وبائي بيمارين کان بچڻ لاءِ ڪجھ ضروري نصيحتون

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ابوعمير طرفان آندل موضوعَ ‏17 اپريل 2020۔

  1. ابوعمير

    ابوعمير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جنوري 2011
    تحريرون:
    86
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    358
    *وبائي بيمارين کان بچڻ لاءِ ڪجھ ضروري نصيحتون.*

    1⃣ *بيماري کان پهرين دعائن جو اهتمام*

    ◄ *بِسْمِ اللَّهِ الذي لا يَضُرُّ مع اسْمِهِ شَيءٌ في الأرضِ ولا في السَّماءِ وهُوَ السَّميعُ العَليمُ‘‘.*
    نبي ڪريم ﷺ فرمايو جيڪو ماڻھو صبح ۽ شام ٽي ٽي دفعا هيءَ پڙھندو رهندو ان کي ڪا به شيءِ (وبا آفت وغيره ) نقصان نه ڏئي سگهندي .
    [سنن أبي داود: ۵۰۸۸، سنن الترمذي: ۳۳۸۸]

    2⃣ *’’لاإله إلا أنتَ سُبحانكَ إنِّي كُنتُ مِنَ الظَّالِمِين‘‘* گهڻو پڙھڻ :

    نبي ڪريم ﷺ فرمايو هيءَ مڇيءَ واري (سيدنا يونس عليه السلام) : مڇي جي پيٽ ۾ ڪئي هئي پوءِ جيڪو ماڻھو ڪنهن به مصيبت ۾ اها دعا گهرندو ته الله تعاليٰ ضرور قبول فرمائيندو:
    *’’لَا إِلَهَ إِلَّا أَنْتَ سُبْحَانَكَ إِنِّي كُنْتُ مِنَ الظَّالِمِينَ‘‘*.[سنن الترمذي: ۳۵۰۵، مسندأحمد: ١٤٦٢١]

    3⃣ *سخت مصيبتن ۽ آزمائشن کان پناھ گهرندا رهو*

    رسول الله ﷺ جن ماڻھن حڪم ڏيندي فرمايو ته : سخت آزمائشن ، بدبختي ، بري تقدير، ۽ دشمنن کي خوش ڪندڙ آزمائشن کان الله تعاليٰ جي پناھ گهرندا ڪيو. [صحیح البخاری: ٦٦١٦]
    ◄ مطلب ته هنن لفظن سان دعائون ڪرڻ گهرجن:
    *’’أعُوذُ بِاللہِ مِنْ جَهْدِ البلاءِ، ودَرَكِ الشَّقاءِ، وَسُوءِ القضاءِ، وشَماتَةِ الأَعدَاءِ‘‘.*

    4⃣ *گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت دعائن جي پابندي ڪرڻ*

    نبي ڪريم ﷺ فرمايو ته جڏھن پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري ته هيءَ دعا پڙھي :
    *’’بِسْمِ اللَّهِ، تَوكَّلْتُ على اللَّهِ، لا حوْلَ ولا قُوَّةَ إِلا بِاللَّهِ‘‘۔*
    الله جو نالو وٺي گهران نڪران ٿو ، الله تي ڀروسو ڪيان ٿو ڪنهن شرارت ۽ برائي کان بچڻ ، ۽ نيڪي ۽ ڪاميابي حاصل ڪرڻ الله تعاليٰ جي مدد کان سواءِ ممڪن ئي ناهي.
    جڏھن ماڻھو اها دعا پڙھي ٿو ته کيس چيو وڃي ٿو ته : توکي هدايت ملي ويئي ، ۽ تنهنجي ڪفايت ڪئي وئي ۽ توکي (هر وبا ۽ بلا کان) بچايو ويو ، ۽ شيطان ان کان پري ٿي وڃي ٿو ۽ ٻيو شيطان ان کي چوي ٿو ته هاڻي اهڙي ماڻھو تي تنهنجو وس نه هلي سگهندو جنهن کي هدايت ڏني وئي ڪفايت ڪئي وئي ۽ ان کي بچايو ويو . [سنن أبي داود: ۵۰٧٤، سنن الترمذي: ۳۷۲۷]

    5⃣ *هر وقت صبح ۽ شام الله تعاليٰ کان عافيت گهرندا رهو.*

    رسول اللہ ﷺ جن صبح ۽ شام جي وقت هيءَ دعا پڙھڻ ڪڏھن به نه ڇڏيندا هئا :
    ◄ *’’اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ العافِيَةَ في الدُّنيا والآخِرَةِ، اللَّهُمَّ إِنِّي أَسْأَلُكَ العَفْوَ والعافِيَةَ في دِيني ودُنْيايَ وأَهْلِي ومالِي، اللَّهُمَّ اسْتُرْ عَوْراتِي، وآمِنْ رَوْعاتِي، اللَّهُمَّ احْفَظْنِي مِنْ بَيْنِ يَدَيَّ، ومِنْ خَلْفِي، وعَنْ يَمِينِي، وعَنْ شِمالِي، ومِنْ فَوْقِي، وأَعُوذُ بِعَظَمَتِكَ أَنْ أُغْتالَ مِنْ تَحْتِي‘‘۔*
    اي منهنجا الله آئون توکان دنيا ۽ آخرت ۾ هر طرح جي آرام راحت ۽ سڪون جو سوال ڪيان ٿو ، ۽ الله آئون توکان معافي درگذر ۽ (هر وبا ۽ بلا کان) عافيت يعني ڇوٽڪاري جو طلبگار آھيان ته منهنجي دين ، دنيا ، اهل عيال ۽ مال ملڪيت ۾ عافيت عطا فرماءِ، منهنجا عيب لڪائي ڇڏ ۽ انديشن ۽ خطرن کان امن امان عطا فرماءِ ، اي الله منهنجي اڳيان پٺيان سڄي کاٻي ۽ مٿان کان منهنجي حفاظت فرماءِ ۽ آئون تنهنجي عظمت جي واسطي سان ان کان پناھ گهران ٿو ته پنهنجي هيٺان هلاڪ ڪيو وڃان ، يا زمين ۾ ڳِھايو وڃان . [سنن أبي داود: ۵۰۷٤، مسند أحمد: ٤۷۸۵]

    6⃣ *دعائن جو تمام گهڻو اهتمام ۽ فضيلت*

    رسول اللہ ﷺ جن فرمايو:
    إِنَّ الدُّعاءَ يَنْفَعُ مِمَّا نَزَلَ ومِمَّا لمْ يَنْزِلْ، فَعَلَيكُم عِبادَ اللهِ بالدُّعاءِ.
    دعا هر ان مصيبت ۾ فائدو ڏئي ٿي جيڪا نازل ٿي چڪي هجي ۽ هر ان بلا کان به محفوظ رکي ٿي جيڪا اڃان نازل نه ٿي هجي ته پوءِ اي الله جا ٻانهؤ دعائون گهڻيون گهرندا رهو . [سنن الترمذي: ۳۵٤۸ - حسنہ الألباني]

    7⃣ *وبائي بيمارين جي باري ۾ ڪجھ ضروري طبي احتياط ۽ تدبيرون شريعت جي نظر ۾ .*

    (1) *وبا وارن جاين تي وڃڻ کان بچو*

    رسول اللہ ﷺ جن فرمايو جنهن جڳھ تي وبا پکڙجي ته اوڏانهن نه وڃو ۽ جيڪڏھن توهان پهرين کان اتي موجود هجو ته وبا جي خوف کان اتان کان نه نڪرو . [صحیح البخاري: ٦۹۷۳، صحیح مسلم: ۲۲۱۹]

    *(2) ميل جول ۽ مصافحو بند ڪرڻ*

    نبي ڪريم ﷺ فرمايو: لا يُورِدُ المُمْرِضُ على المُصِحِّ.
    يعني ڪنهن بيمار کي صحتمند وٽ نه آڻيو . [صحیح البخاري: ۵۷۷٤، صحیح مسلم: ۲۲۲۱]

    ثقيف واري وفد ۾ هڪ ڪوڙھ جو مريض ماڻھو به هيو نبي ڪريم
    ﷺ کي جڏھن ان جو اطلاع ڏنو ويو ۽ ملاقات ڪري بيعت ڪرڻ جي خواهش جو اظھار ڪيو ويو ته پاڻ ﷺ ان سان نه ملاقات ڪيائون ۽ نه ئي مصافحو ڪيائون بلڪه ان ڏانهن پيغام موڪليائون ته ٺيڪ آھي اسان تنهنجي زباني بيعت قبول ڪئي تون واپس موٽي وڃ . (صحيح مسلم :2231 ، نسائي . مسند احمد)

    نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: ته ڪابه بيماري (ذاتي طور پنهنجي مرضي سان) متعدي نه ٿي ٿئي (جو الله جي مرضي کان سواءِ هڪ مان ٻئي کي لڳي وڃي) ... ۽ ڪوڙھ جي مريض کان ايئن ڀڄو جيئن شينهن کان ڀڄو ٿا(يعني ان سان ملاقات ۽ مصافحو نه ڪيو) (صحيح بخاري: 5707)

    نوٽ: اها روايت جنهن ۾ آھي ته نبي ڪريم ﷺ جن ڪوڙھ جي بيمار کي پاڻ سان گڏ هڪ ئي پليٽ ۾ ھٿ وجهرايو ۽ کاڌو کارايو ۽ فرمايو ته بسم الله ڪري الله تي ڀروسو ۽ توڪل ڪندي کاءُ ، راوي مفضل بن فضاله جي ضعف جي ڪري ضعيف آھي (انوارالصحيفة . ابوداؤد: 3925)

    *(3)وباء جي دور ۾ گهرن ۾ بند رهڻ ۽ شھادت جو درجو ماڻڻ*

    نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: طاعون جي وبا الله تعاليٰ جو عذاب آھي جو جنهن تي وڻيس ان تي نازل ڪري ٿو پر مومنن لاءِ ان کي به رحمت بڻائي ڇڏيو اٿس اهڙي طرح جو جنهن جڳھ تي طاعون پکڙجي وڃي ۽ مومن ماڻھو صبر ڪندي ، الله تعاليٰ کان ثواب جي اميد رکندي ۽ اهو عقيدو رکندي پنهنجي گهر ۾ ويهي رهي ته کيس بس اوتري ئي تڪليف پهچي سگهي ٿي جيتري الله تعاليٰ سندس قسمت ۾ لکي هوندي ته الله تعاليٰ ان لاءِ شھيد جو درجو لکي ڇڏي ٿو . (مسند احمد: 26139 ، قال الارناؤط: إسناده صحيح على شرط البخاري.)
    حافظ ابن حجر رحمه الله فرمائين ٿا ته هيءَ حديث ان ڳالھ تي دلالت ڪري ٿي ته : ان وبا جي دور ۾ جيڪو ماڻھو صرف اهي صفتون اختيار ڪري صبر ڪري ته کيس شھادت جو درجو ملندو جيتوڻيڪ کيس(ان بيماري ۾) موت نه به اچي ... ( فتح الباري: ج 10 ص 194، تحت حديث : 5734)

    ⭐ هن حديٽ مان اهو پڻ ثابت ٿيو ته صحتمند ماڻھن جو به وبائي بيمارين جي وقت پنهنجي گهرن ۾ رهڻ ۽ بغير ڪنهن لازمي ضرورت جي ٻاهر نه نڪرڻ ڪيتري قدر ضروري آھي ۽ ان ۾ ڪيڏو وڏو ثواب پڻ آھي.
    قارئين ڪرام هنن حديثن مان اها ڳالھ بلڪل واضح ٿي ته وبائي بيمارين واري دور ۾ اسان کي دين تي عمل ڪندي ۽ الله تعاليٰ سان مضبوط تعلق قائم ڪندي ۽ ان تي ڀرپور توڪل ڪندي سخت احتياطي تدبيرن جي پڻ ضرورت آهي ۽ رسول الله جو پڻ اهو ئي فيصلو آھي ته: اسان جي ڪنهن طرز عمل سان نه اسان کي تڪليف رسي ۽ نه ئي ٻين کي نقصان پهچي : لَا ضَرَرَ وَلَا ضِرَارَ. (سنن ابن ماجة: 2340)

    يقينا ھر مسلمان لاءِ اها ڳالھ وڏي تڪليف جو باعث آھي جو اڄ اسان جون مسجدون به جمعي ۽ جماعت لاءِ بند آھن پر ان کي شريعت جي خلاف قرار نه ٿو ڏئي سگهجي ڇو ته ان جو مقصد صرف مسلمانن کي ڪرونا واري خطرناڪ وبا کان بچائڻ آھي شريعت ۾ جڏھن مينهن برسات ، سختي سردي ، طوفاني صورتحال ۾ نه صرف گهرن ۾ نماز پڙھڻ جي اجازت آھي بلڪه اذان ۾ باقائده اهو اعلان ڪرڻ جو حڪم پڻ آھي ته :أَلَا صَلُّوا فِي الرِّحَالِ . يعني نمازون پنهنجي گهرن ۾ ئي پڙھو . ( صحيح بخاري: 632)
    ته پوءِ ڪرونا واري هيءَ بيماري انهن عذرن کان ته گهڻي خطرناڪ آھي .

    8⃣ *نيڪي ۽ ڀلائي جا ڪم ڪرڻ وبائن کان بچڻ جو زبردست ذريعو*

    رسول اللہ ﷺ جن فرمايو : صنائعُ المعرُوفِ تقي مَصارِعَ السُّوءِ، والآفاتِ، والهَلَكَاتِ، وأَهْلُ المعرُوفِ في الدُّنيا هُمْ أَهلُ المعرُوفِ في الآخِرَةِ .
    ڀلائي ۽ نيڪي جا ڪم ماڻھو کي بري انجام ، هلاڪتن ۽ آفتن کان بچائين ٿا ، ۽ جيڪي ماڻھو دنيا ۾ ڀلا ۽ نيڪ هوندا اهڙن ئي ماڻھن جو آخرت جو انجام پڻ ڀلو ٿيندو.
    [مستدرک الحاکم: ٤۲۹]

    ▪ امام ابن القیم رحمه اللہ لکن ٿا ته: هر بيماري جو سڀ کان وڏو علاج ۽ نسخو اهو آھي ته وڌ کان وڌ نيڪي ۽ ڀلائي جا ڪم ڪيا وڃن ، ذڪر اذڪار خشوع خضوع الله تعاليٰ لاءِ عاجزي نياز ۽ نوڙت سان گڙگڙائيندي توبھ زاري ڪئي وڃي ڇو ته انهن ڪمن جو بيماري کي دور ڪرڻ ۽ شفاء جي حاصلات ۾ وڏو دخل ۽ مضبوط اثر آھي. ۽ جيتري قدر عقيدو يقين ۽ اعتماد وڌيڪ هوندو ته فائدو به اوترو ئي وڌيڪ ٿيندو . [زاد المعاد: ٤؍ ۱۳۲]

    قارئين ڪرام اڄ ڪلھ ملڪ ۾ لاڪ ڊاؤن واري جيڪا صورتحال آھي ان مان ڏھاڙي ڪمائي گذر ڪندڙ مزدور طبقو شديد متاثر ٿيو آھي ضروري آھي ته سندن سار سنڀال لڌي وڃي اهڙي طرح اهڙو سفيد پوش طبقو جيڪو ڪنهن جي آڏو هٿ به نه ٿو ٽنگي سگهي ۽ نه ئي امدادي لسٽن ۾ نالا ٿو لکرائي سگهي اهڙن ماڻھن جي خبر گيري ڪرڻ سروندي وارن مسلمانن جو فرض آھي اهڙا ماڻھو مسڪينن جي زمري ۾ اچن ٿا جن تي خرچ ڪرڻ جهاد في سبيل الله جي برابر آھي رسول الله ﷺ جن جو فرمان آھي ته بيواهن يتيمن ۽ مسڪينن تي خرچ ڪرڻ وارو مجاهد في سبيل الله وانگر آھي يا ڏينهن جو مسلسل روزا رکندڙ ۽ رات جو قيام ڪندڙ جي برابر ثواب جو حقدار آھي .(صحيح بخاري: 5353)


    9⃣ *قيام الليل يعني تهجد جي نماز جي پابندي.*

    رسول اللہ ﷺ جن فرمايو: انسانؤ توهان رات واري قيام يعني تهجد نماز جي پابندي ڪريو اها توهان کان اڳ نيڪ ماڻھن جو به اهو ئي طريقو هيو جو اهي به تهجد جي پابندي ڪندا هئا ڇو ته تهجد الله تعاليٰ جي قرب ۽ ويجهڙائي جو خاص ذريعو گناهن جي معافي ۽ برائين کان روڪڻ جو ذريعو پڻ آھي (۽ جسم مان بيمارين کي ڀڄائڻ جو طريقو به آھي). [سنن الترمذي: ۳۵٤۹، صحیح ابن خزیمۃ: ۱۱۳۵]

    *کاڌي پيتي جا برتن ۽ ٿانوَ ٺڪر ڍڪي رکڻ*

    نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو: برتن ڍَڪي رکو مشڪيزن (مَٽن دِلن نادين ۽ ٽانڪين) جا منهن ٻڌي ڇڏيو ڇو ته سال ۾ هڪ رات اھڙي ايندي آھي جنهن ۾ وبا نازل ٿيندي آھي پوءِ جيڪي برتن ڍڪيل نه هوندا ته اها وبا انهن ۾ داخل ٿي وڃي ٿي.( ظاهر آھي ته پوءِ جيڪو اهي ٿانو استعمال ڪندو يا انهن مان کائندو پيئندو ته اهو وبائي بيمارين جو شڪار ٿي ويندو). [صحیح مسلم: ۲۰۱٤]

    •┈┈┈••⊰✵✵⊱••┈┈┈•
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو