رِشتا

'ڪهاڻيون' فورم ۾ طاھر پٺاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2020۔

  1. طاھر پٺاڻ

    طاھر پٺاڻ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏12 آڪٽوبر 2019
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    شھر کان ڪافي پري صاف شفاف پاڻيءَ سان ٽمٽار ڍنڍ جي اولاهين پاسي سر سبز ٻنين، سنڌڙي انبن ۽ ليمن جي باغن جي وچ ۾ اٺن-ڏھن گھرن تي مشتمل اھو ھڪ من موهيندڙ ننڍڙو ڳوٺ آهي، ڳوٺ جي ڀرسان شهر طرف ويندڙ ٽٽل ڦٽل روڊ تان گذرندڙ ماڻھو ان ڳوٺ جي خوبصورتيءَ کي ساراھڻ کان سواءِ رھي ناھن سگھندا، ٻين ڳوٺن کان الڳ ٿلڳ ان ڳوٺ کي ھڪ نظر ڏسڻ سان ايئن لڳندو آهي تہ ان ڳوٺ ۾ رھندڙ سڀ ماڻهو بہ پنهنجي ڳوٺ وانگر خوشحال، سکيا ستابا، منَ جا اُجرا ۽ ميٺ محبت وارا ھوندا پر ھاڻ شايد سنڌ سونھاريءَ جي شھر شھر ۽ ڳوٺ ڳوٺ کي ڪنهن بدنظر جي نظر لڳي ويئي آهي جو ھتان پنهنجائپ جو پکيئڙو رُسي ڏُور اڏامي ھليو ويو آهي، ڪشمور کان ڪيٽي بندر تائين ھن ڀُونءِ ڀلاريءَ جي ھر شھر ۽ ڳوٺ ۾ معمولي ڳالهين تي بہ پنھنجن مٽن مائٽن لاءِ دلين ۾ نفرتون ۽ عداوتون پلجي رھيون آهن ان ڪري سڄي قوم جو ايڪو ۽ اتحاد ٽُٽي چڪو آهي جنهن جو فائدو وٺندي الائي جي ڪٿان ڪٿان کان لکين ڌارين جي لوڌ اچي اسان جي شھرن، قدرتي وسيلن ۽ روزگار جي ذريعن تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ اسان ھن ڌرتيءَ جا وارث پنهنجن جا ئي پير ڪڍڻ ۾ مصروف ھجڻ سبب ڏينھون ڏينهن وڃئون ٿا پٺتي پوندا.
    مرد جي بالادستي واري ھن معاشري ۾ رت جي رشتن خلاف دلين ۾ ٻرندڙ ان باھ جي تپش عورت تي وڌيڪ پئي ٿي جنهن سبب اڪثر مظلوم عورتون ئي ڏکن ۽ دردن ۾ زندگي گذارين ٿيون.
    ٻن خاندانن وچ ۾ پيدا ٿيل نفرتن ۽ وڇوٽين سبب ھن ننڍڙي ڳوٺ ۾ بہ ھڪ معصوم ناريءَ جو جيءُ جُھري ٿو پيو، ھي ڪھاڻي ھن ئي ڳوٺ ۾ رهندڙ سڪينا نالي ان عورت جي آھي.
    ڳوٺ جي ھڪ ڪشادي اڱڻ واري گھر ۾ سڪينا ٻٻر جي وڻ ھيٺان ٻڌل مينهن کي بالٽيءَ ۾ پاڻي پياريو، سڄي اڱڻ کي ٻھاري ڏئي صاف ڪيو ۽ پوءِ پنھنجي ٻن سالن جي ڌيءَ عذرا کي وھنجاري نوان ڪپڙا پھرايا، گرمي ۽ سڄي ڏينهن جي ڪمن جي ٿڪاوٽ سبب گھڙي کن ساھ پٽڻ لاءِ ھوءَ پنھنجي ڌيءَ سان گڏ کٽ تي اچي ويٺي ۽ ڀر ۾ پيل مڙس جي موبائل فون کڻي ان ۾ ايف ايم ريڊيو ھلايو تہ موبائل جي اسپيڪر مان سرمد سنڌي جو گيت ھلِي پيو..
    اچن ياد مون کي ٿا پنھنجا اباڻا
    مونکان ڪينَ وسريا سي ڏوٿِي ڏاڏاڻا..
    گيت ٻڌندي ئي بي اختيار سندس اکين مان لڙڪ وھڻ لڳا، اڄ صبح کان ئي ھن جي دل ماندي ھئي، سوير کان ئي پنهنجي ماءُ، ڀينرن ۽ ڀائرن کي ساريندي ھُن کي روئڻ ٿي آيو پر ھن مضبوطيءَ سان پاڻ کي روئڻ کان روڪي رکيو ھو پر ھاڻ اوچتو سرمد جو ڏک ڀريو گيت ٻڌڻ سان ئي ھن جي ضبط ۽ برداشت جا بند ٽوڙي لڙڪن جو درياھ وھي پيو ۽ ھوءَ سڏڪڻ لڳي، کيس پورو سال گذري چڪو ھو پنھنجي امڙ، ڀينرن ۽ ڀائرن سان نہ ملي سگهي ھئي، سندس مڙس کيس پيڪن وڃڻ کان روڪي ڇڏيو هو، ھوءَ پنھنجي ڌيءَ کي جھوليءَ ۾ ويھاري اڃان گيت ٻڌي رھي ھئي جو اوچتو سندس مڙس اچي کيس گھٽ وڌ ڳالهائيندي مارڪٽ ڪرڻ شروع ڪئي پر جلد ئي سندس سُھري اچي کيس ڇڏائي ورتو ۽ لياقت کي ھڪ چماٽ بہ وهائي ڪڍي، لياقت پنهنجي پوڙھي پيءُ ڏانهن ۽ پوءِ سڪينا ڏانهن ڪاوڙ ۾ ڏٺو ۽ پنهنجو موبائل فون کڻي ٻاھر ھليو ويو، سڪينا کي پنهنجي مڙس جي اھڙي رويي جو ڏک تہ ھو پر ھن جڏهن سامھون نم جي وڻ ھيٺان کٽن تي ويٺل پنهنجي سس ۽ نڻانن کي کلندي ڏٺو تہ کيس دل ۾ تيرَ لڳندي محسوس ٿيا.
    ٽي سال اڳ سڪينا پنھنجي سڳي ماروٽ لياقت سان پرڻجي شھر کان ھن ڳوٺ ۾ آئي ھئي، ان جي ڪجھ ڏينهن کان پوءِ سڪينا جي ڀاءُ ياسر جي شادي لياقت جي ڀيڻ مريم سان ٿي ھئي، اھا سڱابندي ھنن جي ننڍي ھوندي ئي سندن والدين ڪري ڇڏي هئي.
    لياقت گھٽ پڙھيل، لاپرواھ ۽ چيڙاڪ طبيعت وارو نوجوان هو، شادي جي ٻئي ڏينهن تي ئي ھن پنھنجي ماءُ جي چوڻ تي سڪينا کي ڏاج گھٽ ملڻ جو طعنو ڏنو ھو ۽ پوءِ ھڪ ڏينھن ھن ڪنهن ننڍڙي ڳالھ تي سڪينا کي مارڪٽ پڻ ڪئي، ڪنهن جي روڪ ٽوڪ نہ ھجڻ سبب پوءِ اھو سلسلو شروع ٿي ويو ھو پر جڏهن کين عذرا ڄائي تہ لياقت جو ڪروڌ ۽ ڪاوڙ حد کان لنگھي وئي، لياقت کي پھريون اولاد پُٽ جو کپي پيو پر ڌيءَ جي پيدائش سبب ھن سڪينا جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو هو، ان عمل ۾ لياقت جي ماءُ بہ سڪينا سان ڪِين گھٽايو ھو، سڪينا شروع ۾ تہ پاڻ سان ٿيندڙ ان ويل ۽ ناحق جو ذڪر پنھنجي امڙ کان بہ لڪائي رکيو ھو پر ھڪ ڏينھن اوچتو سندس ماءُ پنھنجي اکين سان لياقت پاران سڪينا کي ٿيندڙ تشدد ۽ گارگند جو منظر ڏسي ورتو هو، ان ڏينهن ھوءَ پنھنجي ننڍي پٽ سان گڏ سڪينا سان ملڻ آئي ھئي پر سڪينا جي اھڙي حالت ڏسي ھن جو جيءُ جھري پيو ھو، ٿوري دير ۾ ئي ھوءَ پنھنجي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي کي ڏوراپا ڏيئي روئيندي واپس ھلي آئي.
    ان ڏينهن کانپوءِ آھستي آھستي ٻنهي گھرن وچ ۾ نفرتون ۽ ويڇا وڌڻ شروع ٿي ويا، پنهنجي ڌيءَ تي تشدد ۽ سختيون ڏسي سڪينا جي والده بہ مجبور ٿي ياسر کي چئي مريم جو پنهنجي ماءُ پيءُ جي گھر وڃڻ بند ڪرائي ڇڏيو، ياسر سلجھيل، تعليم يافتہ ۽ بردبار ھو، ڪجھ سال پھرين پنھنجي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ سڄي گھر جون ذميواريون ھن جي ڪلھن تي هيون، جيتوڻيڪ هن کي پنهنجي ڀيڻ سڪينا جي ڏکن ۽ تڪليفن جو پورو احساس ۽ ڏک ھو پر ھو پنھنجي گھرواري کي سندس ماءُ پيءُ سان ملڻ کان روڪي لياقت جيان عورت تي ناجائز پابنديون مڙهي لياقت کان بدلو وٺڻ جي خلاف ھو پر پنهنجي ماءُ جي گھڻي زور ڀرڻ سبب مجبور ٿي ھن بہ نيٺ مريم کي سندس ماءُ پيءُ جي گھر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو.
    پر لياقت تي ان جو بلڪل ابتو اثر ٿيو، ان کان پھرين ھو سڪينا کي پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ وڃڻ جي ڪڏهن ڪڏهن اجازت ڏيندو هو پر جڏهن سندس ڀيڻ مريم تي بہ مڙس پيڪن وڃڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي تہ ھن کي پنهنجي ڪيل غلطين ۽ ظلم جو احساس ٿيڻ بجاءِ ويتر ھن سڪينا تي پابنديون، سختيون ۽ تشدد وڌائي ڇڏيو، لياقت جي اھڙي ڪريل عمل سبب آھستي آھستي ٻنهي خاندانن وچ ۾ پيدا ٿيل ڏار ۽ وڇوٽيون گهڻيون وڌي ويون ۽ ٻنهي گھراڻن جي سڀني فردن بہ ھڪٻئي سان ملڻ، ڳالھائڻ توڙي اچڻ وڃڻ ختم ڪري ڇڏيو، مٽن مائٽن ۽ برادريءَ جي بہ ڪنھن ماڻهو اچي سندن صلح نہ ڪرائي، ھر ڪنھن رڳو تماشو پئي ڏٺو، ايئن ئي پورو ھڪ سال گذري ويو،
    ***************
    ياسر منجھند کان پوءِ آفيس کان گھر پھتو، ماءُ سان ملي پنهنجي ڪمري ۾ آيو تہ سامھون بيڊ جي ھڪ ڪنڊ تي ويٺل سندس گھرواري تي نظر پيس، ھوءَ اداس ھئي ۽ آھستي آواز ۾ گيت جھونگاري رھي ھئي.
    مون وٽ ڪونہ آيا سي اوٿي اباڻا
    روئي روز جن لئہ ڀِڄايم ويھاڻا
    ياسر کي ايندو ڏسي ھوءَ خاموش ٿي بيڊ تان اٿي بيٺي ۽ پنهنجي ڳلن تان ڳوڙها اگھي ورتائين.
    ياسر ھن جي ڏک ۽ اداسي کي محسوس ڪري ورتو ھو
    "تياري ڪر تہ توکي تنهنجي والدين جي گھر پھچائي ٿو اچان". ياسر مريم کي چيو تہ ھوءَ حيران ٿي ويئي، کيس يقين نہ پئي آيو.
    "ڇا پيا چئو؟ مون سان مذاق ٿا ڪيو ڇا"؟ مريم حيرت منجھان پڇيو.
    "مون جيڪو چيو تون ان تي عمل ڪر". ياسر ڪاوڙ ۾ وڏي آواز سان کيس چيو.
    "پر ڦُڦي کان تہ اجازت وٺو". مريم جھيڻي آواز ۾ کيس منٿ ڪئي.
    ياسر ڪجھ چوڻ ٿي چاهيو پر ان مھل سندس ماءُ ڪمري ۾ داخل ٿي، سندس پٺيان ياسر جون ٻيئي ڀينرون بہ اندر آيون.
    "ڇا ڳالھ آهي پٽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو توهان"؟ ياسر کان سندس ماءُ پڇيو تہ ياسر پنهنجو ڪنڌ جھڪائي کيس پنهنجي ارادي کان آگاھ ڪري ڇڏيو.
    "ياسر پٽ جيڪڏهن مون کان پڇڻ بنا ئي تون اھو فيصلو ڪري ورتو آهي تہ پوءِ مان توکي نہ روڪينديس، پر اھو نہ وسارجان تہ تنھنجي ڀيڻ کي لياقت وارن سال کان ھت اچڻ ناھي ڏنو، ھن کي ڪھڙي ڏوھ جي سزا پيا ڏين؟، پورو سال گذري چڪو آهي، خبر ناهي تہ منھنجي سڪينا ڪھڙي حال ۾ ھوندي، مريم کي تہ اسان رڳو ڪجھ مھينن لاءِ روڪي کين احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس ماءُ ڏکايل لھجي ۾ کيس ياد ڏياريندي چيو
    "امان..... امان! مان لياقت وانگر عورت تي ظلم ۽ جبر نٿو ڪري سگھان، مان ھن جيان جانور نٿو بڻجڻ چاهيان". ياسر ماءُ کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس امڙ روئندي ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي، ياسر اکيون بند ڪري ڪجھ دير سوچيندو رهيو ۽ پوءِ مريم سان گڏ ٻاھر اچي پنهنجي ڪار ۾ ويٺو، رستي ۾ ٻنھي ھڪ لفظ بہ نہ ڳالهايو، گھڻي دير تائين ڪار ڪچن پڪن رستن تي ھلڻ کان پوءِ اچي لياقت وارن جي دروازي تي بيٺي، چڱي دير تائين ياسر گاڏي ۾ خاموش ويٺو رھيو تہ مريم بہ گاڏي تان نہ لٿي، ڪجھ دير جي خاموشيءَ کانپوءِ نيٺ ياسر کيس گھر اندر وڃڻ لاءِ چيو تہ ھوءَ ھيٺ لٿي ۽ کيس بہ اندر ھلڻ لاءِ منٿ ڪئي پر ياسر ڪو بہ جواب نہ ڏنو تہ مريم آھستي آھستي گھر جو در ٽپي اندر ھلي ويئي.
    مريم جي وڃڻ کان پوءِ بہ ياسر ڪجھ دير تائين پنهنجي ڀيڻ جي گهر ٻاھران گاڏي ۾ ويٺو رھيو، ھن جي دل پنهنجي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجيءَ سان ملڻ لاءِ تڙپي رھي ھئي، سڄو سال گذري چڪو ھو ھن کين ڏٺو بہ نہ ھو پر ھو پنھنجي دل تي پٿر رکي اتان واپس موٽي آيو، گھر پھتو تہ ھن سان ڪنهن بہ گھر ڀاتي نہ ڳالهايو، ھو سڌو وڃي پنھنجي ماءُ جي ڀرسان ويٺو تہ ماءُ منھن ڦيري ڇڏيو ۽ ساڻس ھڪ لفظ بہ نہ ڳالهايو، ياسر مايوس ٿي پنھنجي ڪمري ۾ وڃي ويٺو، ھو اداس ھو، ماءُ جو ساڻس نہ ڳالھائڻ ۽ منھن ٻئي طرف موڙڻ کيس ڏکائي رھيو ھو، اڳ ڪڏهن ھن پنھنجي ماءُ جي مرضي جي خلاف ڪو ڪم نہ ڪيو ھو، ڪمري ۾ اڪيلو ويھي ھو ڪافي دير سوچيندو رهيو، امڙ جو بي رخي سان منھن موڙڻ ۽ ساڻس نہ ڳالھائڻ کيس ڏکائي رھيو ھو انڪري ھن رات جي ماني بہ ھن نہ کاڌي، چين ۽ سڪون اڏامي چڪو ھئس ۽ کيس ڪجھ بہ سمجھ ۾ نہ پئي آيو تہ ڇا ڪرڻ گهرجي، اوچتو ھو اٿيو ۽ گھر کان ٻاھر نڪري آيو، مختلف گھٽين ۽ روڊن تي اڪيلو گھڻي دير تائين گھمندي ڦرندي ٿڪجي پيو تہ فوٽ پاٿ تي ويهي رهيو، ٻانھن ۾ پاتل گھڙيءَ ۾ ٽائيم ڏٺائين تہ رات جا ٻہ وڄي رهيا هئا وڏو ساھ ڀري اٿي گھر طرف ھلي پيو، گھٽيون ۽ رستا خالي ھئا پر ڪنهن ڪنهن مھل ڀرسان گذرندڙ ڪا گاڏي کيس سوچن ۽ خيالن جي دنيا مان ٻاهر ٿي ڪڍيو، گھر پھچي پنهنجي ڪمري ۾ وڃي ليٽي پيو پر کيس ننڊ ڪٿي ٿي آئي، سوچيندي، لڇندي ۽ پاسا ورائيندي نيٺ سندس اک لڳي وئي.
    صبح جو ڪجھ دير سان اک کليس، آفيس وڃڻ لاءِ کيس دير پئي ٿي انڪري جلدي جلدي ناشتو ڪري ڪمري کان ٻاهر آيو، سندس ماءُ سامھون کٽ تي ويٺل ھئي سندس منهن ھيٺ ھو، ھوءَ اڃان بہ ناراض ۽ ڏکايل پئي لڳي، ياسر روز جيان اڄ بہ آفيس وڃڻ کان اڳ سندس پيرن تي ھٿ رکڻ لاءِ آھستي آھستي ڏانھنس وڌڻ لڳو، سندس من اندر وسوسن ديرو ڄمائي ورتو ھو تہ امڙ الائي پير ڇھڻ ڏيندي بہ يا نہ..؟، ھن اڃان ٻہ ٽي قدم ئي وڌايا ھئا جو سندن گھر جو دروازو کليو ۽ سندس ڀيڻ سڪينا اندر داخل ٿي ساڻس گڏ ننڍڙي عذرا ۽ لياقت بہ ھئا، سڪينا جي اکين ۾ خوشيءَ جا ڳوڙها ھئا ۽ ھن وڃي پنهنجي امڙ کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو، پوري سال کان پوءِ ماءُ ۽ ڌيءَ پاڻ ۾ مليون هيون تنهنڪري ٻيئي رنيون پئي، سڀ گھر ڀاتي تمام گهڻو خوش ھئا اڄ پوري سال کان پوءِ سندن گھر خوشيءَ ۾ ٻھڪي پيو ھو، ٿوري دير اڳ تائين جيڪي گھر ڀاتي ياسر سان ڪاوڙيل ھئا سي ھاڻ ڏانھنس خوش ٿي نھاري رھيا ھئا، لياقت اڳتي وڌي ياسر جي ڀرسان اچي بيٺو، شرمساري سبب سندس ڪنڌ جھڪيل ھو.
    "ياسر! تون عظيم آھين يار"، ھن ياسر جي ڪلھي تي ھٿ رکندي چيو، ڪالھ تون منهنجي مئل ضمير ۽ انسانيت کي جيئاري ڇڏيو آهي".
    ياسر کلندي اڳتي وڌيو ۽ پنهنجي معصوم ڀاڻيجي عذرا کي کڻي پنهنجي سيني سان لڳايو...
     
    دين محمد لاکو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو