ننڍڙا فرشتا، پياريون پريون جو سرسري جائزو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    " ننڍڙا فرشتا، پياريون پريون" جو سرسري جائزو..!
    فقير محمد سنڌي.
    اي تون منھنجا پروردگار،
    تون ئي آهين پالڻهار.
    ٻنھي جهانن جي سردار حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جو فرمان عاليشان آهي ته :"ٻارن سان دوستي ۽ مهربانيءَ سان پيش اچو ۽ ساڻن ڪيل واعدي کي پورو ڪريو" ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ٻارڙاڻي ادب ۾ نظم جي صورت ۾ هيءُ ڏهون ڪتاب "ننڍڙا فرشتا پياريون پريون آهي. ڊاڪٽر ذوالفقار سيال طبيعتن کل مک وارو ۽ ٻاراڻي نظم جو سينگار شاعر آهي. جنهن پنهنجي مسلسل ڪوشش سان ٻاراڻي نظم تي طبع آزمائي ڪئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ ڊاڪٽر روشن گولاڻي لکيو آهي. پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو ته : مونکي" ننڍڙا فرشتا پياريو پريون" خاص طور پسند پيو آهي، اهو ان ڪري جو هن ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ شعر نوان مفھوم کڻي آيا آهن، ٻوليءَ سولي، سليس، سهنج سڀاءُ جي لڳي آهي، جا ٻال بلڪل سولائي پڙهي، دلي لطف پائي سگھن ٿا. خود توهان پڙهي امين ٿيو ته بھتر، هن ڪتاب ۾ ڪل 35 شعر آهن، جن مان هي مثال آهي ته :
    علم ته آهي هيرن کاڻ،
    پڙهي پرائي پاڻ سڃاڻ.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ننڍڙي ذهن سان سمجھاڻيءَ واري ڪلام آساني سان ڪرڻ ڄاڻي ٿو. تلقين کي به آساني سان پيش ڪرڻ ۾ مھارت رکي ٿو.
    جهرڪي نظم ۾ لکي ٿو ته :
    سھڻي سھڻي مار نه جهرڪي،
    پياري آهي اڏار نه جهرڪي.
    تنھنجي آھي گليل غضب جي،
    ڳوڙهو ماري کار نه جهرڪي.
    سڀني کي هت مرڻو آهي،
    پر تون منهنجي مار نه جهرڪي.
    سنڌ جي ناليواري لکيڪ تاج جويي، ڪتاب تي پنهنجي راءِ قائم ڪئي آهي ته : ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جديد شاعريءَ ۾ پنهنجو هڪ مقام رکي ٿو سندس شاعري، زندگيءَ جي شاعري آهي پر هُن جي هڪ اهم سڃاڻپ ٻارن جي شاعري آهي. شايد سنڌ ۽ هند ۾ هي پهريون شاعر آهي، جنھن جا ٻار لاءِ شاعريءَ جا وڌ ۾وڌ 10مجموعا ڇپيا آهن ۽ اُهي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جا صرف شاعريءَ جا مجموعا آهن. ڪتاب جي ارپنا، ڪتاب نالي ٿيل آهي، محمد اردشر فهد، محمد احمد اعتزاز، دانيال، محمد اسوان فهد. سمبارا پبليڪيشن جي 189هين ڪتاب جو ادارو ساجد سنڌيءَ لکيو آهي. شاعراڻا خيال نه فقط ٻارڙن جي دلچسپي جو سامان مھيا ڪن ٿا، پرڄاڻ سان ڀرپور رچاءَ سان به سرشار ڀاسن ٿا. ڪتاب جي خالق ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به پنهنجي مَنَ جي اور ڪئي آهي. لکي ٿو ته :ڪي گروهي بغض ۾ ته وري ڪي ڪريڊٽ نه ڏيڻ کي پنهنجي ايمان جو حصو سمجهن ٿا پر مان پنهنجي ٻارن ۽ ٻاراڻي ادب لاءِ جاکوڙيندو رهندس، مونکي ڪنهن انعام جي ضرورت ناهي. مان به ان سوچ جو ڪاهل آهيان ۽ ٿيئڻ به ائين گهرجي. محبت ۽ پيار ۾ انعام اڪرام جي ڪهڙي ضرورت، اهڙي ئي من مان صرف سچائي جنم وٺندي آهي.
    علم ڪڏهن نه دوکو ڏئي ٿو،
    سچ جو آهي هي اهڃاڻ.
    ***
    علم ڪري ٿو روشن جڳ کي،
    ڪينو ڪدورت ڌورائي ٿو.
    علم اسان جو آئيندو آ،
    ساري جڳ سان جوڙائي ٿو.
    نفرت ۾ رکيو ڇا آهي! دنيا ۾ نفرت جا مينهن وسايا آهن، پر جيت محبت ۽ پيار جي ٿي آهي. هر ساڃاھ وند پيار ۽ پريت کي پنهنجو سمجهي ٿو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ٻارن جي پيار کي ماءُ جي روپ ۾ نظم ۾ بيان ڪري ٿو.
    ھر ھڪ ٻار کي ٿي چاهيان،
    سڀني جي مان ماءُ آهيان.
    ساري جڳ لاءِ گهران دعائون،
    ساري جڳ ۾ گل ورهايان.
    ھر ٻار جي ماءُ جي دل ۾ هن جي ممتاسڀني لاءِ خوبصورت هوندي آهي. جيڪا پنهنجي دل جي شوڪيس ۾ ٻالڪن جا انگل سنڀالي رکندي آهي.
    پالي تاتي مدد ڪري ٿي،
    ماءُ بنا دنيا بيڪار.
    ماءُ جو ڪوئي مٽ نه آهي،
    پيرن هيٺان جنت پار.
    ذوالفقار سيال، جڳ جڳ جيئي واري نظم ۾ ٻارن جي مسڪراهٽ ۽ دعائون هن ريت قلمبند ڪيون آهن.
    ٻار جڏهن به کلندو آهي،
    سارا غم ٿي ان ۾ لاھيان.
    جڳ جڳ جيئي شال سدائين،
    رک سلامت مولا سائين.
    ننڍڙا فرشتا پياريون پريون ڪتاب جي 40 صحفي تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻاراڻي ادب تي شايع ٿيل ڪتابن جا اسڪيچ، سن ۽ پبليڪيشن ڏنل آهن، جنھن مان نئين پڙهندڙ ۽ تحقيق ڪندڙ کي رهنمائي ملي سگھي ٿي.
    نذير ناز جي راءِ آهي ته : ڇا ڪاڻ ته جيڪو ٻار پڙهڻ سان چاهه رکندو اهو منزل ماڻيندو، اهو سبق ننڍڙن لفظن ۾ بيان ڪرڻ جو ڏانءُ ته ڪو ذوالفقار سيال کان سکي.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل، ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻي لکيو آهي، "ننڍڙا فرشتا، پياريون پريون" ٻارن جي ڏانو جا نت نوان مفھوم کڻي مٺڙن ٻولن، موسيقيءَ سان ڀرپور گيت گلابي رچيا آهن. جيڪي پڙهڻ سان لبن تي رقص ڪندا نظر اچن ٿا.
    آخر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جون سٽون ته :
    ڪو سپنو سرجي اُڀري ٿو،
    هن تنبورن جي تارن مان،
    تون چندرما جي ناوء جهلي،
    ٿي نڪرين دور ستارن کان..
    [​IMG]
     
    دين محمد لاکو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو