• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي، لاڪ ڊائون ۽ لاڏائو قبيلو

معصوم سنڌي

سينيئر رڪن
هيءَ عورت گلشن اقبال جي گيلاني ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ ٺهيل ڪکائين گهر ۾ پنهنجي ٻچڙن سميت رهي ٿي. ڪجهه مهينا اڳ ڪراچي سرڪلر ريلوي جي بحالي لاءِ هن جي ڪکائين گهر کي غيرقانوني ڄاڻائي ڊاهڻ جو نوتيس ڏنو ويو ته مٿان وري ڪورونا وائرس اچي پکڙيو، جنهن جي نتيجي ۾ سرڪار نامدار سڀ ڪم ڇڏي سڄي سنڌ کي لاڪ ڊائون ڪرڻ جو حڪم صادر ڪيو. ايئن سنڌ جو راڄڌاني به لاڪ ڊائون جي لپيٽ ۾ اچي ويو. لاڪ دائون سبب هن عورت جو ور ۽ ٻيا مرد بيروزگار ٿي گهرن ۾ ويهي رهيا آهن.

b7XkYIX.jpg

روشنين جي شهر ۾ رڌ پچاءَ لاءِ هن جپسي عورت جي ڪکائين گهر ۾ گئس جي سهولت ناهي، ان ڪري ٻن ٻچڙن کي ساڻ ڪري جهنگ مان ڪاٺيون ڪري واپس موٽي رهي آهي.
هن جهڙيون انيڪ جپسي عورتون آهن، جن کي اڻڀن وارن وارا ٻارڙا به هوندا، جيڪي نفرتن جي نٽهڻ اس ۾ اڄ به بيٺل آهن.
 
Back
Top