پاڻ سان به ڪري آئون ڇرڪي پيس ڳالهه جيڪا سڀني کان لڪائي هئي

'تعارف' فورم ۾ دين محمد لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2020۔

  1. دين محمد لاکو

    دين محمد لاکو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 اپريل 2020
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    # پاڻ سان به ڪري آئون ڇرڪي پيس ڳالهه جيڪا سڀني کان لڪائي هئي.

    شیطان کي گمراه ڪرڻ ڪوئي ٻيو يا وڏو شيطان نه آيو هيو بلڪه اهو نفس هي هيو جنهن اُن کي عزازيل جي منزل تان لاهي يوم قيامت تائين مردود بنائي ڇڏيو. ائين ابليس سڏرائين پاڻ کي...

    سمجھ کان ڳالهه ٻاهر آهي آخر اسان جي معاشري کي ڇا ٿيو آهي رب العالمين ناراض ٿو ڏسجي. پر مجال آ جو اسان کي ڪو ٽڪي جو فرق به پيو هجي....
    ڪافي عرصي کان هلندڙ ڪرونا جي وبا، آسمان مان تيار فصلن تي برف جا ڳڙا ٿا ڪرن، ڪاروبار بلڪل بند آھن، ماڻهو دانهون ٿا ڪن ته بک تي مري وياسين ... جن وٽ آهي سي کائين ٿا جن وٽ ناهي سي کسين ٿا.

    ڪوٺن جي ڇتين تي ازان جي وٺ وٺان آهي پر ناجائز منافع کوري کان نه ٿا مڙون...

    سوشل ميڊيا ڀري پئي آهي جيڏي محل ڏس مهانگائي جو خبرون، ڪرپشن جون خبرون، ظلم ائين نه انصافي جون خبرون ..... رمضان ۾ مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري ويو ائين اُن ملڪ ۾ جيڪو اسلامي نظريات تي ٺاهيو ويو ائين باقي عمل ٿيڻ يا نه ٿيڻ اها الڳ ڳالهه آهي مان تي اُن تي ڳالهائڻ کان پاسو ڪندم....

    ڪالهه جڏهن اها خبر نظرن جي آڏو آئي ته حيدرآباد ۾ معصوم ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائيءَ ڪري کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي ته هڪ لمحي لاءِ جسم ڄڻ پاڻ مان ڇڏائي ويو هيو ته انسان وحشاڻيت ۾ ته شيطان کي به ماري ويو آهي....

    سَڄو ڏوهه اسان جو پنهنجو آهي اسان حڪم اي خداوند جي ابتڙ ٿا هلون

    اسان کي حڪم مليو هيو نفس کي مارڻ جو ..... اسان پنهنجي ضمير کي ماري ڇڏيو سين......

    انهي نفس کي بچائڻ جي چڪر ۾ اچي اسان پاڻ کان رب سائين کي پري ڪري ڇڏيوسين.

    امام غزالي رحه ڇا ته خوب فرمايو آهي ته نفس اُهو ڪتو آهي جيڪو انسان کي گناھ ڪرائڻ تائين ڀوڪندو رهندو آهي ائين جڏهن انسان گناھ ڪندو آهي ته نفس سمهي پوندو آهي پر سمهڻ کان پهريان ضمير کي جاڳائي ويندو آهي....

    دعا آهي الله پاڪ کان شايد اُهو پل گهڙيءَ لاءِ جاڳيل اسان جو نفس هميشه لاءِ جاڳي پئي....


    شاعر رضا صديق ڪيبرائي ان ڳالهه جي صحيح عڪاسي ڪئي آهي
    رضا صديق صاحب جي پوري بيت مان ڪجهه چونڊيل لائينون
    انسان ڏسي اڄ جو شيطان کي حيرت آ
    چوءٰ طرف آهي وحشت حيوان کي حيرت آ

    هو باه پيو ميڙي جنت جي خبر هوندي
    فردوس جي داروغي رضوان کي حيرت آ

    (رضا صديق صاحب جي پوري بيت مان ڪجهه چونڊيل لائينون)
     
  2. سجاد حيدر ٻٻر

    سجاد حيدر ٻٻر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 مئي 2020
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    Zabardast
     
    دين محمد لاکو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو