آزاد بخاري جي ٻالڪ شاعري"حق سُڃاڻ اي ٻار جو سرسري جائزو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ٻارن جو نظماڻي صورت ۾ عالمي پڌر نامو...!
    آزاد بخاري جي ٻالڪ شاعري"حق سُڃاڻ اي ٻار" جو جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    پڙهڻ لکڻ ۾ هوشيار آهيان،
    پرمان غريب جو ٻار آهيان.
    ماهر نفسيات جو ٻارن لاءِ خاڪو آهي ته : "ٻارن جي ڪوتاهين جي اصلاح عليحدگيءَ ۾ ڪريو يا ڪنهن مناسب طريقي سان حل ڪريو، ساڻن نرم مزاجي سان پيش اچو" اهڙو ئي نفيس ڪم نظم جي صورت ۾ آزاد بخاريءَ ترتيب ڏنو ڏنو آهي، جيڪو عالمي، سماجي، مذهبي ۽ اخلاقي طور ٻارن جي رهنمائي ڪرڻ جو آسان دڳ مھيا ڪيو آهي. نظم جي صورت ۾ قانوني 40 شقن سان نڀايو آهي. آزاد بخاريءَ جو ٻالڪ شاعري ۾ هي 4هون ڪتاب آهي، جنھن کي پوپٽ پبلشنگ هائوس خير پور شايع ڪيو آهي.آزاد بخاري ٻالڪ شاعريءَ ۾ پوري دنيا جي ٻارن لاءِ سنيهو ڏنو آهي. جيڪو حق سڃاڻ اي ٻار! جيڪو ٽائيٽل نالو آهي. جنهن جو خوبصورت نظم آهي ته :
    حق سڃاڻ اي ٻار تون پنهنجا،
    ساٿي سنگتي سارتون پنهنجا.
    راندجيڏن سان گڏجي ڪر تون،
    ٽول وٺي نه کار تون پنهنجا.
    هيج منجهاران جهمريون پاءِ،
    کيڏ ٻيلهاڙا يار تون پنهنجا.
    علم ادب سان رک تون چاهت،
    خالي پل نه گھار تون پنهنجا.
    پنھنجي پرائي کي تون سڃاڻ،
    خيال اتم سڀ ڌار تون پنهنجا.
    ڪين ڪڏهن غمگين ٿيجانءِ
    سک سان نيڻ ٺار تون پنھنجا.
    آزاد گذارڻ حق آ سڀ جو،
    ڳوڙھا مور نه هار تون پنھنجا.
    آزاد بخاري جي مٿئين ڏنل نظم تي ڳالهائجي ته اهو نظم ٻارن جي زندگيءَ جي مڪمل عڪاسي ڪري ٿو، زندگيءَ جي ڀڄ ڊاهه ٻار کي نفسياتي طور تي ڪمزور ڪري ٿي تنهن ڪري ٻار تمام گھڻي پيڙاھ مان گذري ٿو. آزاد بخاري جا ٻالڪ نظم ٻارن لاءِ آٿت آهن. ڪتاب جي ارپنا شاعر پنهنجي جيون ساٿياڻيءَ ۽ پنهنجي ٻچڙن جي ماءُ شبنم بخاري جي نانءِ ڪئي آهي، جيڪو منهنجي نظر ۾ انتھائي اتساھ جو سبب آهي. هن دنيا ۾ جيڪڏهن ٻار جي ماءُ سگھاري آهي ته ٻار ازخد سگھارو ٿيندو. شاعر پاران قانوني سٽون ڪوٽ ڪيان ٿو، اقوام متحده طرفان جاري ڪيل ٻارن جي حقن جي پڌر نامي جي 40 شقن کي عوام تائين رسائڻ لاءِ نظمن جو سھارو ورتو، ان سان گڏ C RC چلڊرين رائيٽس ڪنوينشن جي سموري پڌر نامي کي شق وار جئين جو تئين سنڌيءَ ۾ پيش ڪيو آهي.
    ممتاز بخاري "ٻارن جي دردن جو نوحو" ۾ لکي ٿو ته :گڏيل طور تي دنيا ۾ انساني حقن جو پڌر نامو موجود آهي، حقيقت اها آهي ته جنس ۽ عمر جي متڀيد کان هٽي انسان لاءِ اهو ئي پڌر نامو ڪافي آهي پر وڌندڙ آبادي انسان کي مجبور ڪيو ته اهي، عورتن، ٽين جنس ۽ ٻارڙن جي حقن جي الڳ سان قاعده ۽ قانون جوڙيا وڃن، جنھن ۾، ٻارن جي حقن جي ڳالھ 1989ع ۾ convention on the right of the child ۾ حتمي شڪل ڏيندي 18 سالن تائين جي لاءِ قانونن جو هڪ مختلف دائرو مقرر ڪيو ويو. گوهر سنڌي پنهنجي مضمون ۾ پنهنجي راءِ قائم ڪئي آهي ته :دنيا جي ٻن سَون جي لڳ ڀڳ ملڪن جي ثقافت الڳ الڳ آهي پر شاعر کي پنهنجي سنڌي سڃاڻپ سان پيار وڌيڪ آهي، ان جو اظهار هيٺين طرح ڪري ٿو.
    ناز ڪندي هن تي ڏاهپ،
    قوم جو ٿيندو هي ته سڃاڻپ.
    ٻارن جي حقن جو عالمي معاھدي جي حوالي سان مڪمل ڄاڻ ڏنل آهي، شق ٻئين ۾ بنا متڀيد جي پاسي کي اجاگر ڪيو ويو آهي.
    پٽ ڀوتار جو روز وڙهي،
    اسڪول وڃان ته ڪاوڙ ڪري.
    فرق مٽجي وڃن شل،
    روشن ڏينھڙا مونکي ملن شل.
    ڪتاب ۾ آزاد نظم جي ڀر ۾ شق نمبر ۽ تصويري خاڪا پڻ ڏنا آهن، جيڪي ڪتاب جي حسناڪي اڃان مٿي ڪري بيٺا آهن. نالو ۽ قوميت تي هرڪو ساھ ڏيندو آهي، آزاد بخاري شق نمبر 7 ۾ هن نموني پيش ڪيو آهي.
    منهنجو ننڍڙو ڀاءُ آ ڄايو،
    امڙ آ مون کان نانءُ رکايو.
    اسڪول ۾ ڄم تاريخ لکايم،
    قوم سنڌي آهي ٻڌايم.
    وڏڙو ٿيندو دودو ٿيندو،
    ديس پنھنجي جو جوڌو ٿيندو.
    برابري جي بنياد تي تي شاعر جو نظم نرالو آهي، شق نمبر 30 جي مڪمل ترجماني پڻ آهي.
    سنڌ جو هجي يا هند جو ٻار،
    سدا رهي خود مختيار.
    اقليت سان ڀل واسطو هجيس،
    نفرت ڪوئي ڪين ڪريس.
    قديم مقامي هجي ٻار،
    گلڙن جو آ اهو هار.
    مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اسڪول جي دور کان وٺي اڄ تائين جيڪي نظم پڙهيا آهن، آزاد بخاري جي نظمن جو رچاءُ، ٻوليءَ جي حسناڪي، ترنم ۽ لئه آزاد بخاري جي ٻولن ۾ جيڪا مٺاس آ اها ٻين شاعرن جي نظمن ۾ گھٽ پڙهڻ لاءِ ملي آهي. مون آزاد بخاريءَ جا ٻيا ڪتاب ڪونه پڙهيا آهن، هيءُ ڪتاب به ڪيترن ئي ٻالڪ شاعري جي ڪتابن جو مٽ ۽ سندس نظم جو پد اوچي پرواز ڪري ٿو. ڪتاب جو آخري ۽ 40هين شق ۾ ٻارن جي لاءِ انصاف جو نظام جو ڳولهائو آهي.
    قانون جي مخالف پيدا ٿئي ٻار ڪو،
    بهتر ٿئي سلوڪ، حق آهي ان جو.
    معاشري جو سٺو جيئن شھري ٿئي،
    سدا خوش رهي آزاديءَ سان جيئي.
    ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي امر اقبال جون سٽون آهن ته : ٻارن لاءِ لکندڙ ٿورڙن شاعرن جي سٿ ۾ آزاد بخاريءَ جو نالو به اهميت واري جاءِ وٺي ٿو. آخر ۾ آزاد بخاريءَ لاءِ ترجماني طور استاد بخاري جون سٽون ٿيون ياد اچن ته :
    جتي به شوق ۾ پورو شباب ايندو آ،
    اُتي ضرور وڏو انقلاب ايندو آ.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو