وري يادگيرين ورايو اسان کي…(ڪئمپس ڊائري)

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2020۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    145
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    حصو ڇهون

    هر دفعي منهنجيون تحريرون منهنجي احساسن جي ترجماني ڪرڻ لڳيون هيون، مون سندس هر هڪ ورتاءُ تي کيس پنهنجا جواب تحريرن جي شڪلن ۾ ڏنا ان سان گڏوگڏ پنهنجي دل جا احوال بہ تحريري صورت ۾ لکي ڪري کيس انهي ذريعي آگاه ڪندو رهيس، ڇو تہ هُن وٽ رسڻ جي ريت هئي ۽ مون وٽ لکڻ جي، ڪڏهن ڪڏهن دوستن جا رايا بہ وڏي اهميت جا حامل هوندا آهن، پر هتي اوهان سان ڳالھ ونڊي رهيو آهيان منهنجي يار ملوڪ جي جيڪو وري منهنجي عشقيہ نظري جي بلڪل اُبتڙ نظريو رکندو آهي.

    جئين دنيا جي هر ڌنڌي ڌاڙي جا ڪجهہ پنهنجا مقرر ڪيل اصول هوندا آهن. جن تحت سندن خريد و فروخت ڪئي ويندي آهي تئين ئي منهنجي يار ملوڪ جا عشق ۽ محبت جي معاملي ۾ ڪجهہ عجيب و غريب اصول مقرر ڪيل آهن، سندس چوڻ آهي تہ” جيڪڏهن يونيورسٽي ۾ ڪا ڇوڪري پسند اچي تہ ان کي صرف ڏسڻ جي حد تائين محدود رکجي، ان کي پرپوز نہ ڪجي ڇو تہ اِهو اسان مردن جي شان ۾ ناهي تہ ڪنهن ذائفان کي پرپوز ڪيون“ مان اڪثر کيس مختلف فلمن جا حوالا ڏيندو آهيان ۽ چوندو آهيان تہ” يار ڏس فلاڻي فلم ۾ هيرو کي ڇوڪري پسند آئي تہ هيري پاڻ وڃي کيس پرپوز ڪيو نہ، ڇوڪري تہ صرف کيس گرين سگنل ڏنا ۽ اڪثر ڇوڪريون صرف گرين سگنل ئي ڏينديون آهن.

    پرپوز ڪرڻ تہ اسان مردن جو ئي ڪم هوندو آهي.“ ڳالهه سڌي آهي پر وري هي يار به ضدي آهي، ڪٿي ٿو مڃي، مون کي افسوس ٿيندو هو تہ اجهو اچي سندس چار سال پورا ٿيا تڏهن به پنهنجي ان بي وقوفاڻا نظرين جي ڪري انهن محبتن ۽ قربتن کان محروم رهيو آهي جيڪي محبتون بي جان جسمن کي جان بخشينديون آهن، انهن زلفن جي ڇانورن کان ڏور رهيو آهي جن ڇانورن جي سُروُر نم توڙي پِپِل جي ڇانءُ کان هزار دفعا وڌيڪ سڪون بخشيدي آهي.

    ان بي قراري واري پلن جا قرار ئي ڪو نہ ماڻيا اٿس جن پلن ۾ مجبور عاشق رات جا تارا ڳڻي صبح صادق ٿيڻ جو انتظار ڪندا آهن، سندس دل ڪيتري دفعا ڪنهن لا۽ ڌڙڪي آهي اُها تہ کيس ئي خبر پر جڏهن بہ هن قسم جون ڳالهيون ڪندو آهي تہ صفا منهن کي پڪو ڪري ڳالهائيندو آهي ۽ اهو تاثر ڏيڻ چاهيندو آهي ڄڻڪ سندس انتظار ۾ انيڪ حسينائون هُجن.

    يونيورسٽي، دنيا جي هڪ اهڙي قسم جي درسگاه آهي، جنهن ۾ هر مڪتب فڪر توڙي خيال ۽ نظرين وارا طالب علم توڙي استاد هجن ٿا، ڪي مذهبي لاڙن ڏانهن گهڻا مايل هوندا آهن تہ وري ڪي پڪا دهيرا يا کڻي ائين چئجي تہ بي دين توڙي پاڻ کي آزاد خيال سڏائيندڙ بہ هوندا آهن، ڪي دوست سياسي توڙي سماجي ڪمن ۾ اڳڀرا تہ وري ڪي صفا گم سُم زندگي پيا گهاريندا آهن، وقت تہ هر ڪو گذاري ويندو آهي مگر ياد صرف اُهي رهندا آهن جن ۾ خلوص توڙي محبت جي سڳند مڙئي ڪجھ سوايو هوندو آهي.

    مون سان يونيورسٽي جي زندگي جا چار سال جن دوستن ڏکن سکن توڙي محبت جي مچيل محفلن ۾ گڏجي گذاريا تن ۾ سيد طاهر علي شاهه، معروف احمد جمالي ۽ رضوان علي ٽانوري سر فهرست رهيا، هڪڙو آئون ۽ ٽہ منهنجا هي دوست مطلب تہ ٽوٽل چار فرد، آخر تائين ائين رهياسين جهڙوڪ گهر جا ڀاتي، هڪ ٻي جا ٻانهن ٻيلي توڙي هڪ ٻي کان سواءِ هڪ پل بہ پري نہ گذارڻ وارا، اسان جو اچڻ بہ گڏ ٿيندو هو تہ وري واپس ورڻ بہ گڏ، رهڻ بہ گڏ، گهمڻ ڦرڻ بہ گڏ، کائڻ بہ گڏ تہ وري پئيڻ بہ گڏ، چارئي دوست رهائش بہ هڪ ئي جڳھ ۾ ڪندا هياسين.

    اسان مان هر هڪ کي هڪ ٻي جي دل جي رازن توڙي دل ۾ وسندڙ دلربائن جي بہ چڱي خاصي معلومات هوندي هئي جيڪڏهن ڪنهن کان ڪنهن جو محبوب رُسي ويندو هو تہ باقي جا ٽہ دوست کيس سندس محبوب جي پرچائڻ جون اٽڪلون ۽ ترڪيبون پيا ڏسيندا هئا، اهڙي نموني وقت جي وهندڙ وهڪرن کي اسان جي لازوال دوستي هڪ نرم ۽ وڙندڙ وهڪري ۾ تبديل ڪري اسان جي تعليمي سفر کي اڃا سولو ڪري ڇڏيو، پيپر هجن يا وري ڪو پريزنٽيشن وغيره هڪ ٻي کي سمجهائي ڪري صفا تيار ڪري ڇڏبو هو ۽ وري آخر ۾ اِهو جملو چئبو هو تہ فڪر نہ ڪر آئون جو ويٺو آهيان.

    هڪ ٻي کي ڏيندڙ اهڙن صلاحن توڙي مشهورن اسان جون انيڪ تڪليفون ۽ مشڪلاتون گهڻن ئي جڳهن تي آسان ڪري ڇڏيون هيون، اسان سڀني ۾ هڪ سٺي عادت اِها پڻ هوندي هئي جو اگر ڪو دوست اسان منجهان ڪا ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيندو هو يا وري ڪنهن معاملي تي ڪا صلاح وٺڻ چاهيندو هو تہ اسان منجهان جنهن کي ان پڇيل مسئلي جي حل جي خبر هوندي هئي اُهو ان دوست کي سندس معاملو سمجهائي ڪري سندس مسئلي کي سرجهيل نموني سان حل ڪري ڇڏيندو هو، اسان جي ڪجھ جونئير ڇوڪرن اسان دوستن کان پيپرن کي سٺي نموني سان حل ڪرڻ جون ڪجھ تجويزون طلبيون، ڇو تہ اسان انهن جا سنئير هوندا هياسين ۽ اسان جو کين چيل هو تہ جيڪڏهن پڙهائي جي ڪنهن بہ معاملي ۾ ڪا مونجھ يا رنڊڪ پيش اچي تہ هُو اسان کان رهنمائي حاصل ڪري سگهن ٿا.

    سو جڏهن انهن منجھ ڪافي سارن شاگردن پيپرن جي حوالي سان اسان کان رهنمائي حاصل پي ڪرڻ چاهي تہ مون کي ان وقت مون وارن انهن ٽن دوستن چيو تہ اوهان شايد هنن دوستن کي اعتماد ڀري لهجي ۾ گهڻو ڪجھ سمجهائي سگهو ٿا سو هاڻ اِها اوهان جي ڊيوٽي آهي هنن کي پيپرن جي حل ڪرڻ جا ڪي ڪارڳر گُر ٻڌايو.

    هلندڙ…
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو