سنڌي ادب ۾ ڪوثر ٻرڙي جو حصو ۽ ڪتاب ادب سراءِ جو جائزو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    سنڌي ادب ۾ ڪوثر ٻرڙي جو حصو ۽ "ادب سراءِ" ڪتاب جو جائزو....!
    فقير محمد سنڌي.
    جانِبَ تون جيڏو آهين، شان شعور سين،
    مون ڪَرِ منھنجا پرين، توھ تُسي جيڏو،
    ايءَ ڪامل! ڪم ڪيڏو جيئن نوازينم نگاه سين.
    ( شاھ لطيف )
    ڪوثر ٻرڙو نقش نما سنڌي ادب جو رول ماڊل آهي، ادب ۾ جيڪا به هن لڪير ڪڏي آهي، اها آرٽيٽيڪ وانگر سھڻي سڌي، وڻندڙ ۽ ان لڪير کي بنگليءَ، پلازه جو روپ ڏئي پڙهندڙ لاءِ ادب سراءِ جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي.
    تنوير عباسي جي هن شعر مطابق ته :
    هرڪو ماڻهو موتيءَ داڻو،
    هرڪا دل هيرن جي کاڻ.
    مشاهدو هر ڪنهن جو پنهنجو آهي، ڪوثر ٻرڙيءَ جو سنڌي ادب ۽ ماڻهن جي لاءِ دل دريا آهي. ان دريا دل جا واهر پنھنجا آهن ته دڳ به پنھنجا پيار آڇيندڙ آهن.
    ادب سراءِ جي گلدستي ۾ 120 گلن جو هڳاءُ شامل آهي. جنهن کي ڪوثر ٻرڙي پنهنجي زندگيءَ جي صلاحيتن مان گل چونڊي پيش ڪيا آهن. ڪتاب جي حصي پهرين ۾ شخصي خاڪا پيش ٿيل آهن.
    انهن شخصي خاڪن ۾ براڊ ڪاسٽر، شاعر ،ڪهاڻيڪار ،صحافي ۽ فنڪار شامل آهن. جن تي ڪوثر ٻرڙي پنهنجي دل جي حضور سان لکيو آهي. براڊ ڪاسٽنگ جي دنيا ۾ ڪجھ فرد اهڙا آهن، جن پنهنجو قلمي پورهيو مسلسل جاري رکيو آهي، انھن ۾ ڪوثر ٻرڙي جو نانءُ به شامل آهي. باقي براڊ ڪاسٽر اهڙا آهن جن رڳو آواز جي دنيا کان سواءِ ڪک ڀڄي ٻيڻو به ڪونه ڪيو آهي. ڪوثر ٻرڙي جيڪا واٽ ورتي آهي اها تاريخ ۾ امر رهڻي آهي.
    ڪوثر ٻرڙي جي زندگيءَ جو مختصر خاڪو :
    ڪوثر ٻرڙي جو اصل نالو غلام قاسم ولد نبي بخش ٻرڙو، پهرين سيپٽمبر 1958ع تي ڳوٺ جاني ٻرڙي، تعلقي ڪوٽ ڏيجي ضلعي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. 1983ع ۾ ايم اي بين الاقوامي تعلقات، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيائين.
    ڪوثر ٻرڙو 3نومبر 1983ع ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد کان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي. اپريل 1984ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ 1987ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين، سيپٽمبر 1995ع تي ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي جو باني پروڊيوسر رهيو. ان بعد ريڊيو خيرپور، لاهور، تربت، اسلام آباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ مختلف عددن تي ڪم ڪرڻ بعد 31آگست 2018ع تي اڻ ٿڪ محنت سان ڊائريڪٽر پروگرام جي عهدي تان رٽائرمينٽ ڪيائين.
    ادب جي کيتر ۾ ڪوثر ٻرڙي جو پهريون ڪتاب شاعريءَ جي روپ ۾ شايع ٿيو. 1 اوجاڳا ۽ خواب 2000ع، ياد گهر ،( ساروڻيون ۽ خط)2002ع،تنهن عشق کي شاباس،( رومانوي قصا) 2004ع، تون منهنجو صنم آهين،( شاعري )2005ع،امر راڳي امر گيت،( سرمد سنڌي جا ڳايل گيت ) 2005ع، فن ۽ فنڪار( فنڪارن جا انٽرويو ) 2007ع، اڏاڻا احساس،( ريڊيو ڪمپيئر )2009ع،استاد منظور علي خان، ( فن ۽شخصيت)2010ع سفرچاهتن جو،( شعري مجموعو مشتاق بخاري سان گڏ )2012ع، فن ۽ فنڪارن، راڳين جا انٽرويو ( حصو ٻيو)2012ع، سرجڻھار،( خيرپور ميرس جي شاعرن تي مشتمل) 2013ع، پيشڪار،( براڊ ڪاسٽرن جا انٽرويو 2013ع )، ڳليا پريم نگر ديان، سرجڻھار،( حصو ٻيو)، لفظ آوارہ بادل، پنهنجون پرايون ڳالھيون، ڪيڏو اڻپورو توبن،( شاعري)، ادب سراءِ، 2019 ع ۽ سرمد جون سارون 2019ع شامل آهن.
    ڪتاب ادب سراءِ جي ٻئين حصي ۾ ڪوثر مختلف وقتن تي لکيل سنڌي ادب جي ڪتابن جا مھاڳ شامل ڪيا آهن، جنھن جو تعداد 32 آهي، انھن مان ادب پڙهندڙن کي بهترين اتساھ ملي سگهي ٿو. ڪوثر ٻرڙي جي نثر ۾ لکڻ واري ڏات ڪٿي به ٿڪ نه ڀڳو آهي، ان جي ثابتي هن ڪتاب ۾ 32 تاثرات مان ظاهر ٿين ٿا. علم انسان جي ٽئين اک جو نور آهي، جنھن جي پرچارڪ ڪندي ڪوثر ٻرڙو مسلسل ان نور کي پنهنجي قلم ذريعي عام پڙهندڙن تائين رسائي ٿو. مون کي ذاتي طور تي ڪوثر ٻرڙي جي محنت، ادب جي خدمت، ٻوليءَ لاءِ اتساهه، تخليقي ۽قلمي پورهئي تي فخر محسوس ٿيندو آهي. سنڌي ٻوليءَ جي وارث لطيف سائين جي هن بيت جيئان ته :
    محبت پائي من ۾، رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن، اڻ توريو اگھائيو.
    ڪوثر ٻرڙي سنڌي ادب جي حسين ڪتابن جا بيڪ ٽائيٽل به لکيا آهن، جيڪي هن ڪتاب ۾ 12 جي تعداد سان شامل آهن. ڪتاب جي آخر حصي ۾ تبصرا ۽ مضمون شامل آهن جن به تعداد چار آهي. ڪوثر ٻرڙي براڊ ڪاسٽنگ جي دوران سنڌي ڪلامن کي غور سان ٻڌو، محسوس ڪيو ۽ انهن جي کوجنا ڪري اصل شاعرن تائين پھچڻ ۾ ڪامياب به ويو آهي. 368 ورقن جو هي ڪتاب نالي ٿيل آهي، اسٽيشن ڊائريڪٽر، ڊاڪٽر خليل ڪاڪيپوٽي، نامياري شاعر استاد اصغر مھيسر ۽ ريڊيو پاڪستان خيرپور ميرس جي انائونسر اياز ميمڻ کي.
    ڪتاب تي پبلشر نوٽ، پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور جي چيئرمين قربان منگي لکيا آهن. ڪتاب جي ٽائيٽل ڊزائين جا فرائض سعيد منگي عمدي نموني سان پيش ڪيا آهن. آخر ۾ ڪوثر ٻرڙي لاءِ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز هي دعا آهي ته :
    يا رب!
    منهنجي قلم کي اها خوشبو ڏي،
    جو ان کي ڏسي دنيا جا سارا گل حيران ٿي وڃن.
    مون کي پنهنجو رحم وديعت،
    پنهنجي اخلاق جي بيڪ ڏي.
    مان تنهنجو گناهه گار بندو آهيان،
    تون خطا بخش به آهين،
    مون کي معاف فرماءِ،
    ۽ پنهنجي عطا کان محروم نه ڪر..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو