وري يادگيرين ورايو اسان کي…(ڪئمپس ڊائري)

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏3 مئي 2020۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    حصو ستون

    زندگي جي هر هڪ موڙ تي اسان کي انيڪ ماڻهو ملندا آهن. جن جي محبت توڙي خلوص اسان کي سندن شخصيت جو پارکو بڻائي ڇڏيندي آهي، فيڪلٽي ۾ جنهن فرد جي شخصيت مون کي سڀني کان وڌيڪ متاثر ڪيو اُهو هو سيد سرفراز احمد شاه، سندس ڳالهائڻ جو انداز توڙي سندس شخصيت جو هڪ منفرد قسم جو اسٽائيل جنهن ۾ سندس هلڻ چلڻ، ڳالهائڻ ٻولهائڻ توڙي انداز گفتگو شامل آهي، ٻين فيڪلٽي ميمبرن کان منفرد ۽ جداگانہ هوندي هئي. سندس اُنسيت اسان سان ڪجھ گهڻي هوندي هئي، هر روز ڪلاس ڏانهن ويندي کيس سلام ڪبو هو توڙي ڪڏهن ڪڏهن ساڻس ملي بہ پئبو هو، پر جڏهن بہ ملبو هو تڏهن ائين محسوس ڪبو هو ڄڻڪ هوشو توڙي سقراط جي ثاني سان ملجي ٿو.

    سندس گفتار ۾ شامل ٿيندڙ لفظ عمومن اُهي هوندا هئا جيڪي گرو رنجنيش پنهنجن ڪتابن ۾ ڪتب آندا آهن، سندس ٽيبل تي سامهون هر ڏينهن اوشو جو ڪو نئون بڪ ڏسڻ وٽان ملندو هو، اسان سان ڪچهري ڪندي ڪافي دفعا انهن ڪتابن جا حوالا ڏئي ويندو هو ۽ هميشه اسان کي منفرد توڙي ٻين کان الڳ هجڻ جو احساس ڏياريندو هو ۽ اُهو پڻ چوندو هو تہ توهان حضرت انسان آهيون ڪتابن جا ڪيڙا نہ ٿيو، پنهنجي پاڻ کي سڃاڻي پنهنجي هڪ جدا گانہ شخصيت جي اڏاوت ڪريو، استادن جي اڳيان ڪڏهن بہ هڪ ٻن مارڪن جي ڪري پنهنجي عزت نفس نہ وڃائجو.

    مطلب سندس ڪچهري ۾ هر دفعي نواڻ ۽ نيون اصلاحون شامل هونديون هيون، جيڪي اسان کي هميشه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون هيون، هڪ ڏينهن اسان جي ڪنٽين تي بزنس ڊپارٽمنٽ جي ڪجھ شاگردن کي انهن جي ڪنهن استاد وٺي اچي ڪري کليل ماحول ۾ ڪو ڪلاس پي هلايو، ڪلاس بلڪل ائين هو جو اگر ڪو هڪ شاگرد ڳالهائي پيو تہ باقي جا سڀ جا سڀ شاگرد کيس ٻڌي رهيا هجن اهڙي ريت اُهي کليل فزا ۾ بنا ڪنهن هٻڪ ۽ ڌٻڪ جي پنهنجي ڪلاس کي جاري و ساري ڪيو ويٺا هئا.

    اتفاقن ان مهل سائين سرفراز شاه سان گڏ آئون بہ ڪنٽين تي چاھ پئيڻ جي ارادي سان اچي چڪو هيس، مون کي حيرانگي ٿي تہ ڪنٽين تي ويٺي ڪلاس ٿو هلي ڇو تہ هي ڪلاس ٻين ڪلاسن جي نوعيت سان عجيب محسوس پي ٿيو بر حال ڪي گهڙيون اسان سندن گفتگو ٻڌي، مون کي انديشو هو تہ پڪ سان سائين سرفراز شاه هنن کي پنهنجو ڪو فلسفو يا خيال ضرور ونڊ ڪندو ڇو تہ مون سائين جي ٻاهرين ڪيفيت مان اهو محسوس ڪري ڇڏيو هو.

    گهڙي ڪانہ گذري تہ سائين مون کي چيو لغاري اُٿي انهن کي ڪجھ تون بہ ٻڌاءِ يڪو پيا ٿا هتان هُتان جون ڳالهيون ولوڙين، سائين مون کي انهن ڏانهن اُشارو ڪندي چيو اُٿي ۽ ڪجھ ٻڌءِ هنن دانائن کي، سڀ جا سڀ شاگرد توڙي سندس استاد مون ڏانهن حسرت ڀرين نگهائن سان نهارڻ لڳو، پهريان تہ مون کي ڏاڍو عجيب لڳو پر پوءِ دل تي دم ڪندي اُٿي پيم ۽ کين چڪو خاصو ليڪچر ڏنم جيڪو هيٺ ملاحزا ڪجي ٿو:

    ”پاڻ ۾ ويٺا آهيون، اگر ٿورڙو غور و فڪر ڪجي ۽ ڏسجي تہ اسان جنهن تباهڪاري ۾ مبتلا آهيون ان جو ذميوار ڪير آهي؟ اسان پاڻ، اسان جا حڪمران يا وري ڪا ٻي ڌُر، منهجو لاشعوري ذهن تہ مونکي اُهو ٿو ٻڌائي تہ معاشري جو هر پڙهيل ڳڙهيل فرد معاشري جي تباهڪاري جو ذميوار آهي، شعور رکندي جيڪو ماڻهو بي شعوري واري زندگي بصر ڪري ٿو هر اهو ماڻهو بہ هن تباهڪاري جو ذميوار آهي اسان جي تعليم جي شرع ۾ ڪائي بهتري نظر نہ ٿي اچي، اسپتالن جي اِها حالت آهي جو غريب عوام بہ هاڻي سرڪاري اسپتال وڃڻ کان لوائي ٿو، اسان جا روڊ رستا کنڊرات جا ڏيک ڏين پيا ۽ انهن تي گاڏين جا ايڪسيڊنٽ روز جا معمول بڻيل آهن، هر ادارو ڪرپشن جي لپيٽ ۾ آهي ڀاءُ جو دشمن ڀاءُ لڳو پيو آهي. پيءُ پٽ جو ناهي تہ وري پٽ پيءُ جو ناهي، هر ماڻهو امير ٿيڻ لا۽ شارٽ ڪٽ هڻڻ جي ڳولا ۾ آهي، اسان وٽ اهڙو ماحول ڇو پيدا ٿيو آهي؟

    ڇا دنيا جي ڪنهن ٻي ملڪ جا رهواسي بہ اسان جهڙي تنگ دستي ۽ مفلسي واري زندگي گذارن پيا يا هي درد ۽ اُدما صرف اسان جي نصيب ۾ لکيل آهن ڪي صديون گذري ويون مگر اسان اڃا تائين پيري ۽ مريدي جي جهنجٽ مان آزاد ناهيون ٿيا. بهشت وٺڻ جي لالچ ۾ اسان پنهجن اصلوڪن حقن تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو آهي، ٺڳن پيرن ۽ جعلي مُلن خلاف ڪي لفظ ڳالهايون ٿا يا وري ڪجھ لکون ٿا تہ ڪي ڪچا ذهن اهي لفظ برداشت نہ ٿا ڪن ۽ اسان کي لادين ۽ بي پيرو هجڻ جا لقب بخشين ٿا ۽ پنهجي آخرت وڃائي ڇڏڻ جا بشارت ٻڌائن ٿا، ستم ظرفي ته اها آهي جو اسان کي ڪنهن ظلم جي خلاف ڳالهائڻ جو بہ حق ناهي، اهڙي ٻوسٽ واري ماحول ۾ توهان ٻڌايو ڪهڙا وري نيوٽن يا آئناسٽائين پيدا ٿيندا؟

    هٿ وٺي سُٺن ذهنن کي يرغمال ۽ ڪچن ذهنن کي لالچ جي دٻڻ ۾ ڦاسايو ويو آهي، جيستائين اسان وٽان وڏيرڪي ۽ طبقاتي نظام ختم نہ ٿيندو اسان ترقي جا ڏاڪا ڪونہ چڙهي سگهنداسين، هت سُٺن ذهنن جي بجاء سُٺن ڪپڙن پهريل شخص کي اوليت ڏني وڃي ٿي، دنيا جو مشاهدو تہ ڪري ڏسو دنيا هر روز ڪيڏي نہ ترقي ڪري پئي ۽ اسان دنيا سان گڏ هلڻ جهڙا آهيون قطعي بہ نہ…جيستائين اسان وسيع دماغ جا مالڪ نٿا بڻجون، تيسيتائين اسان ڪائي شئي بہ تخليق نٿا ڪري سگهون.

    اسان جو جڙيل هي ماحول ئي اسان جي ترقي جي راه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي، ازل کان غلامي پسند ذهن ڪنهن جي آزادي جي حمايت ڪئين ٿا ڪري سگهن، ماڻهو ٽڪينالاجي کي قصور وار سمجهن ٿا ۽ چون ٿا ٽيڪنالاجي فاصلا تہ گهٽايا آهن پر ان سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي معاشري ۾ بگاڙ بہ آندي آهي.

    هلندڙ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو