گھٻراهٽ،فوبيا۽ پينڪ.

'صحت سرير جي' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    گھٻراهٽ هڪ عام انساني احساس آهي.اسان سڀني کي ان جو تجربو ان وقت ٿئي ٿو جڏهن اسان ڪنهن مشڪل يا سخت وقت مان گذرون ٿا.خطرن کان بچڻ،هوشيار رهڻ ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻ ۾ عام طور تي خوف ۽ گھٻراهٽ فائديمند ثابت ٿين ٿا تنهن هوندي به جيڪڏهن اهي احساس سخت ٿي وڃن يا گھڻي عرصي تائين رهن ته اهي اسان کي انهن ڪمن کان به روڪي ڇڏين ٿا جيڪي اسان ڪرڻ گھرون ٿا ۽ جنهن جي نتيجي ۾ اسان جي زندگي ڏکي بڻجي سگھي ٿي.

    فوبيا ڪنهن اهڙي خاص صورتحال يا شيء جو خوف آهي جيڪا خطرناڪ نٿي ٿئي ۽ عام طور تي ماڻهن لاء پريشانيء جو سبب نه هوندي آهي.

    گھٻراهٽ جون هيٺيون نشانيون ٿي سگھن ٿيون.دل جي ڌڙڪن تيز ٿيڻ،وڌيڪ پگھر اچڻ،پٺن ۾ ڇڪ ۽ سور ٿيڻ،ساهه جو تيز هلڻ،بيهوش ٿيڻ جو خوف هئڻ،بد هضمي،دست ۽ ذهني علامتن ۾ هر وقت پريشانيء جو احساس،ٿڪاوٽ محسوس ڪرڻ،ڪنهن شيء تي ڌيان نه ڄمڻ،طبيعت ۾ اجائي چڙ،ننڊ نه اچڻ وغيره شامل آهن.

    گھٻراهٽ جو شڪار ماڻهو انهن نشانين سبب اهو سمجھندا آهن ته انهن کي ڪا شديد جسماني بيماري ٿي ويئي آهي.گھٻراهٽ سان انهن نشانين ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو اچي ويندو آهي.گھٻراهٽ جا غير امڪاني اوچتا دورا پينڪ(Panic) سڏرائين ٿا.گھڻو ڪري گھٻراهٽ ۽ پينڪ سان گڏ ڊپريشن به ٿيندو آهي.جڏهن اسان اداس ٿيندا آهيون ته اسان جي بک ختم ٿي ويندي آهي ۽ مستقبل اونداهون نظر اچڻ لڳندو آهي.ڪو اهڙو شخص جنهن کي فوبيا هجي ان ۾ مٿي بيان ڪيل گھٻراهٽ جون سخت نشانيون پاتيون وينديون آهن پر اهي ان وقت ظاهر ٿينديون آهن جڏهن اهو شخص ڪنهن خاص صورتحال ۾ هجي جنهن ۾ هن کي سخت گھٻراهٽ ٿيندي هجي.ٻين موقعن تي ان کي ان قسم جي گھبراهٽ نٿي ٿئي.جيڪڏهن اوهان کي ڪتن جو خوف هجي ته ان وقت اوهان بلڪل ٺيڪ هوندا جڏهن اوهان جي آسپاس ڪتا موجود نه هجن.جيڪڏهن اوهان کي بلنديء کان خوف ايندو هجي ته اوهان زمين تي بلڪل نارمل رهندا.جيڪڏهن اوهان هجوم کي منهن نه ڏيئي سگھندا هجو ته اڪيلائيء ۾ اوهان کي ڪو مسئلو نه ٿيندو.فوبيا ۾ ڦاٿل شخص اهڙي صورتحال کان بچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جيڪا کيس گھٻراهٽ ۾ ڦاسائي سگھي ٿي پر اصل ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ فوبيا سخت کان سخت ٿيندي ويندي آهي.ان جو مطلب اهو به ٿي سگھي ٿو ته متاثر ٿيل شخص جي زندگي انهن احتياطي تدبيرن جي محتاج ٿي وڃي جيڪي کيس انهيء صورتحال کان بچڻ لاء اختيار ڪرڻيون پون ٿيون.انهيء بيماريء ۾ ورتل ماڻهوء کي معلوم هوندو آهي ته اهڙو ڪو حقيقي خطرو موجود ناهي.هن کي پنهنجو خوف بيوقوفاڻو لڳندو آهي پر ان جي باوجود هو انهيء کي قابوء ۾ آڻي نٿو سگھي.اهڙي فوبيا جيڪا ڪنهن پريشان ڪندڙ واقعي يا حادثي جي نتيجي ۾ شروع ٿي هجي ان جي ختم ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ چٽا هوندا آهن.هر ڏهن مان هڪ ماڻهو زندگيء ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن تڪليف ڏيندڙ گھٻراهٽ يا فوبيا جو شڪار ضرور ٿئي ٿو تنهن هوندي به گھڻا ماڻهو ان جو علاج نٿا ڪرائين.هاڻي اچو ته ان جي سببن تي سوچيون. اسان مان ڪجهه ماڻهن جي طبيعت ان قسم جي هوندي آهي جو اهي هر ڳالهه تي پريشان ٿي ويندا آهن.جاچ مان خبر پيئي آهي ته ان قسم جي طبيعت جينز ذريعي ورثي ۾ ملي ٿي تنهن هوندي به جيڪي ماڻهو قدرتي طور تي هر وقت پريشان نٿارهن جيڪر انهن تي به لاڳيتو دٻاء پوندو رهي ته اهي به گھٻراهٽ جو شڪار ٿي سگھن ٿا.ڪڏهن ڪڏهن گھٻراهٽ جو سبب نهايت چٽو ۽ واضح هوندو آهي ۽ جڏهن مسئلو حل ٿي وڃي ته گھٻراهٽ به ختم ٿي ويندي آهي پر ڪجهه واقعا ۽ حالتون ايتريون ته تڪليف ڏيندڙ ۽ خوفناڪ هونديون آهن جن سبب پيدا ٿيندڙ گھٻراهٽ واقعن جي ختم ٿيڻ کان ڊگھي عرصي بعد به جاري رهي ٿي.اهي عام طور تي ان قسم جا واقعا هوندا آهن جن مان انسان جي جان کي خطرو هجي.مثال،ڪار يا ريل جا حادثا ۽ باهه وغيره.انهن واقعن ۾ شامل ماڻهو مهينن ۽ سالن تائين گھٻراهٽ ۽ پريشانيء جو شڪار رهي سگھن ٿا.توڙي جو انهن کي ڪا جسماني چوٽ نه لڳي هجي.اهي نشانيون Post Traumatic Stress Disorder ۾ پاتيون وڃن ٿيون.ڪڏهن ڪڏهن نشي وارين شين جهڙوڪ ايمفيٽا مائينز،ايل ايس ڊي يا ايڪسٽيسي جي استعمال سبب به گھٻراهٽ ٿي سگھي ٿي ايستائين جو ڪافي ۾ موجود ڪيفين به اسان مان ڪجهه ماڻهن کي تڪليف ڏيندڙ حد تائين گھٻراهٽ جو شڪار ڪري سگھي ٿو.تنهن هوندي به ٻئي پاسي اهو واضح ناهي ته ڪو خاص شخص ڪهڙي سبب گھٻراهٽ ۾ ڦاٿل آهي.ان ڪري جو اهو ان جي شخصيت،ان تي گذرندڙ واقعن ۽ زندگيء جي تبديلين جي سبب ٿي سگھي ٿو.جيڪڏهن اسان کي گھڻو دٻاء ۾ رهڻو پوي ته اسان گھڻو وقت پريشان ۽ ڊنل رهنداسين. اسان عام طور تي انهن ڪيفيتن جو مقابلو ڪري به وٺندا آهيون ڇو ته اسان کي انهن جي سببن جي خبر هوندي آهي ۽ اهو معلوم هوندو آهي ته اها صورتحال ڪڏهن ختم ٿيندي.مثال ڊرائيونگ ٽيسٽ کان پهرين اسان مان گھڻا ماڻهو گھٻراهٽ جوشڪار ٿين ٿا پر اسان ان تي قابو پائي وٺون ٿا ڇو جو اسان کي خبر هوندي آهي ته ٽيسٽ ختم ٿيڻ بعد گھٻراهٽ ختم ٿي ويندي.پر گھڻا ماڻهو تمام گھڻي وقت تائين ان گھٻراهٽ ۽ خوف جي احساس جو شڪار رهن ٿا.انهن کي ناهي خبر هوندي ته کين ڪهڙي سبب پريشاني ٿي رهي آهي ۽ اها گھٻراهٽ ڪڏهن ۽ ڪيئن ختم ٿيندي.انهيء تي قابو پائڻ ڏکيو هوندو آهي ۽ ان سلسلي ۾ عام طور تي ڪنهنجي مدد جي گھرج هوندي آهي.گھڻو ڪري ماڻهو ان موقعي تي مدد حاصل ڪرڻ ناهن گھرندا جو انهن کي لڳندو آهي ته ماڻهو کين چريو سمجھندا.جڏهن ته حقيقت اها آهي ته گھٻراهٽ ۽ خوف ۾ ورتل ماڻهو مشڪل سان ئي ڪنهن سخت ذهني بيمارين جو شڪار ٿين ٿا.جيترو جلد ممڪن ٿئي مدد حاصل ڪرڻ بهتر هوندي آهي.

    گھڻا ٻار به ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن سبب ڊڄي ويندا آهن.اوسر دوران اها معمول جي ڳالهه آهي.ڪجهه ٻار اوندهه يا فرضي وجودن جهڙوڪ جنن ڀوتن کان ڊڄندا آهن.اهو خوف عام طور تي وڏي ٿيڻ بعد ختم ٿي ويندو آهي.گھڻا ٻار ادسڪول جي پهرئين ڏينهن نهايت ئي هيسيل رهن ٿا ۽ بعد ۾ اهو خوف ختم ٿي وڃي ٿو.نوجوانن جي طبيعت اڪثر بدلبي رهبي آهي.انهن جي پريشانين جا سبب مختلف ٿي سگھن ٿا.مثال؛ اهي ڪيئن لڳي رهيا آهن،ٻيا ماڻهو انهن جي باري ۾ ڇا ٿا سوچين وغيره. انهن پريشانين تي ڳالهه ٻولهه ذريعي قابو پائي سگھجي ٿو تنهن هوندي به جڏهن پريشانيون حد کان وڌي وڃن ته ڊاڪٽر سان مشورو لازمي آهي.جڏهن پريشاني ڪنهن خاص مسئلي سبب پيدا ٿي هجي ته مائٽن ۽ دوستن سان گفتگو ذريعي ڪافي مدد ملي سگھي ٿي.بنيادي ڳالهه اها آهي ته گھبراهٽ ۽ پريشانيء کي منهن ڏيڻ لاء پرسڪون رهڻ جو طريقو سکڻ گھرجي.اهو گروپ جي صورت ۾ به ٿي سگھي ٿو،ماهرن جي مدد سان به ۽ ان کان سواء مختلف ڪتابن ۽ وڊيوز جي مدد سان پڻ.انهيء کان سواء سائيڪو ٿراپي ڳالهه ٻولهه جو هڪ وڌيڪ جامع ۽ ڪارگر طريقو آهي جنهن سان گھٻراهٽ جي سببن کي سمجھڻ ۾ مدد ملي ٿي.گھٻراهٽ ۽ فوبيا ۾ ورتل ماڻهن جو علاج دوائن ذريعي به ڪيو وڃي ٿو.عام سڪون ڏيندڙ دوائوم جهڙوڪ ويليم وغيره گھٻراهٽ ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون پر اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته انهن دوائن جي گھڻي استعمال سان انسان انهن جو عادي بڻجي سگھي ٿو جن کي ڇڏڻ جي صورت ۾ اڻ وڻندڙ علامتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو ان ڪري انهن دوائن جو استعمال ڪنهن به مستند ڊاڪٽر جي مشوري سواء هرگز نه ڪرڻ گھرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو