ڪونج بلوچ جو ترتيب ڏنل ڪتاب، ڪونج قطارون ڏات جون ،جو سرسري جائزو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏1 مئي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    128
    ڪونج بلوچ جو ترتيب ڏنل ڪتاب "ڪونج قطارون ڏات جون" جو سرسري جائزو.....!

    فقير محمد سنڌي

    ڇم ڇم ڪري ڄيڳڙي، راسوڙي جي رات،

    پايل آندي پارڪر، گيت ڏنا گجرات،

    منهنجي من جي مات، ڪنهن ڄاتو ڪهڙي هئي.

    ( شيخ اياز )

    رات مري ٿي ڏينهن پٺيان ،ڏينهن جو الميو ڪير ڄاڻي، بس فطرت، شعور ۽ عشق جڙيل آهن جز کان ڪل تائين، ان سڄي ماحول ۾ رهندڙ من به آهي.

    جنھن جي ڪا آس به آهي اميد جو نالو روشن ڪرڻو پوي ٿو. اهڙي طرح هر جيوءُ پاڻ کي تسليم ڪرائڻ جي جذبي سان اڳتي وڌي رهيو آهي. اهڙي ئي جذبي جي مالڪ ڪونج بلوچ آهي. جنهن جي محنت، شعور ۽ عشق جي خاصيت "ڪونج قطارون ڏات جون" ترتيب ڏنو آهي.( common crane) ڪونج پکي سنڌ ۾ پنهنجي نالي جيئان نمايان آهي، اهو حسين تر پکي لاڏائو پڻ آهي، جنھن کي هري پاسي کان ماري پنهنجي اک ۾ رکي ٿو،اهڙي طرح ڪونج نالو آهي عورت جو ڪونج سنواري ٿي تند کي تنوار جو، شاعريءَ ۾ شاھ لطيف کان وٺي اڄ تائين جي شاعرن ڪونج لفظ کي پنهنجو محور بڻايو آهي. ڪتاب "ڪونج قطارون ڏات جون" ۾ 36 شاعرن ۽ شاعر ائن کي پاڻ تسليم ڪرائڻ جو دڳ مهيا ڪيو ويو آهي. ڪونج بلوچ جو هي حوصلي مند ڪم آهي. "ڊين راٿر" جو قول ياد اچي ويو آهي ته : "مون ڪڏهن ڪنهن شخص جي مال ملڪيت گھڻي يا ٿوري هجڻ بابت يا تنهنجي منهنجي بئنڪ اڪائونٽ جو ڪاٿو لڳائڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي، مان ته صرف پنهنجي سفر جي فاصلي تي ڌيان ڏيڻ کي ترجيح ڏني آهي. " مٿئين قول مطابق ڪونج بلوچ سنڌي ادب ۽ شخصيتن کي مانُ بخشيو آهي، بنا فرق جي هر فرد کي اتساھ پڻ ڏنو آهي.

    ڪتاب" ڪونج قطارون ڏات جون" جي ترتيب تي نظر ڪندا هلون ته : ڪتاب جو مهاڳ پنهنجي ٽھي جي ڪوي گل بھار باغائي لکيو آهي. لکي ٿو ته : جتي جديد فڪري تقاضائن کان وڌيڪ اهميت پنهنجي دلي تقاضائن جي اپٽار پنهنجي پرينءَ تائين پهچائڻ کي آهي، تنهن ڪري سٺي ۽ خراب، اعلي ۽ عظيم شاعريءَ جي تجرباتي حسيت کي پاسي تي رکي دل جي وشالتا کي وڇائي هن شاعريءَ جو آڌر ڀاءُ ئي ڪري سگهجي ٿو. "ڪونج قطارون ڏات جون" ۾ هنن شاعرن ۽ شاعر ائن جو آڌر ڀاءُ ٿيل آهي جنهن ۾، مير احمد مير، معصوم سوندرائي، علي منصور، عزيز مهراڻ سومرو، يوسف سولنگي، ديدار معصوم، ڪونج بلوچ، مايا ساگر اوڏ، سيما گل لغاري، عابد جاني ملڪ، فياض انور بخاري ،بيوس سجاد گاڏهي، جيئند علي مھر ،فراخ جانوري ،اعجاز انڙ، اصغر ساگر، ديدار ديوانو گاڏهي، معشوق محسن ابڙو، شوڪت لغاري، ساحل خاصخيلي، مهر عبيد، شاھ عبد، عمران نذیر لغاري، ساجد جمالي، ساجد بلوچ، شاد يونس، سرويچ برهماڻي، منظور گلاڻي، امتياز علي امتياز، محمد بلاول، ديوانو مجنون ملاح، سومرو اطهر، راحت نياز، اياز شاهه اداسي، ريحان ٻٻر ۽ وفا مظھر چانڊيو شامل آهن. پبلشر نوٽ مرتضي لغاري جو لکيل آهي، لکي ٿو ته : "ڪونج بلوچ سنڌي شاعريءَ جي اڀرندڙ ليکڪ آهي، هن نه رڳو شاعري ذريعي پنهنجي سڃاڻپ ٺاهي آهي پر سندس ذاتي زندگي، اٿڻي، ويھڻي، ڳالهائڻ جو انداز ۽ اخلاق عام عورت کان منفرد آهي "بس زندگيءَ ۾ جيئڻ جو حوصلو هجي، اهو حوصلو ڪونج بلوچ وٽ موجود آهي.

    نه ڪي کڻن پاڻ سين، نه ڪي ساڻن پاڻ،

    اهڙا جن اهڃاڻ، آئون نه جيئندي ان ري.

    سنڌ جي ناليواري شاعره، سيما عباسي هن ڪتاب جي متعلق لکي ٿي ته :" ڪونج بلوچ جو سھيڙ وارو ڪم ان ڪري به لائق تحسین آهي. تہ ترتیب ۽ تاليف واري ڪم ۾ اڪثر مردن کي ڏٺو ويو آهي ان پاسي عورت تخليقڪارن جو رجحان گھٽ رهيو آهي، سنڌي ادب لاءِ اها ڳالهه پڻ خوش آئيندي آهي ته هاڻي لکيڪ عورتون تحقيق ۽ تاليف ۽ تخليق جي هر شعبي ۾ پنهنجو پاڻ ملهائي رهيون آهن " بلڪل هن شعر وانگر آهي.

    زندگي ڪاڪ محل آهي ڪو رنگا رنگي،

    جنھن ۾ مقصد ٿو ناز ڪري، سدا مومل جيان،

    دور کان دل کي لڀائي، نه اچڻ ڏئي ويجهو،

    ڪير آهي جو لنگهي پار پوي مشڪل مان.

    ڪتاب مان شاعري ان ڪري به ڪوٽ نه ٿو ڪريان ته شاعر هن ڪتاب ۾ 36 جي تعداد سان آهن، ڪنهن جي دل ناراض نه ٿي پوي.

    ڪتاب تي عبدالواحد سومرو لکي ٿو ته : سنڌ ڀونءِ جي ڀلائي رهي آهي، جو هن وٽ پنھنجو ورثو محفوظ ڪندڙ سھڻا، سيبتا سگھڙ ۽ شاعر آهن، جن پنهنجي ديس جي ديس واسين جي ساراھ ڪئي ته آهي ۽ رکوالي به ڪئي آهي. ڪونج بلوچ پنهنجي پاران ڪتاب متعلق پرخولوص ٿي لکيو آهي. ڪتاب جي ارپنا ڪونج بلوچ پنهنجي بابا۽ امڙ جي نالي ڪئي آهي، جنھن جي پاڻ تخليق آهي. ايڊووڪيٽ شبانا ايشا لکي ٿي ته : هوءَ پيار جي ديوي آهي نه رڳو مون سان پر انسانيت سان بي تحاشا پيار ڪندي آهي. هن هميشه هر جاءِ تي محبت جا گل پوکيا آهن. نئين ٽھيءَ جو شاعر مخمور رضا لکي ٿو ته : اڄ انهن ئي شاعرن کي مڃتا جي مالها پارائي پئي وڃي جن کي اڳ مڃتا جو گل به ناهي مليو. ها انهن شاعرن جي سهاني رت جهڙي هڳاءُ ڀري شاعري ئي هن گڏيل شعري ڳٽڪي ۾ شامل آهن. ڪتاب جو بيئڪ ٽائيٽل علي منصور لکيو آهي، جنھن جا مختصر جملا، واقعي انھن آديسين ۾ اسان جي هي خوبصورت شاعره ڪونج به اچي ٿي وڃي جيڪا پاڻ شاعره آهي ئي، پر هن جو ادب سان جنونيت جي حد پار ڪرڻ وارو پيار به انوکو آهي. آخر ۾ ڪونج بلوچ لاءِ لطيف سائينءَ جون هي سٽون ته :

    جت نه پکيءَ پير، تت ٽمڪي باهڙي،

    ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪيءَ کيرري..
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو