قدم جي دلبر (غزل) حڪيم دين محمد ”اڪرم” ٻورڙائي

۱- قـدم جـي دلــبر چمــن ۾ رکــيو چمــن ۾ گـلـــڙا ٽـــڙيــا تـه هـونــدا
جــا راه دلــبر وٺــي ٿــي آيــو اتــي بــه مــاڻـهـون مــڙيــا تــه هــونــدا

۲- هو محب مٺڙو ڪڏهن به ڀلجي نه اچڻو وڃڻو اڱڻ اسانجي

اڱـڻ اسانجي ڏسي ته هن ڪي دل ئي دل ۾ سڙياته هوندا

۳- پيارواري پرين سان پنهنجون ڏسي رهاڻيون ته روح واريون

ڏسي ڏسي سي ته نيٺ ٿڪجي ڪتي ٽيڙو ٽڙياته هوندا

۴- نـه تـون ئـي آئـين نـه آيـو قـاصد گـذر ٿي وئـي شب فـراق جـي آ

ڏسي تـه تـنها پنهنجي گھر ۾ ڪي اڀ ۾ تارا کڙيا ته هوندا

۵ سـدا اوهـانـکـي پـيو سـنـڀالـي گـھڙي اوهان کان جدا نه جاني

سڪي ته سڪ۾سڄڻ جي اڪرم اکين مان ڳوڙها ڳڙياته هوندا
 
Back
Top