وري يادگيرين ورايو اسان کي…(ڪئمپس ڊائري) حصو ٽيون

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2020۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    146
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    اُن جي برعڪس هتي ڪاليج ۾ دوستن جي مهرباني سان وري اُتري فرحت ۽ سُڪون محسوس ڪندو هيس، منهنجي لاءِ تہ هتان واري پڙهائي آرام ده هئي باقي جي جيڪڏهن منهنجي دوستن کي ڪٿي ڪا ڌڪت محسوس ٿيندي هئي تہ اُهو وري منهنجي سمجهائڻ سان آسان ۽ سولي ٿي پوندي هئي، واقعي سٺا دوست دولت هوندا آهن، دوستن سان کلندي گذاريندي ڪاليج جا ٻہ سال پورا ٿي ويا خبر ئي نہ پئي، ڪاليج مان اي ڊي ئي ڪري وري سڀني دوستن سوچيو تہ جيڪر هاڻ شاه عبدالطيف يونيورسٽي ۾ داخلا وٺجي ۽ ٻن سالن جي بي ايڊ ڪري هن ڊگري کي بي ايڊ آنرس ۾ ذم ڪرائي ڪم صفا پلستر ڪري ڇڏجي، اَن بهاني يونيورسٽي ۾ پڙهي بہ پونداسين، ڊگري بہ مڪمل ٿي ويندي ۽ علم توڙي ڄاڻ ۾ اضافو بہ ٿيندو، اهڙي ريت سڀني يونيورسٽي کي جوائن ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيوسين، يونيورسٽي جئين نئين داخلا جو اعلان ڪيو تہ اسان سڀني دوستن داخلا فارم وٺي ڪري جمع ڪرايا، ڪجھ ڏينهن بعد اسان جي ٽيسٽ ورتي وئي، تقريبن هر هڪ دوست جي ٽيسٽ بهترين ٿي هر ڪنهن کي نتيجي اچڻ جو شدت سان انتظار هو، نيٺ هڪ ڏينهن نتيجو پڌرو ڪيو ويو، پهرين نمبر تي امجد علي رند، ٻي نمبر تي رضوان علي ٽانوري ۽ ٽي نمبر تي منهنجو نالو آيو، مون کي ڪنهن حد تائين خوشي ٿي تہ آئون ٽاپ ٿري جي لسٽ ۾ آيو هيس. پر مون کي اِن کان وڌيڪ خوشي ان ڳالھ جي هئي تہ منهنجو جگري دوست رضوان علي ٽانوري ٽيسٽ ۾ ٻي نمبر تي آيو هو، امجد رند تہ پهرين نمبر تي اچڻو ئي اچڻو هو ڇو جو سندس مقابلي ڪرڻ جي سگھ رکڻ وارو اسان جي ڪلاس ۾ پهريان ڪو شاگرد هيو ئي ڪو نہ، اُن جي تہ پهريان ئي خبر هئي تہ پهريون نمبر ايندو. اِها پڪ سڀني کي هئي، باقي ٻن پوزيشنن جي، پوزيشن نمبر ٻي ۽ پوزيشن نمبر ٽي جي، ٻي پوزيشن منهنجي يار کنئي هئي ۽ ٽي پوزيشن مون کنئي هئي، سو جڏهن مون ڊپارٽمنٽ جي نوٽيس بورڊ تي انٽري ٽيسٽ جي رزلٽ جو مشاهدو ڪندي اِهي پوزيشنون ڏٺيون تہ منهنجو من باغ بهار ٿي ويو، ڇو تہ چوٽ تي اسان جا دوستن جا نالا نروار لڳا پيا هئا، امجد اسان جي ڪلاس جو هڪ بهترين ۽ هوشيار شاگرد هوندو هو، ٻين جو خيال اهو هوندو هو تہ امجد ڪنهن حد تائين صرف پاڻ تائين ئي محدود آهي هُو سنگت ساٿ وارو ماڻهو ناهي، يارن جو يار ناهي، بس ائين کڻي چئجي تہ هڪ محدود دائري ۾ رهڻ وارو ماڻهو آهي جنهن کي پنهنجي دائري کان سواءِ ڪو ٻيو واءِ وسيلو يا رستو نظر نہ ٿو اچي. پر ائين نہ هو، هُو پنهنجي پڙهائي سان سچو هوندو هو اسان پڙهڻ بجاءِ گهمڻ ڦرڻ ۽ سنگت ساٿ کي ٽائيم ڏيندا هياسين ۽ صرف پيپرن واري رات پڙهندا هياسين باقي ڪُل پيران دي خير وانگر الله الله خير سلا لڳو پيو هوندو هو. يونيورسٽي جي زندگي جيتري قدر ڏسڻ ۾ آسان لڳندي آهي در اصل حقيقت ۾ اوتري ئي پيچيده هوندي آهي، ڊپارٽمنٽ ۾ ميرٽ لسٽ جو درشن وٺي ڪري اسان سڀئي ڪاليج وارا دوست لطيف جي نگري ۾ اولڊ ڪئنٽين جي سحن ۾ اچي ويٺاسين ۽ پروگرام اِهو هو تہ جنوري جي هن بي رحم سرد فزائن ۾ چانھ جو چسڪو وٺجي، بيري کي چانھ جو آڊر ڏئي ڪري اسان اولڊ جي ٻاهران تڙڪو جهٽيندي، هڪ ٻي سان عام رواجي ڪچهري ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وياسين، جئين تہ يونيورسٽي جو ماحول اسان جي ٻين تعليمي ادارن جهڙوڪ اسڪول، ڪاليج کان مختلف هوندو آهي. مختلف ڪئين، مخلتف ائين تہ اسڪول يا ڪاليج ۾ هڪ سلسي وار پيرڊ ترتيب ڏنل هوندا آهن. جن جي وقت عمومن سڀني ڪلاسن جا پيرڊ هلندا رهندا آهن ۽ هڪ مقرر وقت تي رسيس بہ ٿيندي آهي، هتي يونيورسٽي ۾ وري ائين ٿيندو آهي تہ ڪٿي ڪنهن ڊپارٽمنٽ ۾ دوست جو ڪلاس آهي تہ وري ڪٿي ڪنهن جو ڪلاس واندو آهي، هت صبح کان شام تائين توهان کي ورسٽي جي هر رستي توڙي ڊپارٽمنٽ ۽ ڪئنٽين تي ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون هلندي، ملندي، گهمندي ڦرندي ۽ کائيندي پئيندي ملنديون، منهنجي هڪڙي يار اهڙي ئي ماحول جو يڪو ويٺي پي مشاهدو ڪيو، مشاهدو ڪري ڪري نيٺ ٻڻڪ ٻاهر ڪڍيائين، وراڻيو” يار هتان جا هي شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڙهنديون ڪهڙي ٽائيم آهن؟ مون کي تہ يڪو سڀ گهمندي ڦرندي ٿيون نظر اچن“. سندس معصومانہ سوال پوري ماحول ۾ مانڊاڻ مچائي ڇڏيو، سڀ کلي کلي کيرا ٿي پياسين، سمت ۾ ايندي مون کيس چيو ”ڀاءُ انتظار ڪر، جنهن ڏينهن تون پاڻ ورسٽي ۾ پيڙ کوڙيا تہ پوءِ اُن ماحول کان بخوبي واقف ٿي ويندين ۽ تو کي تنهنجي سوال جو جواب ملي ويندو“، همراه منهنجي ڳالھ ٻڌي ڪري اطمنان جوڳو ٿيو ۽ سڪون سان چانھ جون چسڪيون ڀرڻ لڳو ان سان گڏوگڏ نيڻن کي ٺار بخشيندي هيڏي هوڏي چور نظرن سان گلستان جي باغ ۾ ٽڙيل مکڙين جو درشن پڻ ڪرڻ لڳو.

    هلندڙ…
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو