نشي کان انڪار، زندگي سان پيار

'تعارف' فورم ۾ دين محمد لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2020۔

  1. دين محمد لاکو

    دين محمد لاکو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2020
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    # THANK YOU FOR NO SMOKING

    # زندگي سان پيار، نشي کان انڪار.

    افطار جو ٽائيم ٿيڻ وارو آهي گھر جا سڀ فرد دسترخوان تي جمع آھن مگر شیرزاد نہ آهي ............هڪڙي خارڪ کڻي ائين ٻاهر ڀڳو، چوٻول ڪرڻ لڳا ته اڄ پهريون روزو آهي ائين ئي صاحب روزو به گھر نه ٿو کولي، سڀ حيران ٿيا مگر سب روزي کولڻ لاءِ ويهي رهيا موزن ازان ڏين لاءِ جيئن هي اللہ اڪبر چيو ........ هن نه بسمِ اللہ پڙهي نه ڇا ائين سگريٽ دکايائين ائين ٿڌا ساھ ڀرڻ لڳو ڄڻ سندس وڇڙيل زندگي کيس ايڏو زور سان ڀاڪر پاتو هجي ،
    لکندڙ جا لِڱَ اي ڏڪي ويا... آخر ان تي سڪتو ڇو نه طاري ٿئي جو مهنجي وطن جو مستقبل نشي جي لاءِ تڙپ ڏسي قلم به شرمسار آهي ته ڪيئن لکان.... هن ملڪ جي نوجوان سان وابسته اُميدن جو ڇا ٿيندو جيڪي اکين جي اڳيان مري رهي هيون

    وابستہ ہوگی تھیں کچھ امیدیں آپ سے۔۔۔۔
    اُمیدوں کے چراغ بجھانے کا شکریہ۔۔۔۔

    سگريٽ جنهن کي پنهنجي پيدائش کان وٺي هي شھرت حاصل آهي اهو ڪنهن تعارف جو محتاج ڪونهي....

    ڊبليو ايچ او جي رپورٽ موجب سگريٽ ڇڪڻ ڪرڻ جي ڪري هر سال 6 لک ماڻهو اجل جو شڪار ٿين ٿا .ان رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ماڻهو سگريٽ ڇڪڻ جا هيراڪ آهن عادي آهن. پاڪستان ۾ سگريٽ سازيءَ جي صعنت وڌيڪ هجڻ اهو ثابت ڪري ٿي ته پاڪستان ۾ سگريٽ ڇڪڻ جو رجهان تمام گهڻو آهي.(Google)


    مان سوچيو اُن کي سمجهايان پر ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿي
    .... مان کيس چيو ته زندگيء سان پيار ڪيو نه ته آخري لمحن ۾ فقط خالي ايش ٽري رهجي ويندي آهي، جنهن ۾ اوھان جي مٺ تي سگريٽ جي ڦوڪ ۽ سٽڪي سان ڪرندڙ ڦلو پڻ ڪنهن ڪهاڻي ۽ داستان جهڙو ئي وڃي رهندو آهي.

    میں خود بھی اپنے آپ کے پیچھے پڑا ہوں ۔۔۔ میرا شمار بھی میرے دشمنوں میں ہے......

    جڏهن مان ننڍو هُيس ته روشن تارا رسالو ايندو هيو هاڻي خبر ناهي اهو آهي به الائي نه... ان ۾ هڪ ڳالهه لکيل هئي ته هڪڙو همراه پهريون چڪر ممبئي ٿي ويو... ائين ريل گاڏي تي هن کي وڃڻو هو سو ڳوٺ وارن کيس پار پتا ڏنا ته اسٽيشن تي لوھ جي پٽڙين جي وِچَ ۾ ڪارو انجن ايندئي ائين ڏاڍا دونها ڪڍندو هوندو اُن تي چڙهجائين اها ريل گاڏي توکي ممبئي کڻي ويندي ..... اسٽيشن تي ريلوي لائين جي وِچَ ۾ هڪڙو شيدي سگريٽ جا وڏا دونهان ڪڍندي تکو تکو ٿي آيو سو مڙس دير اي نه ڪئي ڊُڪي وَڃي چڙهي پيس ڪلهن تي.... شيدي جو ٿي ساھ ويو.... همراه کي ڏاڍِيون منٿون ميڙون ڪري ٻين همراهن لاٿو ته هي ريل گاڏي ناهي هي همراهه سگريٽ ٿو ڇڪي.....

    ڪنهن سياڻي سچ چيو آهي
    IF You are Researching on cancer than keep smoking...... نشو زندگي ناهي موت آهي ائين ڄاڻي واڻي موت جي طرف وڌڻ خودڪشي آهي.... توهان اڪيلا نه آهيو توهان سان گڏ هڪ سنسار آهي اوھان جا والدين آھن انهن جو خواهشون حسرتون ائين خوشيون توهان سان جڙيل آھن....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو