سنڌ سلامت پيغامِ قرآن جو نئون اپڊيٽ

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2020۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533


    جڏھن اسلام عرب دنيا کان اڳتي وڌڻ لڳو، ته غير عرب قومن کي قرآن مجيد سمجھڻ ڏکيو ٿي پيو. ۽ ان وقت ضرورت محسوس ٿي تہ قرآن مجيد جو ترجمو سندن جي ئي ٻولين ۾ ڪري کين سمجھايو وڃي. حضرت امام ابو حنيفه رحه طرفان قرآن پاڪ کي ٻين ٻولئَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي فتوىٰ کان پوءِ سڀ کان پھريان سنڌي ٻولئَ ۾ قرآن مجيد جو ٽين صدئَ جي وچ ڌاري ترجمو ڪيو ويو. اهو يارهن سؤ سال اڳ جو ترجمو آهي، جو مهروڪ بن رائق راجا جي استدعا تي منصوره سنڌ جي عرب حاڪم عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز جي حڪم سان هڪ عراقي عالم لکيو. جنھن کان پوءِ دنيا جي انيڪ ٻولين ۾ ترجما اچڻ لڳا. ۽ تحقيق ايتري وڌي جو ھڪ ئي زبان ۾ ڪافي ترجما اچڻ لڳا. ھن وقت رڳو سنڌي زبان جا اندازا“ 10 کان وڌيڪ ترجما موجود آھن.

    ڪجھ وقت کان سنڌ سلامت طرفان ڪوششون ڪيو ويون ته قرآن ڪريم جي تلاوت و تحقيق لاءِ هڪ اھڙو ويب پورٽل تيار ڪيو وڃي جنھن ۾ بغير فرقيواريت جي قرآن پاڪ جا سمورا ترجمہ موجود ملن جنهن سان پنهنجي مادري زبان ۾ خدا جي پيغام بھتر انداز سان ھر عام خاص سنڌيءَ تائين پھچائي سگھجي.

    جيئن ته زبان جي پيچيدگين بابت ناواقفيت، ڪمپوزنگ کان وٺي پروف ريڊنگ تائين جهڙو ڏکيو عمل ۽ ڪمپيوٽر ۾ عربي ۽ سنڌي پراسيسنگ لاءِ بهتر نظام جو موجود نه هجڻ ڪري سنڌ سلامت اڳيان ڪافي ڏکيائون آيون. حقيقت ۾ اهو ڪم قابليت جي لحاظ کان وڏو هو. پر الله پاڪ حضورِ اقدس صلي الله عليه والسلم جي طفيل دين جي تبليغ جهڙي هن عظيم مقصد ۾ حصو وٺڻ لاءِ رستو هموار ٿيو ۽ ڀلاري مهيني رمضان ڪريم ۾ ان منصوبي کي هڪ ٻئي رخ سان شروعات ڪرڻ لاءِ آسانيون مهيا ٿيون ۽ ڪجھ ذاتي رابطن سان مترجمن سميت ڪجھ سھڪاري ساٿين سان ڪم سولو ٿيندو ويو.

    جنهن کان پوءِ ايندڙ مسئلن کي الله پاڪ طرفان حل ٿيڻ جي يقين سان هن منصوبي ۾ ضروري تبديليون ڪندي سڀ کان پهريان سنڌي ڊجيٽل قرآن جو آن لائين پورٽل تيار ڪيو ويو ۽ بعد ۾ اينڊروائيڊ ايپ تيار ڪئي وئي جنهن ۾ عربي آيتن سان گڏ اڳ ئي ڪمپوز ٿيل هيٺيان سنڌي ترجما شامل ڪيا ويا آهن:

    · قرآن جو پيغام ــ مولانا تاج محمد امروٽي
    · ائين چيو اللہ ــ علامه علي خان ابڙو
    · بيان الرحمٰن ــ مولانا عبدالوحيد جان سرھندي
    · احسن البيان ــ مولانا محمد ادريس ڏاھري
    · الھامُ الرحمٰن ــ مولانا محمد مدني
    · سنڌي قرآن ــ سيد فرمان علي
    · فُيوضُ الفرقان ــ پير محمد ڪرم اللہ الاھي (دلبر سائين)


    ان کان علاوہ سنڌي زبان ۾ ڪجھ وڌيڪ ترجما پڻ موجود آھن جن ۾ شامل آھن:

    • نورالقرآن ــ الحاج احمد ملاح (ڊيولپنگ ھيٺ)
    • پروفيسر ڊاڪٽر امير بخش چنا جو ترجمو
    • مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو ترجمو (اڻپورو)
    • قاضي عزيز الله متعلوي جو ترجمو
    • مولانا محمد صديق جو ترجمو

    • قاضي عبدالرزاق ۽ مرحوم محمد بخش واصف جو ترجمو

    سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ پورٽل جي سهولتن ۾ شامل آهن:

    • واضح ۽ خوبصورت عربي متن،
    • واضح ۽ خوبصورت سنڌي متن،
    • هر ترجمي کي الڳ بلاڪ ڏئي منفرد سڃاڻپ ،
    • هڪ ئي وقت هر آيت جا مختلف ترجما پڙهڻ جي سهولت،
    • سيڪنڊن ۾ پنهنجي مطلوبه آيت تائين پهچ،
    • ستون ترجمو فيوض الفرقان (پير دلبر سائين) جو اضافو،
    • آن لائين يا آف لائين تلاوت،
    • بوڪ مارڪنگ ۾ جدت،
    • تڪڙي ڳولا ۾ بهتري،
    • هڪ ترجمي جي چونڊ سان مڪمل سورت جو خوبصورت ڏيک،
    • ۽ مترجمين جو مختصر تعارف وغيره شامل آهن

    مٿين خصوصيتن جو صرف سرسري ذڪر ڪيو ويو آهي جن کي يقينن ڄاڻو آساني سان سمجهي ويا هوندا. ڄاڻو ۽ قابل سنڌين کي درخواست آهي ته هن ڪارِ خير ۾ پنهنجي صلاحيتن کي شامل ڪرڻ لاءِ اسان سان اي ميل ذريعي ضرور رابطو ڪن ان کان علاوه مختلف مڪتبهءِ فڪر ساٿين ۽ مذهبي اسڪالرس کي پڻ درخواست آهي ته جيڪڏهن سندن وٽ قرآن الڪريم بابت ڪو ڪمپوز ٿيل سنڌي مواد يا ترجمو موجود آهي ته اسان سان رابطو ڪري موڪلي ڏين ته جئين هن پروجيڪٽ ۾ اضافو آڻي سگهجي.

    آخر ۾ توهان سان گذارش آهي ته مطالعي جي دوران جيڪڏهن ڪا غلطي يا خامي نظر مان گذري ته اسان کي ضرور اطلاع ڏين. توهان جي قيمتي راين ۽ رهنمائي ۾ انشاء الله اسان جو سفر جاري رهندو.

    والسلام

    رشيد سمون
    منتظمِ اعليٰ
     
    ايس ايم درس ۽ مومن ڏاهري هيء پسند ڪيو آهي
  2. امام بخش جوڻيجو

    امام بخش جوڻيجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2020
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    بهترين سائين مون نورالقرآن حاجي احمد ملاح وارو ڪمپوز ڪري موڪليو هو ان جو حال احوال ڏيندا مهرباني
     
  3. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا سائين السلام عليڪم.تمام گهڻي محنت سان اوهان ؤ اوهان جي ساٿين الله سائين ۽ حضور صلي الله عليه وسلم جن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ لاء ويب پورٽل تيار ڪيو آهي.جنهن جي جيتري به تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي.هن قسم جي ويب پورٽل جي تمام سّخت ضرورت هئي. علامه علي خان ابڙو جو ترجمو تمام سولي سنڌي ۽ سمجهڻ واري انداز ۾ لکيل آهي.مهرباني ڪري ڪنهن مستند عالم جي قران پاڪ جي تفسير به شامل ڪندا تاڪي قران پاڪ کي وڌيڪ سولائي سان سمجهي سگهجي.الله پاڪ شل اوهان جو ۽ انهن سڀني جو جن هن ڪارخير ۾ حصو ورتو آهي محڻت قبول فرمائي ۽ توهان سڀني کي ان جو اجر عظيم عطا فرمائي.آمين.توهان سڀني ۽ خاص طور سائين رحيم بخش جون محنتون تمام گهڻي تعريف جي قابل آهن.هميشه الله پاڪ جي حفاطت ۾رهو.
     
  4. مقبول محمد اسلم ڀنڀرو

    مقبول محمد اسلم ڀنڀرو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2021
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو