OLX جي طرز تي ھڪ سنڌي ويبسائيٽ

'ويب سائيٽس' فورم ۾ وقاص منگي طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2020۔

  1. وقاص منگي

    وقاص منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    153
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    لاڙڪاڻو
    هڪ سنڌي نوجوان وقاص آزاد منگي جو ساراه جوڳو ڪم

    سنڌ جا نوجوان پنهنجي تخليقي صلاحيتن سبب دنيا جي ٽيلنٽ کان ڪنهن به ميدان ۾ گهٽ ناهن پوءِ اهو ميدان انٽرنيٽ جو ئي ڇو نه هجي اڄ مان جنهن نوجوان جو ان حوالي سان تعارف ڪرايان پئي اهوپڻ خدادا صلاحيتن جو مالڪ آهي تعلقي ميهڙ جي هڪ ننڍڙي پر تاريخي شهر ٿرڙي محبت سان تعلق رکندڙ با صلاحيت نوجوان وقاص آزاد منگي انٽر نيٽ جي دنيا ۾ او ايل ايڪس olx جي طرز تي دنيا جي پهرين سنڌي ويب سائيٽ
    www.onlinewapar.com
    آن لائين واپار جي نالي سان تيار ڪري سڄي دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي, نادرا ۾ جاب ڪندڙ هن نوجوان پنهنجي مصروف ترين ڪيريئر جي باوجود ٽن مهينن جي مختصر مدت ۾ محنت ۽ صلاحيت جي سنگم سان سنڌي ماڻهن لاءِ هي انمول تحفو تيار ڪري ورتو آهي‘ هن ويب سائيٽ ذريعي هاڻي اوهان پنهنجي گهر جو سامان نهايت ئي آساني سان کپائي يا خريد ڪري سگهو ٿا‘ اوليڪس جيان سيل ٿيندڙ ڪنهن به چيز جون تصويرون ڪڍي ۽ ان جون مختصر خاصيتون گهربل قيمت سميت سنڌيءَ ۾ لکي اپلوڊ ڪيو ۽ تمام جلد گراهڪ اوهان جي در تي‘ ان کان علاوه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ موبائيل فونز جو ڪاروبار ڪندڙ دوڪاندارن لاءِ پڻ پهريون ڀيرو هن ويب سائيٽ تي سهوليت رکي وئي آهي جنهن سان هو "پنهنجو دوڪان" نالي اڪائونٽ ٺاهي پنهنجي ڪاروبار بابت تفصيل رکي ڪاروبار وڌائي سگهن ٿا.

    * وقاص آزاد منگي سچ پچ ته ڪارنامو سرانجام ڏئي ڪري انٽرنيٽ جي دنيا ۾ هڪ نئون انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي‘ هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اسان جا ڀائر ۽ ڀينر هن انمول ڪم مان ڪيترو فائدو حاصل ڪن ٿا‘ اسين اهڙن روشن خيال ۽ کاهوڙي سوچ رکندڙ نوجوانن کي ٻنهي هٿن جو سلام پيش ڪندي دعاگو آهيون ته شال اسانجو هر نوجوان پنهنجي اهڙين خدادا صلاحيتن کي سنڌ امڙ ۽ ان جي ماروئڙن جي بهتري ۽ ڀلائي لاءِ استعمال ڪندو رهي جنهن ۾ اسان سڀني جو جياپو آهي.
    نمبر جي ضرورت هجي ته هي وقاص جو نمبر آ
    03455577736

    ايلسا بلوچ

    www.onlinewapar.com
     
    اعجاز علي ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ڪم

    اسان جي نوجوانن کي اي مارڪيٽنگ ۾ اڳتي اچڻو پوندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو