وري يادگيرين ورايو اسان کي…(ڪئمپس ڊائري)

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏30 اپريل 2020۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    حصو ڇوٿون

    يونيورسٽي ۾ بيچلر جي ڊگري ڪرڻ عمومن اُهي ئي شاگرد ايندا آهن جن ڪاليج کان نئي نئي انٽر ڪئي هجي پوءِ وري ڪجھ شاگرد يونيورسٽي جي اندرين ماحول مان چڱي ريت واقف هوندا آهن يا وري اڳم اُتي پڙهندڙ دوستن کان حال احوال پڇي وٺندا آهن تہ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺجي تہ ڇا ڇا ڪجي؟ ڇا ڇا نہ ڪجي؟ ڪئين پڙهجي؟ اُتي پڙهائي جو جهان ڪئين آهي؟ سختي آهي يا نہ؟ سڪون سان گهمي ڦري سگهجي ٿو يا نہ؟ هلندي ڪلاس مان ڀڄي سگهجي ٿو يا نہ؟ هرو ڀرو هڪ مهيني تائين ڪلاس اٽيڊ نہ ڪجن تہ ڇا ٿيندو؟ مطلب جن کي پڙهڻ جو شوق ۽ ذوق مڙئي سوايو هوندو آهي اُهي دوستن کان اهڙا اُبتا سبتا سوال ڪري پنهنجي معلومات ۾ اڳواٺ ئي ڪافي اضافو ڪري ايندا آهن. جن جو کين هڪ مثبت فائدو اِهو به ٿيندو آهي تہ کين ورسٽي جي ماحول کي سمجهڻ ۾ گهڻو وقت ڪو نہ لڳندو آهي، باقي جيڪي يار اسان وانگر سڀ ڪجھ وقت ۽ نصيب تي ڀاڙيندي ورسٽي جي صحن ۾ اچي ڪري ٺڪاءُ ڪندا آهن مطلب تہ پنهنجا پير کوڙيندا آهن تن دوستن کي مڙئي ڪجھ سوايو وقت لڳندو آهي هتان جي ماحول کي سمجهڻ لاءِ، ڏکيو سکيو نڀائي تہ هر ڪو ويندو آهي پر پوءِ بہ جت بہ وڃجي اُتان جي اندرين ماحول بابت اڳواٺ ئي چڱي خاصي معلومات هٿ ڪري پوءِ وڃجي، شاگرد طبقي لاءِ اِها ترڪيب ڏاڏي ڪارڳر ثابت ٿيندي آهي. وقت جو وهڪرو ڪڏهن بہ هڪ هنڌ رڪجي نہ ٿو، ڪڏهن ورسٽي جي دلڪشن فصائن ۾ گهمڻ جا خواهش مند هياسين تہ وري ڪڏهن اُن فزائن ۾ پنهنجا ٽهڪ، ڏک درد ۽ سور ويکرندا رهياسين، نيٺ اُهي پل بہ اچي پهتا، ڪلاس ۾ پهرين ڏينهن قدم رکندي ئي هڪ اهڙي ڪيفيت طاري ٿي جيڪا ان کان اڳ ڪڏهن بہ طاري نہ ٿي هئي، دل ئي دل ۾ انهن اُستادن، دوستن ۽ خاص ڪري پنهنجي والدين جو تھ دل سان شڪريو ادا ڪيم جن مون کي هن منزل تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن مدد ڪئي، پڙهائي جي هن ڏاڪي تي پهچندي ئي ذهني توڙي شخصي اُوسر توڙي واڌ ويجھ ٿيڻ شروع ٿي، ڪنهن سان ڪئين ملجي؟ ڪنهن سان ڪئين ڳالهائجي؟ اُستادن سان ڪئين پيش اچجي ۽ دوست سان ڪئين برتاءُ ڪجي؟ اُهو سڀ ڪجھ ورسٽي ۾ پهچندي ئي سکياسين، ذهن ۾ نوان خواب توڙي نوان لاڙا ڪَر کڻي اُڀرڻ لڳا، ڪڏهن ڪنهن ڪلاس ۾ محو ٿي وڃبو هو تہ وري ڪڏهن ڪنهن ڪلاس ۾ قيد واري ڪيفيت محسوس ٿيندي هئي، شروع شروع ۾ ڪلاس جي ڊائيس تي ايندي ئي پيرن ۾ هڪ هلڪي قسم جي لرزش پيدا ٿي ويندي هئي. جنهن کي عام طور تي ڌڙڪ توڙي انگريزي ۾ هيسيٽيشن چيو ويندو آهي، ڌڙڪ جي حاوي ٿيڻ شرط ئي لفظ زبان تي پهچڻ کان اڳ ئي گم سم ٿي ويندا هئا ڪڏهن ڪڏهن تہ ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻڪ دماغ جي پوري انباڪس ڊليٽ ٿي چڪي آهي. هاڻ ڳالهائجي تہ ڇا ڳالهائجي؟ پڇجي تہ ڇا پڇجي؟ بس پوءِ ان ڪشمڪش ۾ لفظن جو ورجاءِ ٿيندو رهندو هو، اڳم سوگهو ڪيل لفظن کي بار بار پيو ورجائبو هو تہ جئين مڙئي مان رهجي وڃي. اڳتي هلي ڪري وري اهڙا ڏينهن بہ آيا جو ان مهل بس صرف استاد جي اشاري جو انتظار رهندو هو تہ ڪنهن مهل ٿو اسان کي سڏ ڪري، سڏ ٿيندي ئي ڊائيس تي ڄمي بيهي رهبو هو. ڄڻڪ صمد بانڊ لڳل هجي پوءِ وري پاڪستان جي سياستدانن وانگر لهڻ جي ڪا لهر ئي نہ سوچبي هئي، استادن طرفان مليل ڪم جهڙوڪ پريزنٽيشن وغيره ۾ پنهنجا هٿ ٺوڪيا فلسفا ۽ نظريا ٿاڦيندا هياسين. جنهن جي ڪري ڪڏهن انهن جي تعريف ٿيندي هئي وري ڪڏهن انهن جي ترديد ڪئي ويندي هئي ۽ جتي غلط ثابت ٿيندا هياسين اُتي وري استادن توڙي ڪلاس ميٽن طرفان اصلاح پڻ ڪئي ويندي هئي، اهڙي نموني هر ڏينهن اسان لاءِ هڪ نئون پيغام کڻي ايندي هئي هر صبح جو اسان جا جذبا جوان ٿيندا هئا، ائين هلندي هلندي من ۾ هڪڙي خواهش ڪر کنيو تہ ڇو نہ ڪا ڇوڪري بہ سيٽ ڪجي، مڙئي ماحول کي مچائجي، ڪو هجي جنهن کي اسان جي ڪلاس ۾ اچڻ جو اوسيئڙو رهي، ڪو هجي جنهن کي اسان کان سواءِ چانھ ۽ پاپو نہ وڻي، ڪو هجي جيڪو ڪڏهن پنهنجي خرچ تي برياني کارائي، ڪو هجي جيڪو ڪڏهن مون کان بي سبب گُسائڻ جو سبب پڇي ۽ وري سڀاڻي پڪ سان اچڻ جو وچن وٺي.

    هلندڙ…
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو