عزيز قاسماڻي جي تحقيقي ڪتاب شيخ اياز جي غزل جو فن، جو جائزو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    عزيز قاسماڻي جي تحقيقي ڪتاب "شیخ اياز جي غزل جو فن" جو جائزو....!

    [​IMG]
    فقير محمد سنڌي.
    هَلو هَلو ڪَاڪ تَڙين ، جتي گھڙجي نينھن،
    نَه ڪَا رَات نَه ڏينهن ،سڀڪو پسي پرين جو.

    "ايرڪ فراهم" جو خيال آهي ته : "پيار هڪ سوچيل سمجهيل فيصلو آهي، هڪ تميز آهي، هڪ واعدو آهي، پيار ڪو الاهي ناھي، پيار اڪيلو رهڻ ۽ گڏجي رھڻ جي هڪ صلاحيت آهي، پيار اها صورتحال آهي، جنھن ۾ ماڻهو جي خود پسند شڪست کائي ٻئي کي پسند ڪرڻ لڳندي آهي"
    "شيخ اياز جي غزل جو فن" عزيز قاسماڻيءَ جي پيار ڀريو پوريو ئي حقيقي ۽ فني ڪم آهي جنھن ۾ محقق جي کوجنا، پيار ۽ عشق شامل آهي. مٿي ڏنل" ايرڪ فراهم " جو خيال عزيز قاسماڻي جي عشق جي ترجماني ڪري ٿو. ڪتاب جي فهرست ڇهن بابن تي مشتمل آهي، جنھن ۾ مھاڳ محقق خود لکيو آهي. شيخ اياز ۽ ان جي غزلن جي فن بابت پنھنجا عالمانه ويچار پيش ڪيا آهن. مھاڳ ۾ لکي ٿو ته : "شيخ اياز جي غزل جو مقام سڀ کان مٿانهون نظر اچي ٿو، ڇاڪاڻ ته شيخ اياز جا غزل فني ۽ فڪري طرح سان مضبوط نظر اچن ٿا. سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان پهرين غزل فارسي ٻوليءَ مان آيو، اهو ئي سبب آهي جو اسان کي شروعاتي سنڌي غزل جو مطالعو ڪندي فارسيءَ جو اثر نمايان نظر ايندو، ايتري قدر جو تشبيھون، استعارا، تمثيلون، پهاڪا ۽ چوڻيون گھڻي تعداد ۾ ملن ٿا. غزل ۾ فارسي ماحول ۽ ٻولي جو استعمال فيشن طور ڪيو ويندو هو. آخوند گل محمد هالائي آهي جنھن سنڌي غزل کي فارسي ماحول مان آزاد ڪرائڻ جي شروعات ڪئي ۽ غزل کي ٺيٺ سنڌي ماحول ۾ آڻڻ چاهيو " فن واقعي ئي ڪنهن جي ميراث ڪونھي، جيڪو طبع آزمائي ڪري ٿو اهو ئي فن کي محفوظ ڪري ٿو، اهو ئي فن قومن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجي ٿو.
    عمر گذري وئي" اياز" الا،
    مون نه ڄاتو ته نيٺ ڇاهيان مان. !
    شيخ اياز جي غزل جي پرواز گل جي هڳاءُ سان اڏري آفاق ۽ آڪاش کي ڇهي ٿي ته ڪڏهن سنڌ جو قومي گل ڪنول بنجي پاتال ۾ پيھي وڃي ٿو.
    باب پهرين ۾ شاعريءَ جي وصف ۽ ان جو فن.
    شاعري ڇاکي چئجي؟
    شاعري انساني ڪيفيتن جي اظهار جو نالو آهي، شاعري انسان جي امنگن جذبن ۽ خيالن جي ترجماني آهي. شاعريءَ جي تشريح ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن ريت ڪري ٿو.
    شاعري : جمع شاعريون لفظ مونث،( عربي) شعر ٺاھڻ جو هنر شعر بندي، قافيه بندي ڪرڻ ۽ ڪوتا.
    اهڙيءَ طرح شاعريءَ جي لغوي معني اردو جامع حسن اللغات ۾ هن طرح آهي. شاعري عربي لفظ آهي، شاعري =شعر گوئي، ابلاغ يا مبالغو ڪرڻ.
    جامع فيروز اللغات ۾ شاعريءَ جي معني هيءَ آهي، شعر چوڻ ۽ مبالغا آرائي ڪرڻ.
    شاعريءَ جي فن جي اهميت، شاعريءَ جي فن جو تعارف ۽ شيخ اياز ۽ شاعريءَ جو فن شامل آهي.
    محبت جي مام ۽ مئخاني جي ماحول جو بيان اياز اهڙي آسان ۽ پنهنجي زبان ۾ ڪري ٿو، جيڪا اوپري ته ناهي بلڪه وڌيڪ ڪشش ڪندڙ آهي. اياز وٽ سُر جو آهنگ غزل ۾ تيز جهٽڪا پيو ڏي، هو لفظن جي استعمال کي سُرن جو روپ ڏئي ٿو.

    اوھان جي اکين جامِ مَئه مان نھاريو،
    اسان چوٽ کائي، کڻي جُام هاريو.
    باب ٻئين ۾ محقق اياز جي غزل، غزل جي تاريخ، غزل جي لغوي معني، غزل جي وصف، غزل جي هيئت ۽ سٽاءُ، سنڌي ادب ۾ غزل تي اڳ ۾ ٿيل تحقيق، غزل جي تاريخ ۽ پس منظر، علم عروض ۽ سنڌي غزل جو سونھري دور، پهرين سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻو، برصغير جو ورهاڱو ۽ شيخ اياز جي غزل جو دور ۽ سندس همعصرن جي شاعري ڪوٽ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ هزارين جذبا شامل آهن. مثال طور استاد بخاريءَ جي غزل جو هڪ بيت.
    ھر شخص شھر سمجھو، هر دل بازار آهي،
    ڪيڏو غمن، ڪمن جو هت ڪاروبار آهي.
    سرڪش سنڌيءَ جون سٽون :
    چنڊ! اڄوڪي رات نه پنهنجون پور اکيون،
    ورهين جي ويرانن کي گلزار ڪيوسي.
    باب ٽئين ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ جو علم عروض، علم عروض ڇا آهي؟ وزن ڇا آهي؟ بحر ڇا آهي؟ ۽ شيخ اياز جي غزل جا وزن، فن ڪٿي مونجهارن جو شڪاربه ٿي ويندو آهي. پر عزيز قاسماڻي، شيخ اياز جي غزلن جا بيت، ان جو وزن ۽ بحر ڏنا آهن، جيڪي ايندڙ تحقيق ڪندڙن لاءِ آساني جو سبب بڻجندا.
    مثال طور : بحر رمل مسدس مخبون محذوف،
    فاعلاتن، فعلاتن، فعلن.
    اي دل زار رُلائينم نه ها!
    منزل يار ڀُلائينم نه ها. !
    بحر رمل ۾ شيخ اياز نَوَ وزن نڀايا آهن.
    هن مضمون ۾ مون ڪوشش ڪئي هر باب تي تفصيلي لکجي پر مضمون گھڻو تحويل ٿي ويندو، ان لاءِ اختصار کان ڪم پيو وٺان. باب چوٿين ۾ محقق، شيخ اياز جي غزل تي هر پاسي کان نظر ڊوڙائي آهي، جنھن ۾ شيخ اياز جا مقفا غزل، مردف غزل ،مسلسل غزل، متفرق غزل، بامطلع غزل ،بامقطع غزل ،بي مقطع غزل ۽ بي مقطع غزل، غزل جي انفراديت، غزل ۽ تغزل ۽ شيخ اياز جي غزلن ۾ محاڪات.
    محاڪات شاعريءَ جو اصطلاح آهي، لفظي مصوري جو نالو محاڪات آهي،شاعري ۾ تخيل ۽ محاڪات گڏجي شاعريءَ کي مڪمل ڪن ٿا. غزل ۾ منظر نگاري خاص اثر نه ٿي رکي، ليڪن محاڪات جو اثر نرالو ۽ پُر تاثير آهي.
    موتئي جون مالهائون، مُندَ،
    مَن مندر جي چائٺ شام.
    فن تي سنڌ ۾ مختصر ليکڪن ڪم ڪيو آهي جيڪو گڏيل طور تي ملي ٿو. هن ڪتاب تي عزيز قاسماڻي هڪ شخصيت جي هڪ صنف تي تحقيقي ڪم سر انجام ڏنو آهي، جيڪو مبارڪ جي مالها جو حسين باب آهي. ڳالھ وري به اچي ٿي، پنجين باب تي. ان ۾ عزيز قاسماڻي، شيخ اياز جي غزل ۾ تجنيس، استعارو، تشبيھ ۽ اشارا ۽ ڪنايا تفصيلي ۽ شيخ اياز جي شاعري ڪوٽ به ڪئي آهي.
    مثلن : غزل جي هيٺين بيت ۾ شاعر رمز ۾ بيان ڍڪيو آهي جڏهن ته شاعر موت سان مخاطب آهي.
    تون ئي سراءِ ۾ رَھُ، مون کي نه آھِ رهڻو،
    موٽان به يا نه موٽان، آ دور دور ڪهڻو.!
    عزيز قاسماڻي هر باب جي آخر ۾ حوالا به پيش ڪندو آيو آهي. باب ڇهين ۾ نتيجو ڏنل آهي، محقق لکي ٿو ته : شيخ اياز جي ٻولي جيڪا غزل ۾ استعمال ٿيل آهي، اها علم عروض جي قاعدن ۽ قانون جي بنياد تي ائين پوري ۽ سھڻي جڙيل آهي، جيئن مُنڊيءَ تي ٽڪ جڙيل هوندي آهي. ڪتاب جي آخر ۾، ڪتابن جي ببلو گرافي آهي، جنھن ۾ ڄاڻ جو هڪ الڳ جھان سمايل آهي. 200 ورقن جي ڪتاب جي ارپنا مهان ڪوي شيخ اياز، زرينه شيخ، اقبال بيگم ۽ سرمد چانڊيي جي نالي ٿيل آهي.ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل، سنڌ جي ناليواري دانشور جامي چانڊيي لکيو آهي. لکي ٿو ته :سنڌي ادب ۾ نئين نسل جي اهڙي ٽھي اڀري آئي آهي، جيڪا تخليقي ادب سان گڏوگڏ تنقيدي ۽ تحقيقي ميدان ۾ به پنهنجي اصلوڪي انداز ۾، نون نون موضوعن ۽ ادبي پاسن تي تمام معياري ڪم ڪري رهي آهي. مان بيحد اصلوڪي انداز ۽ معياري محققانا ٿيل ڪم تي محقق ۽ ادبي پارکو پنهنجي دوست عزيز قاسماڻيءَ کي دلي واڌايون ڏيان ٿو.
    آخر ۾ عزيز قاسماڻي لاءِ، مهان ڪوي شيخ اياز جون هي سٽون :
    آءُ، تون خوشيءَ وانگر،
    پيار، زندگيءَ وانگر.
    اڄ ته هو اياز آئي،
    آھ سنگتيءَ وانگر.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو