خدا کان ڊڄو.

'تعارف' فورم ۾ دين محمد لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2020۔

  1. دين محمد لاکو

    دين محمد لاکو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2020
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    مهنجي ننڍڙي عقل ڪم ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ائين ته آخر دنيا کي ڪهڙو پيغام ٿا ڏيڻ چاهين...ڪجهه ڏينهن پهريان اسان جي ملڪ جي وڏن عالمن اعلان ڪيو هيو ته شعبان مھيني جي آخري جمعي کي يوم توبه ائين يوم رحمت ڪري ملهائبو پر
    عقل حيران آهي عالمن تي، يُوم توبه ٿا ملهائين مسجدون بند ڪري..
    يوم رحمت ٿا ملهائين رمضان جو ان بيان سان استقبال ڪندي ته تراويح گھر ۾ پڙهنداسين.... سمجھ ۾ نه ٿو اچي آخر الله سائين اسان کي ڪنهن جي صدقي ٿو هلائي.... ڇا اسان جا لولا اغاميل آھن

    مونکي ته لڳي ٿو

    کوئی تو رانگ نمبر ہے کوئی پھرکی لے رہا ہے۔۔۔۔ يا ته عوام تائين غلط معلومات کي پهچايو ٿو وڃي يا عوام ان ڳالهه کي مذاق ٿو سمجهي

    یہ لطف کرم ہے یا جود سخا۔۔۔۔
    کے زندہ ہے دلوں میں ابلیس نافرمانی کے بعد۔۔

    اسان جي ملڪ ۾ وڌندڙ ڪرونا وائرس جا هر جڳھ تي عجيب هي چوٻول آهي ته تمام خطرناڪ وائرس آهي ڪوئي چوي ٿو ڇا ڪندي ڪرونا....

    مونکي ياد آهي اهو واقعو جڏهن ڪجهه سال پهريان سمنڊ ۾ وڏين لهرون اچڻ جو خدشو هيو.... مان پنهنجي ڪجهه دوستن سان گڏ ڪار تي سوار ٿي ائين ڇوليون ڏسڻ ويو هيوس جڏهن اڃان ڪجهه پري هياسين ته پوليس واري اشارو ڏئي روڪيو... ائين پڇيائين ته ٻچا ڪيڏانهن ٿا وڃو مان ڀي وڏي فخر سان چئو مانس ته چاچا سمنڊ ۾ ٻڌو آهي ته وڏيون ڇوليون ٿيون اچن اندازن چاليهه فوٽ جون سو اھي ڏسڻ ٿا وڃون... پوليس واري جو ٽهڪ نڪري ويو ائين چيائين اسان ڀي هتي خوشي ۾ ناهيون بيٺا اوھان جو قد صرف 6 فوٽ آهي ائين ڇوليون چاليهه فوٽ جون .... موت کي ڪور ڪور نه ڪيو هلو نڪرو هتان ته سوٽيون نه کائو....
    پر عجب جهڙي ڳالهه اها آهي ته اسان جو عوام ڳالهه کي سمجهڻ نه ٿو چاهي ائين ڪير آهي جو اُن کي بهتر نموني سمجهائي جيئن اياز محمود بادشاهه کي سمجهايو هو..
    محمود بادشاهه ڪنهن ڍنڍ جو سير ڪري رهيو ائين پاڻي ۾ هٿ جو وڌائين ته ٿڌي پاڻي جي ڪري هٿ سُن ٿي ويس سو چيائين جيڪو هن پاڻي ۾ ڪجهه دير بيهي ڏيکاري اُن کي انعام ڏيبو ملاح پاڻي ۾ لٿو ائين بيٺو رهيو محمود کائنس پڇيو ته ڪيئن بيٺين اهڙي ٿڌي پاڻي ۾ .... هن چيو هو پري ڏيئو پيو ٽمڪي مان دل ۾ خيال ڪيم ته مان اُن مان گرمائش پيو حاصل ڪئي. سو مونکي پاڻي ٿڌو نه ٿي لڳو... تنهن تي محمود انعام ڏيڻ کان انڪاري ٿيو ائين ملاح اياز کي رجوع ڪيو انعام وٺرائڻ لاءِ ته پوءِ اياز هڪ trick
    ڪئي ته هڪڙو بانس جو ڏنڊو کڻي ائين انجي مٿئين سري تي ديڳڙي رکي ائين هيٺين پاسي کان هلڪي باھ ٻاري ائين مٿان مڇي پچائي رهيو هو سو محمود چيو ائين ته مڇي ڪڏهن به ڪون پچندي... تنهن تي اُن وراڻيو جي ڏيئو دور پئي ٽمڪيو ته اُن مان ملاح ڪيئن گرمي وٺي سگهندو... سو محمود فورن ملاح کي انعام ڏنو...

    ٽوڙ رواج ائين رسمون ساريون مرد ٿي مرداڻو....
    بيگانو مول پاڻ نه ڄاڻي آهي يار يگانو.......

    جڏهن اسان کي توبه هي ڪرڻي آهي ته رب العالمين کان ڪنداسين ته انجي طرف ويندڙ رستا بند ڇو... يا اڃان دل ناهي ڀري ٺڳين کان.... بدگماني کان....

    ڪٿي ائين نه ٿيئي جو اسان پنهنجي مٿان رب کي راضي ڪرڻ جي بجاءِ ڏمرايي وجهون.... ڇو جو رب ارحم الراحمين به آهي ته واحد ال قهار به.....
    ڪوئي ته اسان جو جرم آهي جنهن ۾ سڀ ملوث آهيون جو سڄي انسان ذات منهن لڪائي رهي آهي ....
    رب سائين کان سچي دل سان توبه ڪيون هڪ ٻئي جا حق نه کائون ائين رب جي رحمت جا طلبگار ٿيون

    .....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو