ساجد سنڌي جي ترتيب ڏنل ڪتاب، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ادب ۽شخصيت جو سرسري جائزو!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    تقدير جنھن کي ڏات ڏئي.
    ساجد سنڌي جي ترتيب ڏنل ڪتاب "ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ادب ۽ شخصيت جو سرسري جائزو.!
    فقير محمد سنڌي.
    جيڪي تنهنجو سپرين، سو اسان جو نه هوءِ،
    اسين تنهنجا توءِ، تون نه اسان جو پرين.
    البرٽ اينيسيٽن جو قول آهي ته :" عظيم شخصيتن کي هميشه معمولي ذهنيت وارن ماڻهن جي دٻاءَ جي شديد مخالفت سان منهن ڏيڻو پوندو آهي" نوجوان ٽھي جي شاعر ۽ پبلشر ساجد سنڌي به اهڙي ئي انسان دوست ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت ۽ ادب تي دل کولي محنت ڪئي آهي. 288ورقن جي ڪتاب ۾ ساجد سنڌي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شخصيت ۽ ادب جي حوالي کان لفظن جي موتين موتين کي پوهيو آهي، جيڪا سنڌي ادب لاءِ تاريخ آهي، تاريخ اها شيءَ آهي جيڪا اڳ ۾ ٽڙيل پکڙيل هئي، اڳ ۾ موجود ڪونه هئي، اها هاڻي ذوالفقار سيال جي زندگيءَ تي مڪمل خاڪو پيش ڪري ٿي ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ادب ۽ شخصيت ۾ ڪھڙي مقام تي پھتل آهي. ڪائنات جي اندر جيڪي جاکوڙي ڪردار آهن، انھن جي هڪ الڳ تاريخ آهي، انھن ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو ادبي پورهيو هن ڪتاب ۾ چنڊ جيئيان روشن نظر اچي ٿو.ڪتاب جي فهرست تي مختصر طور سرسري نظر ته : ڊاڪٽر ذوالفقار سيال تي تقريبن 120 شخصيتن پنهنجي راءِ قائم ڪئي آهي. انھن ۾ سنڌي ٻولي، اردو ٻولي ۽ انگريزي ٻولي ۾ مضمون شامل آهن. ڪتاب جي فليپ تي پروفيسر محمد سليم ميمڻ لکي ٿو ته : ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سنڌي ادب جي انھن روشن تارن مان آهي، جنھن جي روشني سندس ابتدائي دور کان اڄ تائين هڪ جهڙائي ۽ هڪ ڪري رکندڙ آهي. ڪتاب جي ارپنا ڏاڍي خوبصورت ٿيل آهي، جيڪو ادب، ٻولي ۽ فنون لطیفہ سان واسطو رکندڙ فرد هن ڪتاب کي پڙهندو ته ائين محسوس ڪندو ڄڻ ارپنا ان جي نالي ٿيل آهي. ارپنا اِها ئي آهي ٿورن لفظن ۾ جامع مفھوم رکندڙ "پنهنجي ٻولي ۽ ادب لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ امر ڪردارن جي نانءِ" ڪتاب ۾ مرتب جو نوٽ به ڏنل آهي جنھن جون مختصر سٽون اوهان پڙهندڙ لاءِ لکي ٿو ته :منهنجو شهر لاڙڪاڻو پڻ اهڙن ڪردارن جو گڏيل مسڪن رهيو آهي، جتان مون ادب جي گھاٽي ڇانوري مان گھڻو ڪجھ پرکيو، پرايو، پروڙيو ۽ ولوڙيو آهي.
    پنهنجي شهر جي ئي جيئري جاڳندي ڪردار ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي اڄ به ائين ئي سرگرم، متحرڪ ۽ ٽھڪن جي پڙاڏن ۾ حسين تازگيءَ سان زندگيءَ جا لطف وٺندي ڏسي رهيو آهيان، جھڙو ٽي ڏهاڪا اڳ مختلف محفلن ۽ پروگرامن ۾ ڏسندو هئس.
    ان ڳالھ کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي سندس زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ملي چڪي آهي. ڊاڪٽر سيال ادبي خدمتن سميت ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي پنجن سالن جي عرصي دوران مختلف يادگار پروگرام پڻ ڪيا ۽ کيس ملڪ جي مختلف ٻولين جي 500 کان وڌيڪ فنڪارن سندس شاعريءَ کي ڳائي مڃتا ماڻي. ساجد سنڌي جو مضمون ڄڻ منهنجي جذبن جي عڪاسي آهي، مون به ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي پنهنجي زندگي ۾ هڪ خودار شخص طور ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي زندگي جو مختصر تصويري خاڪو به ڏنل آهي، جيڪو تصويري البم 24 ورقن تي رنگين هوندي الائي ته ڪيترا رنگين عڪس پسائي ٿو. ٻاراڻي ادب ۾ ذوالفقار سيال پاڻ موکيو آهي. نظم جون ڪجھ سٽون آهن ته :
    ڪڙ ڪڙ ڪڙ ڪڙ ٻوليون ٻولي،
    منهنجو آهي پيارو ڪُڪڙ،
    ڪڪڙو ڪونه - ها - ڪڪڙو ڪون،
    اَسر ويلي ننڍ ڦٽائي،
    مٺڙا مٺڙا ٻول ٻڌائي،
    لوڪ ستل هي ٿو جاڳائي،
    سھڻا سهڻا پرڙا کولي،
    ڪڪڙو ڪون - ها - ڪڪڙوڪون.
    ڊاڪٽر ذوالفقار سيال شاعريءَ ۾ سڀ عڪس ميڙي لوڪ جي آڏو رکي ٿو. لوڪ سمجھي ٿو اُهي احساس ته منھنجا آهن، اھو ئي شاعر جو ڪمال آهي.
    جڏهن هير تنهنجي شھر ۾ گهلي ٿي،
    ڇهي توکي خوشبو وکيري وڃي ٿي.
    باک ڦٽڻ جي آس ۾ اڄ به رستن تي ٿي وئي آ رونق،
    اهڙو ڪوئي واءُ ته ورندو ڏينهن ڏکيا هي گذري ويندا.
    ڇو ساهي پٽين ٿو، تون جلدي اُٿي آ،
    ڊگھي آھ منزل ۽ ٿوري وٿي آ.
    ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي 17 ڪتابن جا عڪس ڏنل آهن. ڪتاب جي ٻئين پاسي جي فليپ تي نياز پنھور جا تاثرات آهن. نياز پنھور لکي ٿو ته : موهن جي دڙي جي مٽيءَ وارو ضلعو لاڙڪاڻو سنڌي ادب جي جھول ۾، عالم، اديب ۽ شاعر آڇيندو رهيو آهي، ان علائقي جي مٽي مٺڙو ماڻهو ڊاڪٽر ذوالفقار سيال به سنڌي ادب کي آڇيو، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي سڃاڻپ جا ڪيترائي حوالا آهن. هن سرسري جائزي پروفيسر محمد سليم ميمڻ، ڪتاب جي مرتب ساجد سنڌي ۽ نياز پنھور جي مضمونن کي ڪوٽ ڪيو، جيڪڏهن سڀني ليکڪن جي مضمونن ڪوٽ ڪيان ٿو هي مضمون گھڻو تحويل ٿي ويندو.
    آخر ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال لاءِ سندس ئي هي گيت.
    زندگيءَ جي حسين شام گڏجي هلو،
    پيار مون کان وٺو،
    پيار مون کان وٺو.
    ڇا رکيو آ هِن طعنن ۽ تڪرار ۾،
    مسڪرائي ملو،
    ۽ سدائين ملو.
    تون اچڻ جا ڪرين روز واعدا نوان،
    تون نه آئين وري،
    توکي ڇا ٿي ويو.
    ذلف جي هر گھڙي آھ تو ساڻ گڏ،
    ڪي گهڙيون قرب جون،
    ان کي ڏيندا ڪريو..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو