ساجدہ جبين جي ڪهاڻي مجموعي "جذبن جھوريو جيءُ"تي هڪ نظر!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ساجدہ جبين جي ڪهاڻي مجموعي "جذبن جھوريو جيءُ"، تي هڪ نظر....!
    فقير محمد سنڌي.
    جذبن جو هي پورهيو آهي،
    پنهنجو هٿ هٿوڙو ناهي.
    ڪنهن ساڃاھ وند جو چوڻ آهي ته : "جنهن دل ۾ احساس ناهي، اها ان اونداهيءَ غار جيان آهي جو سج جي ڪرڻن کان وانجھيل آهي" اهڙن جذبن جو اظهار سانئڻ ساجدہ جبين پنهنجي ڪهاڻين ۾ ڪيو آهي. سانئڻ ساجدہ جبين کي پهريان ته مبارڪون آهن جو هي ڪهاڻين جو مجموعو ٻيو ڀيرو پبلش ٿيو آهي. جذبن جھوريو جيءُ ۽ 13 ڪهاڻيون آهن، سانئڻ ساجدہ جبين جي ڪهاڻين مون کي ڀرپور اتساھ بخشيو آهي.
    غلام مصطفي سولنگي اداري پاران لکي ٿو ته : ساجدہ جبين جون ڪهاڻيون سنڌي سماج جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿيون. ڪتاب جي پهرين ڇاپي جو ادارو ڊاڪٽر ظفر عباسيءَ لکيو آهي، لکي ٿو ته :نيو ٿنڪر فورم جو ڏهون ڪتاب سنڌ جي سڄاڻ ڪهاڻيڪاره ساجدہ جبين جي ڪهاڻين جي مجموعي جذبن جھوريو جيءُ، جي سري سان اوهان جي هٿن /نيڻن تائين پھتو آھي. ساجدہ به تمام گهڻي حساس آهي، معاشرتي انيا من کي جهنجهوڙي وجهن ٿا. ڪتاب جي ٻئين ڇاپي جو مهاڳ حميد سنڌي لکيو آهي، "جذبن جھوريو جيءُ" ۾ يقينن اهڙين ڪهاڻين کي جنم وٺڻو پوي ٿو، جيڪي سماج جي صورتحال ۽ ان ۾ ڀڃ ڊاهه جا اهم نشان آهن. پهرين ڇاپي جي جو مهاڳ، گل ڪونڌر لکيو آهي. "چاهتن جي سري" هيٺ لکيل ساجدہ جي ڪهاڻي به سنڌي سماج جي عڪاسي ڪندڙ آهي. ڪتاب جو امهاڳ، مشتاق بخاري لکيو آهي، ساجدہ جبين جي ڪهاڻي ۾ جيڪو مسئلو ليکڪا کنيو آهي، اهو اڄ ڪلھ ڪافي ماڻهن جو مسئلو آهي، هن جي ڪهاڻين جي ڪلائميڪس منهنجي اکين ۾ ڳوڙها آڻي ڇڏيا.
    شبانا سنڌي لکي ٿي ته :ساجدہ جبين نه صرف ڪهاڻيڪاره آهي پر تمام خوبصورت سٽون سرجيندڙ شاعره پڻ آهي. سال 1994ع کان هن پنهنجي لکڻ جي شروعات ڪئي ۽ شروعات ئي اهڙي شاندار نموني سان ڪئي جو تمام ٿورڙي وقت ۾ هن پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڪهاڻين ذريعي مڃرائي ورتو. ڪهاڻيڪاره سانئڻ ساجدہ جبين پنهنجي پاران لکي ٿي ته : ڪهاڻي ۽ شاعريءَ جو سفر ۽ فن اڻانگو آهي، ان لاءِ مان ڪابه هام نه ٿي هڻان ته مون ڪهاڻيون لکي سنڌي ادب کي هي ڪتاب ڏيئي ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو آهي يا ڪهاڻين سان انصاف ڪري سگھي آهيان.
    سانئڻ ساجدہ جبين جي ارپنا زندگيءَ لاءِ حقيقت جو سچ به آهي، ادب جي کيتر ۾ اتساھ جو سبب پڻ آهي، ادب ۾ ٿورا انسان آهن جيڪي اهڙو سچ لکي سگهن يا لکيا آهن. ارپنا آهي ته : ناليواري مصور ۽ ڪهاڻيڪار فتاح هاليپوٽي( شرجيل ) جي نالي ۽ سندن ڪتاب "پڻ ڇڻ کانپوءِ" جي نالي جنهن جي مطالعي کانپوءِ مون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي "بي نانءُ پيڙا" آهي. زندگيءَ ۾ اهڙا پساھ ۽ جيءَ هوندا آهن جن سان پنهنجي من جي ڳالھ ڪبي آهي، جئين جيءُهلڪو ۽ زندگيءَ جو رستو به آسان ٿي پوندو آهي. سانئڻ جي ڪهاڻيءَ جو آخري حصو،" پياري فهمي! تو ڇو اچڻ ڇڏي وئين....؟ ها....! مون کي بلڪل تنها ڇڏي وئين، بيمار ڏسي!!! اڄ توکي خوشخبري موڪليان پئي ٻڌندينءَ؟ ته ٻُڌ مون ڪالھ ئي ته ٻيھر بلڊ ٽيسٽ ڪرائي آهي، يقين نه اچئي ته خط سان اٽيج بلڊ رپورٽ پاڻ پڙهي وٺ ۽ هينئر جو هينئر هلي اچ. تنھنجي صبا - مون جلدي ۾ بلڊ ٽيسٽ رپورٽ پڙهڻ شروع ڪئي، جنھن ۾ بلڊ ڪينسر جو ڪٿي نالو نشان به نه هو. ڪهاڻي پڇتاءُ، جو پڇتاءُ وارو حصو اوهان جي نظر "هوءَ هلي وئي، خالي گھر ڄڻ کائڻ ٿي آيس، رنگن جي دٻن ۽ برشن مان به کيس هڪ عجيب قسم جو خوف ٿيندو هو. هو جيڪو ڪنهن هڪ وجود کي به برداشت نٿي ڪري سگهيو اڄ ماڻهن جي ميڙاڪي لاءِ واجھائي رهيو هو. هاڻي اڪثر هن کي اڪيلائپ جو شدت سان احساس ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو هو "هن آزاريندڙ لحمن ۾ ڪو ته ساٿي هجي ها جو زخمن تي مرهم رکي سگھي ها.... ۽ لڙڪن سان اکيون ڀرجي اينديون هيس، هاڻي احساس ٿيو هئس ته جيئڻ لاءِ سهارا ڪيترا ضروري آهن" محبت انسان لاءِ لطيف احساس آهي، اهڙا ئي احساس سانئڻ ساجدہ جبين ڪهاڻين ۾ مھارت سان پيش ڪيا آهن. ڪهاڻي "چاهتن جو قتل " جيون رڻ ۾" آس اجهاڻيل ديپ " مهراڻ" هڪ آس جيئاريندي ". شامل آهن. حضرت علي عليه السلام جو قول آهي ته : جنهن انسان ۾ جيتري وڌيڪ احساس ذميواري هوندي، اهو اوترو قيمتي هوندو.
    جذبن جھوريو جيءُ ڪهاڻي جو ڪجھ حصو، جيڪو ڪتاب جو ٽائيٽل به آهي: هُن روئي روئي اکيون سڄائي ڇڏيون هيون. گذريل ڏينهن کان ماني جو گرھ به نه کاڌو هيائين. هن پاڻ کي اڪيلي ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو هو. هوءَ سوچي ٿي "ڇا بابا هجي ها ته ادو ائين ڪري ها.....!؟ اهو اختيار ئي ڪٿي مليس ها جو پڙهائي کان روڪي ها....." هوءَ پنهنجو پاڻ سوال ڪري پنھنجو پاڻ جوابي ٿئي ٿي... انهيءَ ئي ڪيفيت ۾ ماءُ وٽ اچي ٿي. "امان.... امان...." جيءُ ڌيءَ چئُ! "ماءُ وراڻيس ٿي.
    " امان.... ادا کي چئو صرف امتحان ۾ ويھڻ ڏي...!" اداس لھجي ۾ ماءُ اڳيان ليلائيندي چوي ٿي.... ۽ ڏک جي شدت ڪري روئي ٿي پوي.... ڌيءَ جي اهڙي حالت ڏسي ماءُ جي اکين ۾ به لڙڪ اچي ويا.
    حساس طبيعت جا مالڪ دنيا ۾ ڪثرت سان موجود آهن، مزاحيه ۽ کل مک انسان به ٻين انسانن جي دل وندرائي ويٺا آهن، پر دنيا ۾ سورن جو به هڪ پاسو آهي جيڪو سڀني جي حصي ۾ اچي ٿو. اهڙو ئي پاسو سانئڻ ساجدہ جبين جي ڪهاڻين ۾ موجود آهي. جنهن ۾ "سوردنيا ساري" "جيون - پل صراط آهي ""ائين به ٿيندو آ "۽ وڇوڙو شامل آهن. ڪتاب جي 110 هين ورق تي سانئڻ ساجدہ جبين جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو پيش ٿيل آهي. سنڌ راڻي پبليڪيشن جي ڪتاب ڪهاڻين جي مجموعي جو بيڪ ٽائيٽل ناليواري براڊ ڪاسٽر، شاعر ۽محقق ڪوثر ٻرڙي لکيو آهي، لکي ٿو ته : ساجدہ جبين استاد بخاريءَ جي شاعريءَ جھڙي سليس، سادي ۽ سٻاجهي ڪهاڻيڪاره آهي حساس طبيعت ۽ منفرد شخصيت رکندڙ هن ڪهاڻيڪاره جي ڪهاڻين جا موضوع سماجي ۽ احساساتي آهن، کين لفظن کي استعمال ڪرڻ ۽ لکڻ جو جيڪو ڏانءُ آهي، اهو ساجدہ کي پنهنجي هم عمر ڪهاڻيڪارائن کان نرالي حيثيت جو مالڪ بڻائي ٿي .



    [​IMG]
     
    آخري ترميم: ‏20 اپريل 2020
    اعجاز علي ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو