شاعره گلشن سنڌو

'انٽرويو' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2020۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    [​IMG]

    [​IMG]

    انٽرويو مير سردار چنڙ
    سوال : اوهان جو مختصر تعارف ؟

    جواب,,اصل نالو گلشن پروين, ادبي نالو گلشن سنڌو, والد جو نانء قاضي نورمحمد, سورهين ڊسمبر تي ڳوٺ قاضي پير محمد ۾ پيدا ٿيس

    : سوال : اوهان جي تعليم / نوڪري ؟

    جواب,, مون گريجوئيشن ڪئي آھي
    پيشي جي لحاظ کان جرنلسٽ آھيان

    : سوال : اوهان جو ننڍپڻ ڪيئن گذريو ؟ ادب ڏانهن لاڙو ڪيئن ٿيو ؟

    جواب,,مان سمجهان ٿي ته منهنجي جيون جو سونهري دور ننڍپڻ جو دور هو بي فڪري واري لائف پنهنجي ڌن ۾ مگن , اسڪول ٽيچر کي ڏسي انکي follow ڪرڻ ,نٽھڻ اس ۾ پيرين اگهاڙي ڪلفي واري پٺيان ڊوڙڻ, سھيلين سان گڏجي رسي راند ڪڏڻ ڪلاس ۾ سليٽ تي پاڻي آڻي ٻين سهيلين کي ڏيئي مدد ڪرڻ وارو اهو معصوم انداز , نه وسري سگهيو آهي هي زندگيء جو اهو دور هوندو آهي جنهن ۾ لالچ لوڀ جو پري پري تائين ڪو نشان ,ڪو وجود ئي نه هوندو آهي ننڍڙيون ,ننڍڙيون معصوم خواهشون هونديون آهن ڪنهن رانديڪي جي ڀڄڻ تي معصوميت مان روئڻ ۽ وري نئين رانديڪي جي فرمائش پوري ڪرائڻ جا معصوم گر سچ ته وسارڻ جوڳا نه آهن ,
    جيستائين لکڻ طرف رجحان جو تعلق آھي ته منهنجو والد صاحب مسڪين نور محمد سولنگي طنزيه مزاحيه شاعري ڪندو هو پر والد صاحب شاعري شايع ڪرائڻ جو شوق نه رکندو هو ننڍپڻ ۾ آئون به پنهنجي سليٽ تي ڪهاڻي لکڻ جي ڪوشش ڪندي هيس ۽لکڻ جو اهو شوق وقت سان گڏ پختو ٿيندو ويو نتيجي ۾ منهنجون ڊائريون شاعري سان ڀرجي ويون منهجو چاچا علي محمد درد به شاعر آهي سمجهو ته ادب ورثي ۾ مليو ڌرتيء سان ٿيندڙ نا انصافين ۽ انهيء دوران سرمد سنڌيء جي جوش ڏياريندڙ قومي گيتن ئي قلم کڻي مارن جا سور سرجي ڌرتي جي ٿڃ ملهائڻ لاء اتساهيو اهي ئي محرڪات هئا جنهن سبب آءُ تخليقڪاره جي روپ ۾ ادب جو هڪ حصو بنجي ويس

    سوال : اوهان لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي ؟ تربيت ڪنهن کان ورتي ؟

    جواب,,1992 ۾ منهنجي پهرئين تخليق شايع ٿي ۽ چاچا علي محمد کان ئي اصلاح وٺندي رهيس,

    سوال : اوهان ادب ۾ خاندان طرفان ڪيتري حمايت حاصل آهي ؟

    جواب,,شڪرالحمد لله ,شادي اڳ به منهنجي گهروارن جي مونکي مڪمل سپورٽ حاصل هئي سواء چند رشتيدارن جي, ۽ هن وقت منهنجو ور رسول بخش جيڪو پڻ جرنلسٽ آھي منهنجي قلمي سفر جو پڻ همسفر آهي مونکي سندس حمايت حاصل آهي

    سوال : سنڌي ۾ عورتن جو ڪيترو ڪردار رهيو آهي ؟

    جواب,,اسان جي سنڌ ادبي لحاظ کان شاهوڪار رهي آهي عربي رسم الخط کان ويندي سنڌي رسم الخط جو سفر ۽ اڄ تائين ادبي رجحان جو هڪ متحرڪ طريقي سان جاري رهڻ ان ڳاله جو ثبوت آهي ته ادبي لحاظ کان به سنڌي ٻولي مٿاهين آهي دور حاضر ۾ ۽ ان کان اڳ جي ادبي دورن ۾ جتي مردن ادب سان ساٿ نڀايو آهي اتي عورتون به ڪنهن ريت پوئتي ناهن رهيون پنهنجي ڏات ۽ ڏانء سان پاڻ ملهايو اٿن
    عورتن جي ادبي تاريخ تي نظر ڦيرائبي ته اسان وٽ لوڪ ادب پڻ سرجيو وڃي ٿو لوڪ ادب جون صنفون ڪوڏاڻا , سهرا, ڳيچ ,لوڪ گيت وغيره عورتن جون چيل آهن
    عورتن جي شاعري سومرن جي دور کان ملي ٿي سنڌي ٻوليء جي پهرئين معلوم شاعره "مرکان شيخڻ" سومرن جي دور ۾ ستين هجري ڌاري ٿي گذري آھي سندس ڪتاب "ڪلام مرکان شيخڻ" اوڻيه سو ايڪهتر ۾ پڌرو ٿيو
    پير حسام الدين شاه راشدي ڪتاب" حديقت الاولياء " ۾ لکي ٿو ته سومرن جي دور ۾ هڪ شخص حاجي ابراهيم جي والده سنڌي ۾ شعر چوندي هئي
    ارغونن جي دور ۾ هڪ شاعره مائي ساران به پنهنجي دور ۾ پاڻ ملهايو
    مرزا قليچ بيگ جي سوانح عمري مان سندن وڏي ڀيڻ زيب النساء جو ذڪر ملي ٿو جيڪا فارسيء ۾ شاعري ڪندي هئي مطلب ته سنڌي ادب ۾ عورت جو پڻ اهم ڪردار آهي جنهن جو ثبوت اهو به آهي ته اجڪله به ڪافي عورتن منظر عام تي آهن

    سوال : اوهان کي ادب ۾ اچڻ وقت ڪهڙن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو ؟

    جواب,,ادبي زندگي ۾ مخالفت ۽ حمايت جي زد ۾ ايل جيڪو به وقت گذريو اهو مشڪل ئي لڳو ڇوته عورت جڏهن شاعري ڪري ٿي ته ماڻھن جا نظريا ئي پنهنجا هوندا آهن ذهن جي اونداهي ڪال ڪوٺڙي ۾ ويهي منفي سوچن کي پروان چاڙھيندا آهن عورت ليکڪائن کي پريشان به ڪنداآھن مطلب ته عورت کي نهايت سمجهداري ھوش ۽ درگذر کان ڪم وٺندي منزل طرف وڌڻ گهرجي بهادر ٿي اهڙن معاملن کي face ڪري عورت پنهنجي ادبي جڳه کي برقرار رکي سگهي ٿي

    سوال : سنڌي ادبي سنگت جي ٽٽڻ سان سنڌي ادب کي ڪيترو نقصان پهتو ؟

    جواب,, اديب صرف اديب ناهن هوندا بلڪه سماج سڌارڪ , به هوندا آهن هڪ عم ماڻهو اديب کي فالو ڪري ٿو انڪري اديبن کي نه صرف پنهنجي لکڻين سان سماج کي سڌاريندا آهن بلڪه پنهنجي ڪردار ۽ عمل جو اثر به نسلن تائين ياد رکيو ويندو آهي ادبي سنگت جو ٽٽڻ ادب لاء انتهائي هاڃيڪار آهي جڏهن سنگت ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويئي آ ته ظاهر آ اديب به ٻن حصن ۾divideٿي ويا جيڪا اتحاد جهڙي قوت جي نفي آهي هي نفاق ۽ نفرتون ته رياستن جون رياستون تباه ڪري ڇڏينديون آهن سنگت جو ورهائجڻ ان ڳاله جو ثبوت آهي ته توهان ايندڙ نسلن لاء به نفرتن ۽ نفاق جا باب ڇڏيو پيا وڃو

    سوال : شاعري ڇا آهي ؟

    جواب,,شاعري انسان جي سوچ ڪيفيتن کي خوبصورت انداز سان بيان ڪرڻ جو خوبصورت ذريعو آهي شاعري صرف لفظن جو ذخيرو ناھي بلڪه سماج جي اونهاهين , لهوارين غم خوشي کي لفظن جي لباس ۾ ويڙهي اڇي ڪاري جي به سڃاڻپ ڪرائي ٿي

    : سوال : ماضي ۾ شاعرن قوم کي صحيح رستو ڏيکاريو ڇا هاڻي اوهان کي ايئن نظر اچي ٿو

    جواب,,هر دور جي شاعرن پنهنجي پنهنجي دور ۾ پاڻ ملهايو آهي هن دور جا شآعر به پنهنجي وت ۽ ست آھر قلم کڻي قوم جي سڌاري لاء ڪوشان آھن ۽ پنهنجو پهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن

    سوال : اوهان سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي مان ڪيترو مطئمن آهيو ؟
    جواب,, جيڪا هجي ئي ٻن حصن ۾ ورهايل انجي ڪهڙي حصي تي ڳالهائجي ,,,,,,,

    سوال : اوهان ادب لاء ڪهڙيون خدمتون ڪيون آهن ؟

    جواب,,دادو مان شايع ٿيندڙ خوشبو ميگ جي سب ايڊيٽر رهي چڪي آهيان اردو نيوز پيپر طوبي ٽائيمز جي ادبي صفحي جي انچارج , چيف ايڊيٽر شهيد بيبي ميگ چيف ايڊيٽر عزم پاڪستان چيف آرگنائيزر آف ايوارڊ سرمنيز, رڪن پاڪستاني وومين رائيٽرس فورم ,سينئر وائيس چيئر پرسن دي ليجنڊري پرسنالٽي آف پاڪستان آرگنائيزيشن, نائب صدر سنڌ اديب فائونڊيشن

    : سوال : هڪ اديب لاء مطالعي جي جواب ڪيتري ضروري آهي ؟

    جواب,,مان سمجهان ٿي مطالعو تمام ضروري آ اگرتوهان کي خبر نه هوندي ته ڪلائيميڪس ڇا آهي ته توهان ڪهاڻي ڪيئن لکندا
    اگر ايتري ڄاڻ نه هوندي ته قافيو رديف ڇا آهي فاعلن مفعول ڇا آهي ته توها شاعر ي ڪيئن ڪندا مطالعو هڪ پختو اديب ٿيڻ جو بنيادي ايڪو ۽ ڏاڪو آھي

    : سوال : ڇپيل / اڻ ڇپيل ڪتاب
    جواب,,ازل کان سفر ۾ , عڪس جان هم اردو گڏيل صحرا منجه صدا گڏيل ٻاراڻو ڪتاب انمول مرڪ inprocess

    سوال : ادبي دنيا مان مليل ڪي ايوارڊ ؟

    جواب ,,شهيد عادل سخيراڻي ايوارڊ , سنڌ راڻي ايوارڊ,سرمد سنڌي ايواڊ, عزم پاڪستان ايوارڊ ,دي ليجنڊريب پرسنلٽي آف پاڪستان ايوارڊ

    : سوال : ڇا سينيئر اديب جونيئر کي پوئتي ڌڪيندا وڃن ٿا ؟

    جواب,,سڀ آڱريون برابر ناهن هونديون ڪافي سنئر شاعر جونيئر جي حوصلا ا فزائي ڪندا آهن پر بدقسمتي اهڙا سينئر اديب شاعر اٽي ۾ لوڻ برابر آهن چوندا آهن مٺاڻ واري جاء ئي مکيون ويهنديون آهن اڄڪلھ به ساڳي حالت آ جيڪو شاعر يا اديب مالي طور گهڻو مضبوط آهي سڀ انکي کڻي آسمان جوسير ڪن ٿا گهڻن جونيئرس کي ته سينئر ڪتاب لاء ڪمينٽ به نه لکي ڏيندا آهن ائين لڳندو آهي ته اهي سينئر پاڻ ڪڏهن جونيئر ئي نه هئا منهنجو مطلب آ ته ڄمندي ئي ڄام هئا سينئرز کي گهرجي ته جونيئرس جي حوصلا افزائي ۽ رهنمائي ڪن

    سوال : اوهان جي زندگي جو ڪو يادگار واقعو ؟

    منهنجي زندگيء جو ڏکوئيندڙ واقعو والدين جو وڇوڙو ۽ يادگار لمحا منهنجي اولاد رفيق ۽ايمان جو منهنجي زندگيء ۾ اچڻ

    سوال نوان اڀرندڙ اديبن جو شاعري طرف وڌيڪ لاڙو ٿو ڏسجي ان جا ڪهڙا سبب آهن ؟

    جواب ,,اڄڪلھ جي نفسا نفسيء سوشل ميڊيا جي دور ۾ ھر شخص تيزي سان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ آهي وقت جي capacity گهٽ ۽ دنيا جا وهنوار گهڻا ,,انڪري اڄ جا شاعر نثر کان وڌيڪ نظم کي اهميت ڏين ٿا نثر لکڻ لاء وڌيڪ ٽائيم درڪار آ جڏهن ته پنجن بندن جو غزل جلد لکجيو وڃي انڪري ئي اڄڪله شاعري گهڻي لکي وڃي ٿي

    سوال : توهان ميگزين جا ايڊيٽر آهيو ايڊيٽر ايترا سخت قسم جا ڇو هوندا آهن ؟

    جواب,, سخت صوبر ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ واري خصلت ئي هڪ سٺي ايڊيٽر جي سڃاڻپ آهي

    سوال سنڌي ادب ۾ عورت ڳورت سان ڪيترو تعاون ڪري ٿي؟

    جواب,,ادبي کيتر ۾ عورت عورت سان تعاون ڪرڻ ته پري جي ڳالھ آ پر گهڻيون عورتون هروڀرو هڪٻئي جا پير ڪڍڻ جي ڪڍ هونديون آهن اسان عوتون آهيون ۽ سڀ عورت ليکڪائن ۾ ٻڌي هجڻ گهرجي ته جيئن مضبوط ادبي تعلقات جوڙي سگهون

    سوال : اڄڪلهه بحث هلي رهيو آهي ته نوجوان شاعري طرف لاڙو ته جام آهي پر معياري ناهي اوهان جي ڇا راء؟

    جواب,, اصل ۾ ان issue جو ذميوار سوشل ميڊيا به آهي گهڻا شاعر فيس بڪ جي پيداوار آهن جنهن ٻه لائينون لکيون ۽ گڏ ڪنهن خوبصورت عورت جي تصوير لڳائي اهو ئي شاعر هٽ ۽ اهو ئي فٽ سمجهيو وڃي ٿو جيڪو ٿو گهران ڪاوڙجي سو شاعر آهي مان سمجهان ٿي ته اهڙن اشوز کي حل ڪرڻ لاء به سينئرز کي اڳتي اچڻ گهرجي جيئن قوم جي لاء سٺا ڪوي
    پيدا ڪري سگهجن

    سوال : اڄڪلهه جيڪي رسالا نڪرن پيا اهي ڪيترا ڪارائتا آهن ؟

    جواب,, سڀ کان پهرين ته اهو چوندس ته ڪتاب انسان جو بهترين دوست آهي چاهي ڪتاب هجي يا ميگ ٻي ڳاله ته هر ڪتاب جي نوعيت هوندي آهي اگر ڪو ادبي ميگ آهي ته ان ۾ نج ٺيٺ ادب هجڻ ضروري آهي اگر شو بز يا سياسي پرچو آهي ته ان ۾ انهيء لحاظ کان مواد شايع ڪيو وڃي ۽ اڄڪلھ به ڪافي معياري رسالا مارڪيٽ ۾ نظر اچن ٿا جڏهن ته اڄڪله جي مهانگائيء جي دور ۾ ميگزين شايع ڪرڻ ڏاڍو اوکو ڪم آهي

    : سوال : سنڌ اديب فائونڊيشن جا اوهان نائب صدر آهيو ان تنظيم جو مقصد ڇا آهي ؟

    جواب ,, سنڌ اديب فائونڊيشن هڪ ادبي تنظيم آهي جنهن جو خاص ۽ اهم مقصد اديبن جي فلاح ۽ بهبود آهي مستحق شاعرن اديبن جا ڪتاب شايع ڪرائڻ , مشاعره ادبي گڏجاڻيون ڪنهن به قومي ۽ ٻوليء جي اشوز تي متحرڪ ٿيڻ ادب جي ترقيء لاء ڪوشان رهڻ ئي سنڌ اديب فائونڊيشن جو مقصد آهي

    : سوال : سنڌ اديب فائونڊيشن سنڌي ادب لاء ڇا ڪيو آهي ؟

    جواب,,جيئن ته سنڌ اديب فائونڊيشن کي ٺهي ٿورو پيرڊ ئي گذريو آ ميمبرسازي پڻ هلي رهي آهي هي ڍانچواڃان تيار ٿي رهيو آهي ايترو ضرور چوندم تنظيمون انفرادي نوعيت جو ڪم ناهن ڪنديون بلڪه تنظيم ۾ موجود هر ماڻهوء کي فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ميمبر کان وٺي مرڪز تائين هر شخص پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري ته جيئن تنظيم کي مالي طرح به مستحڪم ڪجي انشاءالله جلد تنظيم جي مالي طرح مستحڪم ٿيڻ سان ئي activities شروع ڪيون وينديو

    سوال : پڙهندڙن لاء ڪو پيغام؟

    جواب قدر ڪيو پنهنجن رشتن جو ,قدر ڪيو پنهنجن ننگن نياڻين جو نياڻين کي گهڻي کان گهڻي تعليم ڏياريو ,
    جيئو ۽ جيئڻ ڏيو
     
    عبدالحق سڌايو ۽ دين محمد لاکو هيء پسند ڪيو آهي
  2. عبدالحق سڌايو

    عبدالحق سڌايو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2021
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
  3. عبدالحق سڌايو

    عبدالحق سڌايو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2021
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41

هن صفحي کي مشهور ڪريو