شعور، تحت الشعور ۽ لاشعور جو علم

'سائنس، علم ۽ رسالا' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2020۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    668
    ورتل پسنديدگيون:
    1,767
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    نفسيات ۾ ذهن جا ٽي ڀاڱا بيان ڪيا وڃن ٿا، انهن ٽن حصن کي شعور، تحت الشعور۽ لاشعور جو نالو ڏنو وڃي ٿو.
    شعور کي انگريزي ۾ Conscious چئجي ٿو، شعور مان مراد آگهي، ڄاڻ ۽ پروڙ آهي، شعور جو تعلق اسدان جي زندگي ۾ پيش ايندڙ سمورن عملن سان آهي ، جن کان اسين پوري طرح ۽ شعوري سطح تي واقف هوندا آهيون.
    ڊڪشنري ۾ شعور جي هيئن ڄانايل آهي
    (1) “Conscious: adj awake هوش ۾
    (2) aware آگاهه، واقف
    (3) Cof actions, feelings, etc) Realized by oneself سوچي سمجهيact with conscious superiority”
    (1) شعور ۽ شعور جي روشني اصل ۾ نفسيات جي تابع ٿي فرد جي فعل، عمل، قول ۽ ڪردار تي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح اثر انداز ٿيو وڃن ٿا ۽ ايئن ڏٺو وڃي ته فرد شعور جي ئي تابع ٿي شخصيت ۽ شخصيت جي مڙني لقائن کي هٿي ڏيندو رهندو آهي ۽ اهو نفسياتي پهلو زندگي جي هر مرحلي ۽ هر درجي تي اثرانداز ٿيندا رهنندا آهن
    فري برگ لوئس لکي ٿو:
    “Conscious refers to your individual awareness of your unique thought, memories feeling, sensations and environment
    (2) نفسيات جي جديد تصور ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت جي حامل شعور جي رو آهي، جنهن کي آمريڪي ماهر نفسيات وليم جيمز متعارف ڪرايو. هن Stream of consciousness جو اصطلاح متعارف ڪرايو
    شعور جي رو موجب انساني دماغ ۾ بي ترتيب سوچون تسلسل سان اڀرن ٿيون، انهن جي وچ ۾ ظاهري طور تي ڪو منطقي ربط ناهي هوندو پر گذريل لمحن جو يادون، حال جا احساس ۽ مستقبل بابت اميدون ۽ خدشا انساني دماغ جي آڙ ۾ اڳيان ايندا رهندا آهن.
    هڪ نفسياتي ماهر موجب شعور ڪنهن تعلق جو سهارو وٺي مستقبل کان حال يا ماضي ۾ ۽ ماضي کان حال يا مستقبل ۾ وڃي نڪري ٿو.
    ڪنهن واقعي سان ذهن ڪنهن شئي يا هنڌ جو رخ ڪري ٿو ۽ واقعو شعور ۾ داخل ٿئي ٿو.اهڙي طرح شعور جي رو بنا رڪڻ ۽ ڪنهن واضح منطقي ربط جي ضرورت جي لحاظ بنا اڻڄاڻايل مدي تائين هلندو رهي ٿو.
    (3) نفسيات ۾ شعور جي رو کي هڪ برقي رو يا ڪرنٽ جي حيثيت حاصل آهي، جيڪي ڪنهن رنڊڪ بنا مسلسل جاري رهي ٿو ۽ اهو نه رڪندڙ عمل ٻاروتڻ کان حياتي جي انت تائين جاري رهي ٿو.
    لاشعور: لاشعور سگمنڊ فرائيڊ جو ظاهر ڪيل اصطلاح آهي. فرائڊ اهو نظريو پيش ڪري ٿو ته لاشعور انسان جي نفس جو اهو خود غرض، اخلاق دشمن ۽ غيرمعقول حصو آهي، جنهن بابت سڌي ريت آگهي ممڪن ناهي.
    انسان وحشياڻي خواهش ۽ غير مهذب امنگون رکي ٿو، لاشعور کي انهن خواهشن جو مرڪز چيو ويو آهي پر هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته معاشرو ضابطن ۽ اخلاقي قانون جو پابند آهي، اهڙي معاشري ۾ اهڙي خواهشن کي برداشت نه ڪيو ويندو آهي.
    هڪ ماهر موجب هي لاشعوري خواهشون پنهنجي نوعيت جي اعتبار کان حيواني (جنسي) ۽ پنهنجي رويي جي اعتبار کان سخت خودغرض هونديون آهن، ان ڪري اهي هر وقت پنهنجي تسڪين لاءِ موقعا ڳولينديون رهنديون آهن.هو شعور جي سطح تي اڀرڻ گهرنديون آهن، پر اخلاقي ضابطن جو خيال ۽ معاشرتي قدرن جو احساس ان کي ايئن ڪرڻ کان روڪي ٿو، ان ڪري هو پنهنجي تسڪين لاءِ ڪجهه ثانوي ذريعا ڳولي وٺنديون آهن.
    (4) لاشعور جو نظريو بيان ڪرڻ دوران ان ڳالهه کي واضح ڪرڻ ضروري آهي ته فرائڊ کان اڳ ۽ پوءِ وارا نفسياتي ماهرن لاشعور کي اصطلاح طور استعمال ڪندا رهيا آهن ۽ انهن سمورن نفسياتي ماهرن لاشعور جي نظريي کي پنهنجي مفهوم موجب بيان ڪيو. هنن موجب انسان ۾ موجود وحشياڻي خواهشن کي جڏهن مروج معاشري ۾ تسڪين حاصل نه ٿيندي آهي ته اهي خواهشون اهڙي طرح ويس بدلي ظاهر ٿينديون آهن ته ڪڏهن ڪڏهن انهن کي سڃاڻڻ هڪ عام ماڻهو لاءِ مشڪل ٿي وڃي ٿو. لاشعور رڳو اڌوري ۽ اڻ مڪمل خواهشن جو مسڪن ئي ناهي هوندو پر اهي صلاحيتون جيڪي اوسر نه وٺي سگهنديون آهن، اتي ئي موجود رهنديون آهن.
    فرائيڊ پهريون ڀيرو لاشعور جي تصور جي نفسياتي اصولن موجب تفهيم ئي نه ڪئي پر لاشعور ۾ دٻيل خواهشن جو جنسي پسمنظر به تلاش ڪيو.
    (5) فرائيڊ ٻين نفسياتي ماهرن جي ڀيٽ ۾ لاشعور جي نفسياتي تجزيي سان وابستا ڪري پيش ڪيو. نفسيات ۾ شعور، لاشعور، تحت الشعور ۽ نفيستي تجزيي جو بغور مطالعو ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي روشنيءَ ۾ شخصيت جو جائزو وٺڻ آسان ٿي ويندو آهي.
    نفسياتي تجزيي مان مراد اها آهي ته انسان جي ذهني محرڪن جو مشاهدو ان جي روزمره جي عمل مطابق ڪيو وڃي.
    فرائيڊ جو لاشعور نظريو ان جي علاج جي طريقي نفسياتي سان آهي.Hedric lves پنهنجي مشهور ڪتاب Facts and theories of psycho analysis جي شروعات هيئن ڪئي آهي
    “نفسياتي تجزيو شخصيت ۽ ذهن جي لاشعوري ڪارڪردگي جي ان سائنس جو نالو آهي، جنهن کي سگمنڊ فرائيڊ ۽ ان جي شاگردن جي ٽن نسلن هٿي ڏني”
    (6) پرياتابيتا موجب مشهور نفسياتي ماهر سگمنڊ فرائيڊ جي نظرين کي ڪلاسيڪل نفسياتي تجزيو چيو وڃي ٿو . فرائيڊ جي نفسياتي تجزيي جي طريقيڪار ذريعي لاشعور کي سائنسي بنيادن تي نه رڳو پاڻ سولو سمجهيو پر سمجهائي به ڇڏيو.فرائيڊ هڪ سائنسدان جيان ان کي ڪلينڪ جي شئي ٺاهي عملي زندگي سان ان جو رشتو جوڙي ڇڏيو.
    (7) نفسياتي تجزيو هڪ ڀرپور ۽ ڊگهي وقت جو علاج جو طريقو آهي. نفسياتي تجزيي جي ذريعي اهڙا ماڻهو جيڪي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ هوندا آهن ، انهن جي لاشعوري محرڪن جي نه رڳو کوج لڳائي وڃي ٿي پر ان لاشعوري محرڪن کي ننڍپڻ جي قبوليت جوڳي ناآسوده خواهشن سان جوڙي تجزيو ڪيو وڃي ٿو .
    هڪ ماهر چواڻي “نفسياتي تجزيي جو بنيادي اصول اهو آهي ته لاشعوري خواهشون جيڪي مونجهاري جو ڪارڻ هونديون آهن، انهن کي اڀاري شعور ۾ آندو وڃي ۽ جيڪي خواهشون شعور جي سطح تي اچيو وڃن ان جي نوعيت کي سمجهيو وڃي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته مريض جي اندر ڪهڙي قسم ۽ ڪهڙي شدت جو اظهار ۽ مزاحمتون موجود آهن”.
    (8) ذهني مريض جي سلسلي ۾ تحليل نفسي کي ان ڪري به اهميت حاصل ٿي وئي آهي ته جو هن سان نه رڳو مرض جي تشخيص ٿئي ٿي پر ان مرض جي سببن جو تعين به هوندو آهي.ان ڪري جديد تحقيق عالمي دنيا ۾ هن کي هڪ سائنسي عمل بڻائي ڇڏيو آهي.فرائيڊ جي نظريي تحليل نفسي نفسياتي علم تي اهڙا گهرا اثر ڇڏيا آهن جو تحليل نفسي کي پهرين قوت (st Force1) جو نالو ڏنو وڃي ٿو فرائيڊ تحليل نفسي کان سواءِ ٻيا ڪيترائي منفرد نظريا پيش ڪيا.جن ۾ خوابن جو نظريو، نظريه حسن، لبيڊو libido جهڙا نظريا قابل ذڪر آهن. فرائيڊ پنهنجي نظرين جي وضاحت لاءِ نوان تصور پيش ڪيا
    تحت لشعور: نفسيات ۾شعور، لاشعور ۽ تحليل نفسي سان گڏوگڏ تحت الشعور جو نالو به کنيو وڃي ٿو.تحت الشعور کي جديد نفسيات ۾ گهڻو وڌيڪ بحٿ هيٺ آندو وڃي پيو ۽ هن جي مطالعي کي وقعت ڏني پئي وڃي.تحت الشعور شعور ۽ لاشعور جي وچين منزل کي چيو وڃي ٿو.تحت الشعور اصل ۾ زوزمره جي معاملن جي تجربن جو نالو آهي جن جي ذريعي اسان کي آگاهي حاصل ٿيندي آهي
    لغت ۾ تحت اسلشعور جي معنيٰ ڪجهه هيئن درج آهي
    “تحت الشعور (ع-مرڪز) نفس جو اهو طبقو جنهن ۾ نفسي عمل واقع ٿئي ٿو، ڌيان ۽ مشاهدي کان ٻاهر هوندو آهي”
    (9) تحت الشعور کي اصل ۾ نفس جو هڪ حصو قرار ڏنو ويو آهي.نفساني عمل نفس جي ان حصي ۾ صورت پذيري جي عمل مان گذرندا رهندا آهن پر اهي ئي نفسياتي عمل ڌيان توڙي مشاهدي کان ٻاهر هوندا آهن. هي اهي عمل آهن، جن سان فرد پاڻ به آگاهه ناهي ٿيندو، هي عمل تحت الشعور جي اثر هيٺ اوسر وٺندا آهن.
    انساني ذهن هڪ وسيع طبقو آهي ۽ ان طبقي ۾ تحت الشعور اهو حصو آهي، جتي معلومات مواد جي شڪل ۾ گڏ ٿيندي رهندي آهي، جن کي فرد ڪڏهن به شعوري طور پرکيندو ۽ سوچيندو ناهي پر اڪثر تحت الشعور جي ذريعي لاحق ٿيندڙ فعل ۾ “اوچتو” جو تصور ضرور ڪارفرما هوندو آهي.
    انگريزي ڊڪشنري ۾ تحت الشعور جي معنيٰ لکيل آهي
    “Adjective (before Noun) the parts of your mind that notices and remembers information when you are not activity trying to do so, and influences your behavior even through you do not realize it.”
    فرائيڊ جو خيال آهي ته انساني ذهن ٽن حصن تي ٻڌل آهي شعور، لاشعور۽ تحت الشعور، هن وقت اسان جن ڳالهين کان آگاهه آهيون، ان کي شعور چيو وڃي ٿو جڏهن ته تحت الشعور اهڙن خيالن تي ٻڌل آهي، جنهن سان اوهان ايستائين آگاهه ناهيو پر ٿورڙي ڪوشش ڪندي ان کي شعور ۾آَڻي سگهجي ٿو. لاشعور انهن ڳالهين ۽ واقعن تي ٻڌل آهي، جيڪي فرد کي بلڪل ياد نه هوندا آهن ۽ جن کي هڪ خاص نفسياتي عمل ذريعي اخلاقي لحاظ کان ناقابل قبول خواهشون هئڻ سبب شعور کان خارج ڪري ڇڏين ٿيون. تڏهن اهي خواهشون لاشعور ۾ هلي وينديون آهن ۽ مختلف طريقن سان فرد جي ڪردار تي اثر انداز ٿي سگهن ٿيون.
    اجتماعي لاشعور: ڪارل يونگ، فرائيڊ جي ان نظريي سان اتفاق ڪري ٿو ته لاشعور فرد جي ڪردار جون راهون متعين ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو پر يونگ جي نظريي موجب لاشعور ۾ صرف جبري دٻايل خواهشون ئي موجود ناهن هونديون پر ان جي ويجهو لاشعور ۾ اسان جي اابن ڏاڏن ۽ انساني نسل جا بنيادي نقش به موجود هوندا آهن، هو اهڙي لاشعور کي اجتماعي شعور جو نالو ڏئي ٿو.
    يونگ شعوري انا مان مراد شعور وٺي ٿو، جيڪو شعوري يادن، خيالن، احساسن تي ٻڌل هوندو آهي ، اها ئي شعوري انا ماحول سان مطابقت پيدا ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري ٿي ۽ ذاتي لاشعور ۽ اجتماعي لاشعور جي وچ ۾ توازن پيدا ڪري ٿي، هن ۾ جيڪڏهن ڪو به اهڙو نظام غالب اچي وڃي ته شخصيت غيرمتوازن ٿي ويندي آهي.
    جهڙي طرح ورثي ۾ جسماني خصوصيت منتقل ٿيندي آهي اهڙي طرح تجربن، احساسن، رجحانن ۽ ان کان علاوه گهڻيون ئي نفسياتي خصوصيتون به نسل در نسل ورثي ۾ اڳيان منتقل ٿينديون رهن ٿيون ۽ اهي نسلي يا بنيادي يادداشتون سڏبيون آهن.يونگ ان کي اجتماعي لاشعور جو نالو ڏئي ٿو.اجتماعي لاشعور ۾ يادداشت ۽ ڪردار جا اهي نمونا موجود هوندا آهن، جيڪي اسان جي ابن ڏاڏن ۽ نسلن کان ورثي ۾ ملندو آهي.
    يونگ جي اجتماعي لاشعور جي تعريف Hendricks Ives هن ريت ڪري ٿو: “اهو نظريو جنهن موجب شخصيت جون گهڻيون خصوصيتون پنهنجي ابن ڏاڏن ۽ نسل کان ورثي ۾ حاصل ٿينديون آهن ۽ اهو ورثو هر فرد ۾ موجود هوندو آهي، جيئن ماءُ سان محبت ۽ ڪنهن سپريم قوت (الله) کي تسليم ڪرڻ”
    (10) يونگ اجتماعي لاشعور کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. هن موجب اجتماعي لاشعور جي پهرين حصي جو تعلق ذاتي لاشعور سان هوندو آهي يعني پهريون حصو ذاتي لاشعور جي بلڪل قريب هوندو آهي، ان جو تعلق ان لاشعوري محرڪ سان هوندو آهي جن تي هڪ حد تائين قابو ٿي سگهجي ٿو. اجتماعي لاشعور جي ٻئي حصي جو تعلق پهرين حصي کان متضاد يعني ان حصي کي سمجهڻ مشڪل هوندو آهي.
    يونگ جي هن نظريي مان ثابت ٿئي ٿو ته اجتماعي لاشعور شخصيت جي تعمير جو بنياد ڏئي ٿو ۽ هي هڪ نسل، قوم ۽ ملت جو اجتماعي لاشعور هوندو آهي، جيڪو هڪ جهڙو ٿيندو آهي يا ايئن چئي سگهجي ٿو ته گڏيل هوندو آهي.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو