وري يادگيرين ورايو اسان کي…(ڪئمپس ڊائري)

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2020۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    146
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    حصو پنجون

    اَن تمنا کي پاليندي ڪجھ ڏينهن گهڻي غور و فڪر کان پو۽ ڪجھ جونئير ڇوڪرين جا نالا شارٽ لسٽ ڪيم، ڇو تہ مون واري ڪلاس ۾ ڪُل ڇوڪريون هيون ئي ٻہ، جيڪي مون کي دل سان ڀاءُ ڀائينديون هيون، انهن ويچارين ڏي تہ سوچڻ بہ مون لاءِ ڄڻڪ ڪبراه گناه هو، هاڻ جن ڇوڪرين جا نالا شارٽ لسٽ ڪيا هيم تن جي موبائل نمبر ملڻ جي ڪا اميد ڪٿي نہ سوجهي ۽ انهن سان سامهون ڳالهائڻ جي مون ۾ همت ڪا نہ هئي سو انهن سان رابطي ڪرڻ جو هڪ ٽيون اهم وسيلو ڳولي لڌم، اِها ڄاڻ تہ اڳم هيم تہ لازمن سڀئي ڇوڪريون هن جديد دور جي تقاضائن مطابق فيس بڪ هلائينديون هونديون سو بسم الله ڪري سڀني کي فيس بڪ تي ڳولڻ شروع ڪيم.

    مختلف طور طريقن سان ٻن ڇوڪرين جون فيس بڪ آئڊيون ڳولي لڌم، هڪڙي ڏي سنئون سڌو فرينڊ ريڪويسٽ موڪليم ۽ ٻي ڏي ميسيج لکيم، جنهن ڏي فريڊ ريڪوسيٽ موڪليم ان فريڊ ريڪويسٽ کي ڊليٽ ڪري وري ٿورائتن مون کي فيس بڪ تي ئي بلاڪ ڪري ڇڏيو، مون بہ سندس ان بي رحمانہ رويي تي هڪ ڪهاڻي لکي ڇڏي جنهن کي عنوان ڏنم ” فريڊ ريڪويسٽ “. منهنجي فريڊ ريڪويسٽ واري ڪهاڻي پڙهي ڪري مڙئي کيس ڪجھ ڪل پيو ۽ مون تي رحم کائيندي هڪ ڏينهن مون سان گفتگو ڪرڻ شروع ڪيائين.

    منهنجي خوابن جي ساڀيان ٿيڻ لڳي، اسان هڪ ٻي سان لوڪ کان لڪي ڪري ٻہ چار ڳالهيون مڙئي ڪري وٺندا هياسين، سنگت اڳيان منهنجيون آهون توڙي دانهون هونديون هيون ۽ اِهو چوڻ هوندو هيو تہ ٻيلي صفا سُڃ لڳي پئي آهي ڪا سانوري بہ کلي ڪري ڪو نہ ٿي کيڪاري، ڪيڏانهن وڃجي؟، ڪنهن ڏي وڃجي؟، ڇا ڪجي؟، ماٺ ڪجي يا رڙيون ڪجن؟ مطلب سنگت کان ان ڳالھ کي مڙئي ڳجھ ڳوه ۾ لڪائڻو پوندو هو ڇو تہ سنگت کي خبر لڳڻ شرط ئي مفت ۾ مشهور ٿي وڃجي ها، چوندا آهن تہ چنڊ کي کاري هيٺيان لڪائي نہ ٿو سگهجي.

    هڪ ڏينهن تقريبن سڄي سنگت پلس وري فيڪلٽي جا عمومن شاگرد فيڪلٽي ڪو نہ آيا هئا، آئون تہ هر روز ايندو هيس هڪ تہ پرين جي پيار جي ڪري ٻيو وري بابا جي مار جي ڪري، سڄي ماحول ۾ خاموشي لڳي پئي هئي، ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ شاگرد آيل هئا جيڪي وري پنهنجن خفن توڙي ڪمن ڪارن ۾ محو هئا، مون ماحول جي مناسبت کي ڏسندي ۽ موقعي کي هٿ کان وڃڻ نہ ڏيندي کيس موبائل تي ميسيج ڪيو تہ اچ تہ هلي ڪئنٽين تي ڪي ڪپ چانھ جا پيون ۽ ڪجھ ڪچهري بہ ڪري وٺو ڇو تہ وري ڪڏهن اهڙو موقعو ميسر ٿي الائي نہ، هُن يڪدم ڪينٽين تي هلڻ جي حامي ڀري، شايد کيس بہ اهو ئي خيال من ۾ آيل هو تہ ڪينٽين وڃجي ۽ ڪي گهڙيون گڏجي گهارجن.

    آئون سڌو وڃي ڪري فيڪلٽي جي مين گيٽ وٽ بيهي ڪري سندس انتظار ڪرڻ لڳس، هو گهڙي کن پل ۾ آئي ۽ اسين ٻئي پوري دنيا جي گوڙ گمسان ۽ هلت چلت کي وساريندي ڪينٽن طرف هلڻ لڳاسين، ڪينٽين پهچڻ شرط مون چانھ ۽ هُن ڪولڊ ڊرنڪ جو آڊر ڏنو ۽ اسان جي اتفاقن تمام مختصر ڪچهري ٿي جنهن کي مون ڪهاڻي ۾ ترتيب ڏئي ڪري ڦڪي چانھ جي نالي سان ڪهاڻي لکي ورتي.

    اڄڪلھ انساني رويا بہ موسمن سان گڏ هلڻ لڳا آهن جئين ئي موسمون تبديل ٿيڻ لڳنديون آهن تہ انساني رويا بہ انهن سان گڏ تبديل ٿيون پون، جئين ئي جنوري توڙي فبروري مهيني پنهنجي ٿڌائتي اثر کي گهٽ ڪرڻ شروع ڪيو تہ هيڏان وري اسان جي چاهت، قرب ۽ ميٺ محبت بہ پنهنجي مٺاس گهٽ ڪرڻ شروع ڪئي، الائي ڇو مون کي محسوس ٿيڻ لڳو تہ شايد هاڻ هُو مون کان خفا خفا ٿيڻ لڳي آهي، حالانڪ منهنجو روز جو معمول بہ ساڳيو هو، دوستن کي وقت ڏيڻ يا وري هُن سان ڪچهري ڪرڻ وغيره هر شئي پنهنجي معمول تي هئي پر پوءِ بہ الائي ڇو هُو ڪڏهن ڪڏهن ائين شدت سان محسوس ڪرائيندي هئي تہ مان تون سان رٺل آهيان.

    ان وچ ۾ سيميسٽر جا امتحان ٿيڻ وارا هئا، منهنجي جگري دوست سيد طاهر علي شاه ڊڪ ڊوڙ ڪري انتظامہ کان هڪڙي اسٽيڊي ٽوئر جي منظوري ورتي، جنهن مطابق اسان کي لاڙڪاڻي شهر گهمائڻ ڦيرائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو، نيٺ اُها گهڙي بہ آئي جنهن وقت اسان جي پوائنٽ بس اسان کي فيڪلٽي جي مين گيٽ کان کڻي ڪري لاڙڪاڻي گهمائڻ لاءِ رواني ٿي، لاڙڪاڻي ۾ ٻہ مکيہ جڳھون گهمڻ لاءِ چيا ويا، هڪ ڪيڊٽ ڪاليج ۽ ٻيو وري موهن جو دڙو، ان کان اڳ آئون هڪ دفعا موهن جو دڙو گهميل هيس، پر هن دفعي گهمڻ جو مزو ئي ڪجھ الڳ سلڳ جو هيو.

    هڪ تہ رٺل پرين بہ آيل هئي ۽ ٻيو وري سڄي جگري سنگت بہ ساڻ هئي، ان سان گڏوگڏ ڪيڊٽ ڪاليج ڏسڻ جو ڪنهن حد تائين تجسس هو، باقي هن ٽوئر تي اچڻ جا مکيہ سبب ٻہ هئا، هڪ محبوب پاڪ جو اچڻ، ۽ ٻيو وري محبوب ڌرتي جي قديم تهذيب جي نشاني موهن جي دڙي جو هڪ دفعي وري درشن ڪرڻ، ڪيڊٽ ڪاليج جئين تہ موهن جي دڙي واري رستي سان پهريائين ايندو آهي سو اُتي پهريان گهمي ڦري ڪري فوجين جو جوڙيل واڙو گهمويسين مڙئي اهو چوڻ جي قابل ٿياسين تہ ڪيڊٽ ڪاليج ڏٺل آهي، هتان فارغ ٿيندي ئي سگهوئي موهن جي دڙي طرف رخ ڪيوسين.


    هلندڙ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو