گانڌي پاڪستان خاطر قتل ٿيو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2020۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    2 جنوري 1948ع تي ڀارتي حڪومت پاڪستان کي سندس حصي جا 55 ڪروڙ رپيا ۽ فوجي سامان ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
    ان تي گانڌي پاڪستان جي حق ۾ بک هڙتال ڪئي ، جنهن تي ڀارتي حڪومت 16 جنوري تي پاڪستان کي 55 ڪروڙ رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي.
    گانڌي جي ان “ڏوهه” سبب هڪ انتهاپسند 30 جنوري تي کيس قتل ڪري ڇڏيو.
    ٻي ڏينهن پاڪستان ۾ سوڳ ملهايو ويو، سموريون آفيسز بند رهيون ۽ ملڪ جو جهنڊو نويل رهيو.
    جناح چيو ته “گانڌي انهن عظيم ترين ماڻهن مان هڪ هو، جيڪي هندن پيدا ڪيا.
    اهڙي ريت ان سان سان سلهڙيل هڪ ٻيو واقعو به گانڌيءَ جي قتل جو سبب بڻيو.
    سهرورديءَ گانڌيءَ کي ورهاڱي وقت بنگال وٺي ويو ته بنگالي مسلمانن کي هندن جي نفرت کان بچايو وڃي.اهو ئي سبب آهي جو بنگال قتل غارت کان محفوظ رهيو.
    جڏهن گانڌي واپس دهلي آيو ته دهلي مسلمانن جي رت ۾ ٻڏل هو.
    گانڌيءَ دهلي مان رتوڇاڻ بند ڪرائي، اڃا منصوبو ٺاهي رهيو هو ته ڀارت مان هندن جو وڏو جٿو وٺي واپس ماڊل ٽائون لاهور ۾ آباد ڪري ۽ اتان مسلمانن جو هڪ لشڪر ڪاهي انهن کي پنهنجي اباڻن گهرن ۾ پهچائي.
    گادي جي دوري جو انتظام ڪرڻ لاءِ سهروردي جنوري 1948ع جي پچاڙيءَ ۾ لاهور به آيو ۽ ٻه ڏينهن قيام ڪيو، ان دوران ارباب اختيارين سان ملاقاتون به ڪيون ۽ هڪ جلسي کي خطاب به ڪيو.
    [​IMG]
    هن جي وڃڻ کان ٻن ٽن ڏينهن بعد گانڌي کي قتل ڪيو ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو