تقريبن جي لاءِ اوهان جي ونڊ ڪيل تصويرن تي اسان کي "ناز" آهي۔۔۔۔ اصل عمراڻي وانگر اوهين به ڪم کي کنيو بيٺا آهيو۔۔
     
  5. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان شام ملهائي وئي۔


    بلڪل سائين توهان جي ڪم هيمشه نرالو هوندو آهي ۽ توهان جي ڏنل احوال مان ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اسان به اتي ئي موجود هوندا آهيون توهان جي لفظن جي جادوگري کي سلام آهي باقي توهان فنڪاره پارس علي پارس جي خوبصورت تصويرون ونڊ ڪري اصل قرب ڪري ڇڏيا اهڙا ٿورا توهان جا لاهبا ضرور جي ڪڏهن لاهي نه سگيس ته ڳائيندس ضرور ، لک قرب سائين

    بهترين ونڊ پيش ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان شام ملهائي وئي۔

    ادا ناز صاحب توهان جيڪي به ونڊون ڪندا آهيو، اهي واقعي ناز ڪرڻ جهڙيون هونديون آهن، سائين اهڙين تصويرن جي ونڊ لاء توهان جا لک لائق ۽ قرب، ناز صاحب توهان اهڙيون تصويرون سنڌ سلامت تي ونڊ ڪري سنڌ سلامت جي اڱڻ کي تصويرن جي ڪوٽا سان مالا مال ڪري ڇڏيو آهي، ۽ اهو به اهڙين تصويرن سان جيڪي سنڌ جو سرمايو ۽ سنڌ جو فن خزانو آهن،
    جس هجي توهان جي اهڙي محنت ۽ ڪوشش کي جو توهان پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ڪري اهڙين سرگرمين ۾ حصو وٺي ڪري ، ۽ سنڌ سلامت جي لاء اهڙو مواد حاصل ڪري ٿا اچو۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان شام ملهائي وئي۔

    مست پيارا! مطلب توهان کي به ”ناز“ آهي نه! اهو ”ناز“ ويچارو هرشي ۾ هوندو آهي، ان ڪري ئي اسان وڏي سمجهداري سان پنهنجو تخلص اوڻيهه سئو چوهتر کان ناز رکي اڃان تائين اهو پيار ڀريو پُڇ پاڻ سان چنبڙايو هلون۔ تصويرن توهان کي سُٺيون لڳيون نثار ناز ۽ ادا عبدالغفور سمون توهان جا ٿورائتا آهن۔ لک لائق همت افزائي لا۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان شام ملهائي وئي۔

    اوئي هوئي فقير وڏا وحيد ڦلپوٽا شڪارپوري سائين ، ڇا ڳالهه آهي، مونکي خبر آهي تو هتي ئي ڪنهن پوسٽ ۾ چيو هو ته توهان خوبصورت فنڪاره پارس علي پارس جا فين آهيو منهنجي خيال ۾ توهان لفظ ديوانا لکيو هو پر هتي مون فين لکي ڇڏيو۔ دوست تون اسان جهونن جا ٿورا سنڀالي رک اهي ٿورا منهنجي پُٽ محمد علي جي شادي ۾ ذاتي طور شريڪ ٿي اچي مون سان ونڊ ڪجان ، مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي۔ باقي منهنجي ونڊ توکي سُٺي لڳي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان۔ تنهنجو فقير۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان شام ملهائي وئي۔

    پيارا ممتاز وگهيا شال جُڙيو هُجين۔ دوست توهان جي بي لوث همت افزائين ۽ خلوص سان ڀريل پيار مونکي گهڻو ڪجهه سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ لا مجبور ڪريو ڇڏي، توهان وانگر مان به ڏينهن رات انهي ڪوششن ۾ هُوندو آهيان ته ڪيئن اسان جي خوبصورت اڱڻ کي سينگارجي،ڪيئن سنڌ سلامت جي وشال اڱڻ کي مهڪائجي ته جيئن سنڌ سلامت جي مهڪ هميشهه تازه دم رهي۔ ۽ پو عمر جي ٻاونجهاهي سال ۾‌ گلي ۾ ڪئميرا لٽڪايو، ادا عبدالغفور سمون کي ساڻ ڪريو انهي نعري سان ته
    اي ”ناز “ سنڌ سلامت آباد ئي هُجي شل،
    شاداب هن اڱڻ جي سينگار جو مان عادِي!​

    سنڌي محفلن، فنون لطيفه واري پروگرامن شريڪ ٿي اتان جو اکين ڏٺو احوال تصويرون ، وڊيو توهان سميت ساري دنياجي سنڌين سان ونڊ ڪندو آهيان۔ ته جيئن اسان جو هي اڱڻ تنهنجي نالي وانگر سڀني کان ”ممتاز ”نظر اچي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خدمت پڻ ٿي سگهي، پو چاهي اهي سنڌي فنڪار هُجن سنڌ اديب هُجن يا چاهي سنڌي ڏاها هُجن۔ اهو نه صرف منهنجو پر هر سنڌي جو فرض آهي ته هو پنهنجي ڏات ڌڻين جي فن کي هائي لائٽ ڪن۔ لک لائق پيارا ممتاز وگهيا جو توهان کي اسان جُون هي غريباڻيون ونڊون وڻن ٿيون۔
     
  10. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان شام ملهائي وئي۔

    سائين ناز اسان جو تون ئي آهين۔۔۔ ڪيئن ٿو نعرو جلد ڀلائين ۔۔۔ >:d<
     
  11. khuwajaramiz

    khuwajaramiz
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2010
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان شام ملهائي وئي۔

    سائين نثارناز جي هي شيئرنگ بهترين آهي۔
     
  12. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي فنڪاره پارس علي پارس سان شام ملهائي وئي۔

    محترم رميز خواجا صاحب توهان جا لک ٿورا جو منهنجي هن غريباڻي شيئرنگ کي بهترين چيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو