جڳائي ٿي اول خدا جي ثنا ڌڻي پاڪ رب العلى جي ثنا ڪئي خود خدا آهه قرآن ۾، شفيع الورى مصطفى جي ثنا جو حضرت جو همراز هو يار غار، ڪيان ڇو نه ان باوفا جي ثنا عدالت ۾ مشهور عادل عمر، جڳائي انهي بي ريا جي ثنا سخا ۾ برابر نه جنهن ساڻ ڪو، ڪرڻ گھرجي ان باحيا جي ثنا ڪئي مصطفى آهه من ڪنت سان، علي شاه شير خدا جي ثنا وه آيت سان تطهير جي ذات پاڪ، ڪئي آهه خيرالنسا جي ثنا ڏئي سر ٿيا سرخرو سبزپوش، ڪيان تن مان اهل رضا جي ثنا رکج نظم جا در احسن تون بند ڪري سڀڪو اڄ اغنيا جي ثنا