جڳائي ٿي اول رديف الف ديوان احسن حافظ محمد احسن چنه

'سنڌي شاعري' فورم ۾ امام بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2020۔

  1. امام بخش جوڻيجو

    امام بخش جوڻيجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2020
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    جڳائي ٿي اول خدا جي ثنا

    ڌڻي پاڪ رب العلى جي ثنا

    ڪئي خود خدا آهه قرآن ۾،

    شفيع الورى مصطفى جي ثنا

    جو حضرت جو همراز هو يار غار،

    ڪيان ڇو نه ان باوفا جي ثنا

    عدالت ۾ مشهور عادل عمر،

    جڳائي انهي بي ريا جي ثنا

    سخا ۾ برابر نه جنهن ساڻ ڪو،

    ڪرڻ گھرجي ان باحيا جي ثنا

    ڪئي مصطفى آهه من ڪنت سان،

    علي شاه شير خدا جي ثنا

    وه آيت سان تطهير جي ذات پاڪ،

    ڪئي آهه خيرالنسا جي ثنا

    ڏئي سر ٿيا سرخرو سبزپوش،

    ڪيان تن مان اهل رضا جي ثنا

    رکج نظم جا در احسن تون بند

    ڪري سڀڪو اڄ اغنيا جي ثنا​
     
    دين محمد لاکو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو