بينا شاھ جي ناول Season of Martyrs تي حسن مجتبٰی جو تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اي زمانا اسان جو قبيلو ڪپو

    حسن مجتبٰی

    اڄ سنڌ ڌرتي جي عظيم محب وطن اڳواڻ جي ايم سيد جي ورسي آهي ۽ اهو ڪيڏو نه سٺو اتفاق آهي ته مون تازو جيڪو هڪڙو انگريزي ناول پورو ڪيو آهي، ان ۾ هڪڙو پورو باب “سائين” جي نالي سان آهي. سنڌو ڪناري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جو اهو جھونو جنهن کي هن جا پوئلڳ توڻي گهڻا ماڻهو “سن جو سائين” چوندا آهن. ايئن ته سنڌين جي هر گهر ۾ هر ميل تي هڪڙو سائين ضرور ويٺو هوندو آهي پر هو واقعي به سچ پچ جو سائين آهي، ڄڻ ته اهو لفظ هن کيرٿر جهڙي قديم عظيم ماڻهو لاءِ ٺهيو هو. هل ڙي سنڌي قوم. جيئن مولا بخش لغاري پنهنجي زماني ۾ چوندو هو. اهو زمانو اور هو، هي زمانو اور آ. هاڻوڪي زماني ۾ اهو انگريزي ۾ ناول بينا شاهه جو لکيل آهي. انهي جو انگريزي ۾ نالو آهي “سيزن آف مارٽيرز”. سنڌي ۾ چئبو “رُت شهيدن جي.” مون جڏهن سائين واري باب سميت اهو ناول پڙهي پورو ڪيو ته مونکي انهي ڪتاب تي بينظير جي اڌ لڪل اڌ ظاهر ڳاڙهي رئي واري تصوير ۽ ڪور ڊيزائين تي ان عنوان ڏانهن ور ور ڌيان وڃڻ وقت مونکي پياري حليم باغي جو اهو معرڪته الآرا نظم ياد آيو. بار بار چپن تي رهيو. ڇا ته نظم آ جيڪو پڻ علي الاعلان سيد ڏانهن منسوب آهي ۽ ان جون اهي سٽون ياد آيون؛
    ا ي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو،
    خون ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ
    جي مون کان اوهين ٿلهي ليکي سولي سنڌي ۾ ان انگريزي ناول بابت پڇيو ته منهنجو منظوم موقف حليم باغي جو اهو نظم آهي. گهڻا ڏينهن ٿيا جڏهن منهنجي هڪڙي اسڪالر دوست حليم وٽ وڃي سندس انهي نظم کي ريڪارڊ ڪيو هو، تنهن کي مون اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيو هو. هاڻ اهو اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو پڻ ڪيل آهي ۽ انٽرنيٽ تي موجود آهي. پر بينا شاهه جو اهو اٽڪل ٻه سو اسي صفحن واري انگريزي فڪشن ۾ ناول رڳو سيد جي ڪهاٹی ناهي. پر اها سنڌ جي ڪھاڻي آهي. سنڌ ۽ سنڌين جي ڪهاڻي. هونئن ته ڏکڻ ايشيا ۾ انگريزي ٻولي جا فڪشن نگار، ناول ۽ ڪهاڻي گهڻو ڪري سيپٽمبر ٻه هزار هڪ کانپوءِ واري دنيا جي پس منظر ۾ لکندا آهن، (سواءِ هڪ ٻن ٽن کي ڇڏي) جو اهو ئي سرمو ٻاهر وڪامي ٿو پر بينا شاهه دل کي نه رڳو ڇهندڙ پر دل ٽوڙيندڙ موضوع کنيا آھن. سنڌ ۽ سنڌين کي انگريزي فڪشن جي وسيلي سنڌ کان ٻاهر جي پنهنجي توڻي پرائي (جيتوڻيڪ ليکڪن لاءِ پنهنجو پرائو نه هوندو آهي) پڙهندڙ وٽ پھچايا آھن. اها ڪهاڻي سنڌ ۽ سنڌ جي ڪهاڻي آهي. واقعي به. اها ڪھاڻي جيڪا هن ناول ۾ بينظير ڀٽو کان شروع ٿي بينظير ڀٽو تائين ختم ٿئي ٿي. يعني هن جي ٽائيم سيٽنگ بينظير جي آخري ڀيرو جلاوطني مان واپس اچڻ کان وٺي ڪارساز واري جلوس ۽ راولپندی لياقت باغ ۾ جلسي جي پڄاڻي تي واپسي کان جلسي گاهه مان نڪرڻ واري روٽ وٺڻ تائين آهي، جيڪا ئي اصل ۾ بينظير جي ڪهاڻي جي پڄاڻي آهي. بينظير جي پڄاڻي سان ناول جي اوچتو پڄاڻي ٿي وڃي ٿي. مون سوچيو بينظير جي پڄاڻي ئي اصل ۾ بينظير جي شروعات پڻ آهي ۽ هوءَ واپس اچڻي آهي. سنڌين جو بينظير سان جيڪو عشق آهي، انهي کي لفظن ۾ هن مهل تائين فڪشن ۾ ڪا تصوير ڏئي سگهي آهي ته اها بينا شاهه سندس ان ناول ۾ ڏني آهي. انهي ناول جو مکيه ڪردار هڪڙو ويهه ٻاويهن سالن جو نوجوان علي سڪندر آهي جيڪو هن ناول ۾ سکر جي هڪڙي پير سڪندر پيپلي وڏيري جو پٽ آهي، جنهن جون ٻه شاديون آهن، جيئن سنڌي پير وڏيرا ھاڻ ته مڊل ڪلاسيا، نام نهاد ساڃهه وند ۽ سنڌي سول سوسائٽي جا ميمبر به ڪن ٿا. ٻيو ڪردار سنيتا نالي هندو ڇوڪري آهي، جيڪا علي جي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪلاس فيلو آهي، جنھن سان هو پيار ڪري ٿو. علي جو پي پيپلو وڏيرو آ، جنهن جو خاندان وڏي ڀٽي وارن زرعي سڌارن کان سندن زمينون بچائڻ ڪاڻ پي پي پي جو حمايتي ٿيو هو. جن جي گهر ۾ سر شاهنواز ڀٽو ايندو هو. جڏهن ته سر شاھنواز ڀٽي جي ٻي زال لکي ٻائي ذوالفقار علي ڀٽي جي والده جي مٿس اثر سبب غريبن جو حامي پڻ ٻڌايو ويو آ. نوجوان علي جيڪو هڪ خانگي نيوز چينل ۾ ڪم ڪندي ٻڌايو ويو آهي، تنهن جي بنيادي ڇڪتاڻ سندس پيءُ سان آهي جيڪو ٻارنهن سالن جي عمر ۾ کيس ۽ سندس ماءَ ۽ ڀاءُ ڀيڻ کي ٻي عورت سبب ڇڏي وڃي ٿو. اوهان سمجهندا ته ڪو هي ناول ڪنھن ٽي وي سوپ اوپيرا وانگر آهي. نه هر گز.
    ناول جي ڪهاڻي پراڻي ۽ صوفين واري سنڌ سان شروع ٿئي ٿي. اها سنڌ جيڪا جڏهن نيپيئر فتح ڪري ٿو. بينا شاهه شروعاتي باب ۾ اهڙي سنڌ جي تعريف هن ريت ٿي ڪري.. “سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي مقبرن ۾ صوفي اوليا پوريل آهن. جن جا جسا سنڌ جي واريءَ ۾ ملي هوائن ۾ ٽڙي پکڙي ويا، جيڪي ويڙهاڪن جي دلين ۾ باهه ٻاريندا رهيا آهن، جيڪا هڪڙي ڏينهن سنڌ مٿان انگريزن جو طوق ٽوڙي ڦٽي ڪندي.”
    ڪهاڻي جيڪا انهي کان سٺ سال پٺيان هلندي ٽالپرن جي دور ۾ سنڌوندي مان اليگزينڊر برنس جي جاسوسي لاءِ ميرن کان اجازت گهرندي اچي ٿي. ناول جي انهي باب ۾ افسانوي طور مٽياري جو جينئدل شاهه اليگزينڊر برنس جي اچڻ کي روڪڻ لاءِ ٺٽي ويندي بيان ڪيو وڃي ٿو. دلچسپ طور انهي جينئدل شاھ کي انعام بدران ٽالپر حڪمران سندس بکي شينهن آڏو بند ڪمري ۾ اڇلرائي ٿو جو ڪهاڻي موجب جينئدل شاهه جا لاڳاپا ٽالپر حڪمران جي عورت سان آهن.
    ٻئي باب ۾ پير پاڳاري، جنهن کي سندس مريد ۽ سنڌ وارا سورهيه بادشاهه چون ۽ حرن کي انگريزن خلاف سرگرم ڏيکاريو ويو آهي. هڪڙي انگريزي عملدار جي بيانئي ۾ پير ۽ سندس حرن کي منفي ڪردار ڪري ٻڌايو ويو آهي. ٻيو باب “بادشاهي راند” جي عنوان سان آهي جنهن ۾ پير پاڳاري سان سندس ڦاسي واري رات جيلر شطرنج راند کيڏي پيو، جنهن کان پير سندس ڦاسي واري وقت ۾ چند ڪلاڪ هجڻ باوجود سموريون بازيون کٽيندي ٻڌايو وڃي ٿو. چين سموڪر پير سان شطرنج راند ڪندڙ افسانوي ڪردار جيلر هڪڙي هاري جو پٽ آهي، جنهن جو خاندان ٽنڊو الله يار کان لڏي اچي حيدرآباد شهر ۾ رهي ٿو. جيڪو شطرنج راند شاگردي جي زماني دوران حيدرآباد جي گهٽين ۾ هڪڙي پڙ تي ويٺل ٻن جهونن کان سکي ٿو، مونکي سرفراز چاڙهي وٽ شطرنج کيڏندي اهي جهونا ياد آيا جن وٽ ڪڏهن ڪڏهن مير رسول بخش ٽالپور به ڪار روڪي لهي شطرنج جا ٻه ٻه هٿ ڪري وٺندو هو. سول اسپتال وٽ ته مير صاحب جا روز پنڌ ها. اھو وري هڪڙي ٻئي بادشاه جو قصو آهي.
    اهو به بينا شاهه ڄاڻايو آهي ته انگريزن سان جنهن وقت حر وڙهي رهيا ها ته ساڻن ڪو سنڌي يعني غير حر گڏ ڪونه هو.
    سائين وارو باب لاڙڪاڻي جي پهرين خلافت ڪانفرنس سان شروع ٿئي ٿو جيڪا تراب علي شاهه ۽ جان محمد جوڻيجي گهرائي هئي. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جا مولانا آزاد، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙا اڳواڻ وڏن عالمن ۽ پيرن توڻي گانڌي جي پيغام کان علاوه جي. ايم سيد پندرنهن سالن جي عمر ۾ شريڪ ٿيو هو، جنهن جي تقرير وڻ وڄائي ڇڏيا هئا. ٻي خلافت ڪانفرنس سن ۾ جي ايم سيد پنهنجي ميزباني ۾ ڪوٺائي هئي. نوجوان، يتيم غلام مرتضيٰ، جنهن جو پيءُ قتل ٿي ويو، جنهن جي تربيت گهر جي عورتن هٿان ٿئي ٿي، جنهن جي گذاري لائق زمين انگريز سرڪار جي ڪورٽ آف وارڊس تحت آهي. پوءِ ڀي گورنر جي مخالت کڻندي خلافت ڪانفرنس جي ميزباني ڪري ٿو. انهي ۾ سيد پنهنجي آجياڻي واري ڳالهه ڪري ٿو ۽ آخر ۾ سندي تقرير جي پڄاڻي جيئي سنڌ سان ڪري ٿو.
    بينا شاھ جي ناول ۾ بينظير جو افسانوي ڪردار به بڻايو ويو آهي جنهن ۾ ننڍڙي بينظير حد درجي جي خود سر ضدي پر پيءُ جي لاڏلي ۽ گهر جي وڏور. ڪهاڻي موجب بي بي کي ناراض ڪندڙ يا روئاريندڙ ملازمن کي سندس پيءُ (جنهن کي پڻ سائين ٻڌايو ويو آ) چهبڪ هڻائيندو هو. هڪڙي ڀيري انهي بينظير کي سندس هڪڙي ملازم ڪار مان لهندي گهوري ڏٺو ته انهي جون سزا ۾ رڙيون هميشه ٻين ملازمن کي ياد رهيون. ناول جي مک ڪردار علي سڪندر جي پنھنجي پيپلي پيءُ سان ڇڪتاڻ سبب ناول جي آخري باب تائين بينظير سان پڻ نفرت رهي ٿي پر بينظير جي پڄاڻي تي ھو به بينظير سان پڄاڻي تي پهچي شهيدن جي موسم منجهه مليو. جيڪا وڏيرن سان شهري يا لبرل ڪلاس ۾ نفرت آهي سا بينا شاھ جي بيانئي موجب وڏيري ڪلاس کي مظلوم ظاهر ڪري ٿي. ته وڏير ايئن ناهن جيئن هنن کي پڻيو ويو آهي. اوهان مان ڪيترا اهو ناول پڙهي اها راءِ قائم ڪري سگهن ٿا ته اهو انگريزي ۾ ناول هڪڙي مٿين وڏيري ڪلاس جي پڙهيل لکيل فرد جي اکين سان جديد سنڌ بابت پنھنجو پرزم آ.
    بينا شاه جي ناول کي انگريزي جي هڪ ٻئي فڪشن ليکڪ عامر حسين “گريٽ سنڌي ناول” قرار ڏنو آهي. اهو ڪو گهڻو وڌاءُ به ڪونهي.

    پنھنجي اخبار تان ورتل
     
    دين محمد لاکو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو