مزدورن جو عالمي ڏينهن

'مختلف موضوع' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2020۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    عين سحر
    سڄي دنيا ۾ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي جنهن جي شروعات شڪاگو جي شهيدن کي سرخ سلام سان ٿئي ٿي
    تاريخي پسمنظر ۾ ڏسبو ته اڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ آمريڪا جي ٽريڊ يونين Tarade Unions ۽ مزدور تحريڪون اڳتي وڌيون .
    20 آگسٽ 1866 ۾ آمريڪا جي سڀني تنظيمن گڏيل تنظيم جوبنياد وڌو جنهن مزدوريء جو وقت 8 ڪلاڪ ڪرڻ جو مطالبو ڪيوجنهن تي سرمائيدارن گھڻو ئي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر دٻائي ڪون سگهيا
    1870غ وارن ٻن ڏهاڪن ۾ آمريڪا جي مزدورن ڪيتروئي بک هڙتال ۽ احتجاج ڪيا آخر آمريڪا جي حڪومت خلاف وڏو مظاهرو 1875ع ۾ ٿيو جنهن ۾ 10 سرگرم ڪارڪنن کي موت جي سزا ڏني وئي
    پهرين مئي 1886ع ۾ هڪ قرارداد منظور ٿيو ته 8 ڪلاڪ جو ڪم جو وقت مقرر نه ٿيو ته ڪم بند ڪيو ويندو آمريڪا جي مزدور يونين ۽ آمريڪي حڪومت ۾ ڇڪتاڻ ايتري وڌي وئي جو نتيجي ۾ شڪاگو ۾ مزدورن جي رهنمائن کي ڦاسيون ڏنيون ويون ۽ عمر قيد جون سزا ڏنيون ويون.
    سخت احتجاج جي دوران شڪاگو ۾ مزدورن جو خون وهايو ويو آخرڪار ثابت قدمي جي نتيجي ۾ 1889ع ۾ پهرين مئي 1889ع مزدورن جو عالمي ڏينهن ڪر ي ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو
    پاڪستان ۾ پڻ مزدورن جو ڏينهن ملهائڻ جو آغاز 1972ع ۾ ٿيو ۽ پاڪستان انٽرنيشل ليبر آرگنائزيشن
    International Labour Organization
    جو 1974ع ۾ ميمبر ٿيو.
    پوري دنيا ۾ هن وقت محنت ڪش مزدور يا مزدورن جا گروپ موجود آهن مزدور طبقي لاءِ ڪا به قانون سازي عام طور تي لاڳو ناهي .
    مقرر وقت ۽ معاوضِي کان پوءِ به ان ڳالهه تي عمل نه پيو ٿي۽ ڪا اصول جي چٽائي ناهي
    اڄ ڏسجي ته رجعت پسند سرمائيدار ۽ صنعتڪار ڪارخانيدار مزدور جو ظاهر ظهور استصحال ڪري رهيا آهن
    سماج جي اڻبرابريءَ واري جوڙجڪ مزدور جي زندگيءَ کي نيچ ڪريل ۽ ٻئي درجي جو بڻاائي رکيو آهي!
    اڄ به ڪيترن ئي نجي ۽ ننڍن ڪارخانن زمينن ۽ بٺن تي مزدور جانورن وانگر ٿورڙي ڪمائي عيوض ڏينهن رات ڪم ڪن ٿا اڄ به 1870ع وارو ڪم ٿئي ٿو ۽ مزدور کي معاوضو حقي طور نٿو ملي هر هنڌ مزدور دشمن پاليسين تي عمل ٿئي پيو ڊگهيون مزدور تحريڪون سرمائيدارن جو ڪجهه بگاڙِي ناهن سگهيون مزدور دشمن روين طبقاتي گھٽ وڌائي معاشري ۾ محرومي کي جنم ڏنو آهي.
    تقريبن 90 فيصد مزدور خانگي پورهيو ڪري ٿو جيڪو وڌيڪ استصحال جو شڪار آهي ڪا به مزدور يونين فعال ڪردار ادا ڪري نه سگهي آھي رازو ،واڍو، پلمبر، پينٽر هاري ۽ کان ويندي کٽ واڻيندڙ واري تائين ڪنهن به منظم طريقي سان مزدور مزدوري حاصل ڪرڻ ۾ سولي زندگي نٿا گذارن اهو طبقو اتنهائي مايوسي ۽ بدحالي جو شڪار رهيو آهي
    Orgainsطريقي سان ڪابه آفيس ڪو اهڙو ادارو ناهي جت انهن کي ڪال ڪرڻ انهن کي سڏڻ جو معاملو نظم و ضبط سان ٿيندو هجي روڊن تي راهگيرن کي ڏسندو رهڻ ڪنهن فقير وانگر هنن جو مقدر آهي ڪورنٽين جي تازي صورتحال ۾ مسئلو اڃان گنڀير ٿي ويو آهي جڏهن وستيون، واهڻ، صوبا ملڪ ته ڇا سڄي دنيا جا هڙ معاشرن جي ماحول ۾ راڪاس گهمي ويو آهي اتي ڪو مزدور طبقو يا ڏهاڙيدار لاوارثي ۾ مايوسي بک بدحالي بيچيني ۽ بيوسي جو شڪار آهي خيراتي راشن يا ڪا مالي مدد ڪنهن منظم طريقي سان نه هجڻ ڪري ڪنهن کي به ضرورت مطابق نٿو ملي جنهن ڪري هي طبقو وڌيڪ ٻيڙهجي ريڙهجي اکين آلين سان آسمان ڏانهن ڏسي ٿو ۽ ڪي اهڙا به آھن جيڪي ذهني دٻاءُ برداشت نه ڪندي خودڪشيون ڪن ٿا ۽ عزت ڌنفس ڪري نه روئي سگهن ٿا نه روئڻ تي ظبط ڪري سگهن ٿا
    هڪ ذهني دٻاء ۽ انتشار وارو معاشرو جنم وٺي رهيو آهي جيڪو يا ته سرندي وارن جو غلام ٿئي ٿو يا نفرت ڪري ٿو ان طرح معاشرو نه سگهارو ٿي سگهي ٿو نه باشعور ٿي سگهي
    ان طرح سان ڏٺو وڃي ته اسان جو معاشرو مذهبي اخلاقي ۽ انسانيت جو انڪاري ثابت ٿئي ٿو اچو ته مزدورن جي ڏهاڙيءَ تي ڪا اهڙي تنظيم سازي ڪرڻ جو عهد ڪريون جنهن ۾ پورھيت جنهن کي الکاسب حبيب الله (پورهيت خدا جو دوست آهي) سڏيو ويو آ ان جي عزت ۽ نفس کي تحفظ فراهم ڪري سگهون ۽ ان کي ان جو مقام ڏياري انهن جي بنيادي حقن جي پاسداري ڪري سگهون
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سٺو مضمون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو