غلام رسول چانڊيو
سينيئر رڪن
امان! ڪرونا بابا کي مزدوري ڪرڻ ڇو نٿو ڏئي...؟؟
(غلام رسول چانڊيو)
بنا واڏڻ واري جھولي ٿي ويل کٽ تي ليٽيل مارل آسمان طرف ڏٺو ته سندس خيالن جي دنيا ماضيءَ جي منظرن ۾ گم ٿي وئي، علڻ جڏھن پٽ پئي پرڻايو ته ست ڀرائيءَ جو پَٽَ تي پير نه ھو، اڌ وھيءَ تي پھچڻ باوجود به مِسيءَ وارن ڏندن تي مساڳ کڻي ھنيو ھو ۽ سرخي چپن تان لٿيس ڪا نه ٿي، سڄي ڳوٺ جي ماين کي ڳيچن جي ڪوٺ ڏيندي ڏيندي مائي ڪٿي پاڻيءَ جو ڍڪ به نه ٿي پيتو، چئي ”نه ادي جانل مئي ڏي ڳيچن جي ڪوٺ کڻي وڃڻي اٿم، نه ويس ته اصل ڳوٺ کڻي مٿي تي کڻندي“ ۽ جڏھن جانل جي گھر پھتي ھئي ته اتي راڄِي اڳ ئي جانل سان ست ڀرائي جي پٽ جي پرڻي وارا قصا ڇيڙيو ويٺي ھئي، پريان دينو نم جي وڻ ھيٺان، ڍڳي جي ڇڪي کي ڳَنڍيون پئي ڏنيون، سڀاڻي کان ڳاھَ ۾ جوڙو جوٽڻو ھئس، ان جو ڦيڙھو وڏو ھيس، سو ونگار ڪئي هئي، ڌڱاڻي ۽ ميرل وارن جا جوڙا به اچڻا ھئا، ڦرسو ۽ ڍينگھر ته ڪلھوڪا ٺاھي ڇڏيا ھئائين، وائر لاءِ گاگڙو پنھنجو ھيس، ميڙھ وارا ڪلا به کوڙي ڇڏيا ھئائين. ست ڀرائي تي نظر پيس ته کيڪاريائينس ”ادي ڀلي آئينءَ“، ”خير ھوندئي ادا“ ست ڀرائي ھٿ تي رئو رکي دينو سان ملي ۽ اڳتي وڌي وئي ته جانل به کٽ تان اٿي ۽ ست ڀرائيءَ کي ڀاڪر پائي ملي ۽ ڍوڙ ڪري وڃي ٻڪري ڏڌائين، جانل جي ننھن ديڳڙي چلھ تي رکي ته ايستائين جانل به ٻڪريءَ مان گوھا ڪڍي آئي ۽ اچي کٽ تي ست ڀرائيءَ سان ويٺي ۽ پوءِ ونواھ کان ويندي ميندي ۽ پڙي جون ڳالھيون ھليون، ڳالھ ڳالھ مان نڪتي سو اچي سج لٿو ۽ ست ڀرائي گندي سولي ڪري اٿي ۽ جانل کان ڳيچن تي اچڻ جي پڪ وٺي گھر موٽي... مارُل کي چيلھ ۾ سور جي سَٽَ پئي ته پاسو ورايائين ۽ ياد آيس ته امان ست ڀرائي ٿالھ وڄائيندي ٿَڪي ڪانه ٿي ۽ نينگريون نچڻ مان نه ٿي ڍاپيون، ڳيچ ٿيا، نيٺ لائون ٿيون، مارل جو ڀاءُ سوڀو گھوٽ ٿيو، ڇنا لڳا ڦنڊرون ڪٺيون، پري پري تائين سار جو ڀت ويو، ڏاند گاڏين تي ڄڃ ھلي، گھوٽ گھوڙي تي سرگس ڪيو، کارڪون ورھايون ويون، گھورون گھوريون ويون، پڙا ڳَڻائڻ مھل ڪلاڪ لڳا، ڳوٺ جي ھر گھر مان سڀني ماين پنھنجا پڙا ڳڻايا، گھوٽ جي ماءُ سان چرچا ڀوڳ جام ٿيا، راڄن ڀت کاڌو ۽ کنيو، ھڏي ڀت ھو، سو پيش جون ڇليون سڪي گوشت سان ڀريل به خالي ٿيون ۽ ھاڪ ھلي وئي سڄي تر ۾، علڻ پٽ جي ڀت ۾ مٽ بڇي ڇڏيا. مارل کي ياد آيو ته ڪيڏيون محبتون ھيون، شاخون ۽ واٽر تار پيا وھندا ھئا، ان به ايترا لھندا ھئا جو ڪير کٽائي، آھت وارا لوھار، ڪنڀار، پکالي، حجم، مڱڻھار بٽئي تان ئي ٽويا ڀري کڻي ويندا ھئا، خوشحاليءَ جو اھو عروج ھو جو گنديون ٻارھو ئي پيون ان ڀٽاري سان ڦاٽنديون ھيون، سوچيندي سوچيندي مارل جي کڏا ڏئي ويل ڳٽن تان ڳوڙھن جو مينھن وٺو... مارل پاڻ جڏھن دودي سان پرڻي ھئي ۽ ونواھ ۾ اکا چاڙھي اٽي ۽ ھيڊ سان جسم کي ماين گلابي بڻايو ھيس ته مارل پاڻ کي سڄي ڳوٺ جي راڻي سمجھيو ھو، ساھرن ونواھ وارو کارو ميوات سان ايترو ته ڀريو ھو جو مارل جي ڀائرن به ڏونگھي، مصري ۽ پتاشا ڍوَ تي کاڌا ھئا، مارل کي ڦٽين جا چونڊا ياد پيا ته ھانءُ ڦاٽڻ لڳس، ڪانڀا ٻڌي مايون جڏھن مقابلا ڪنديون ھيون ته مارل سدائين سڀني کي ماريندي ھئي، ڏيڍ مڻ به ڦٽين جو چونڊي ويندي ھئي....!!
۽ پوءِ وقت جو وير ٿيو يا ڪجھ ٻيو، ڏسندي ڏسندي ڳوٺ اجڙڻ لڳا، تار وھندڙ واٽر ۽ شاخون ھڪڙيون سڪي ٺوٺِ ٿيون ته ٻيون ڀوتارن پنھنجين زمينن تي موڙيون، مارل جي مڙس وڃي رازڪو ڪم ڪيو، جانل وارن جا جوڙا وڪاڻا، پوءِ مينھون ۽ ٻڪريون به وڪاڻيون، ٻنيون غيرآباد ٿيون ته وڃي تگاري مزوري تي لڳا، ڳوٺ جو ڳوٺ مزدوري جي مھابي جيئڻ لڳو، سنڌو درياءَ کي بند لڳا ته ڀوتارن پاڻيءَ تي پنھنجو قبضو ڄمايو ۽ ننڍن آبادگارن جون ٻنيون يا ته غيرآباد ٿيون يا وري ڀوتارن خريد ڪري ورتيون ۽ سنڌ جا ڳوٺ ٻيلھپَن تي مجبور ٿيا..!!
مارل کي ياد ھو ته 2010ع واري ٻوڏ ڪيئن نه سنڌ جا ستر رلايا ھئا، اھي نياڻيون جيڪي کڙھ تي نه اينديون ھيون، انھن کي روڊن تي ڀت گراھ لاءِ قطارن ۾ بيھڻو پيو، شھرن ٻاھران کيما کتا، امير سنڌ جا ماڻھو ان ٻوڏ دوران پنھنجا اجھا ڇڏي ننگن سميت اچي روڊن تي سرڪاري ڀت گراھ لاءِ بيٺا، مڱڻھارن دھلن کي ڇپر جي داسن ۾ ٽنگي رکي ڇڏيو، راڄن سان گڏ سنڌ جون خوشيون به رليون ته دھل ڪنھن لاءِ وڄن، گنديون ڀڄي ڀورا ٿيون، گھر نه رھيا، مال متا نه رھيا، پکالين جون ڪنواٽيون ٽٽي پيون، لوھرن، ڪنڀرن ۽ حجمن جو آھت شھيد ٿيو ۽ امير سنڌ غربت جي وحشي وات ۾ ھلي وئي، جيڪي اٺن تي ان جون سٿيل ٻوريون ديرن تان کڻي ايندا ھئا، اھي ڏھاڙي مزدور بڻيا، جي عورتون گَنديءَ جي پلاند ۾ ھزارن جا نوٽ ٻڌي ھلنديون ھيون، انھن کي انڪم سپورٽ پروگرام جي قطارن ۾ ڌڪا کائيندي دنيا ڏٺو ۽ تھذيب جي وارث سنڌ کي فقير بڻايو ويو، ٽھڪ اوپرا بڻيا، ڳيچن موڪلايو، جھمريون جھري مري پيون، مانڌاڻين جو موت آيو ۽ چاڏين کي ڪنھن ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو، وڏڙيون کير ولوڙڻ وقت پاڙي جي ٻارن کي مکڻ جي ڦٽي وات ۾ وجھنديون ھيون، سي ھلڻ کان ھلاک ٿيون ۽ ائين سنڌ اميري ڏسندي ڏسندي ھڪ اھڙي ڀيانڪ غربت ۾ تبديل ٿي وئي، جنھن لاءِ سنڌ ڪڏھن تصور به نه ڪيو ھو، حالاڪه اھو سڀ ڪجھ تڏھن ٿيو، جڏھن سنڌين جمھوريت لاءِ جھيڙا ڪري، مڙس مارائي ۽ جيل ڪاٽي جمھوريت کي بحال ڪرايو، جمھوريت ڇا بحال ٿي، سنڌ ڄڻ ھڪ عجيب قيد جي قيدياڻي بڻي، جتي جيلر به پنھنجا ھئا، سنتري به سندا ھيا ته سزائوُن به پنھنجن ھٿان مليون...!!
مارل ڦاٽل رئي سان، نٻل چھري تان لڙڪ اگھيا ۽ در ۾ اکيون کپائي ويٺي، اڄ چوڏھون ڏينھن ھو جو سندس مڙس مزدوري واري پڙيءَ تان خالي واپس پئي موٽيو، ڪجھ ڏينھن ته ڏکيا سکيا گذريا ۽ ڪجھ ڏينھن ڪن ماڻھن مدد ڪئي، پر اڄ ٻيو ڏينھن ھو جو مارل وارن جي چلھ وسايل ھئي ۽ مارل جو پٽ سرويچ مسلسل ماءُ کان پڇندو رھيو ھو ته ”امان اھو ڪرونا وائرس ڇا آھي، جيڪو بابا کي مزدوري ڪرڻ نٿو ڏي؟“ ۽ مارل روئيندي رھي ھئي... شام اچي لڙي ھئي پر مارل جو مڙس نه موٽيو ھو ۽ پوءِ رات ٿي، مارل جو مڙس نه موٽيو، سڄي رات مارل انتظار ڪيو پر سندس ڪانڌ نه وريو ۽ صبح جو ڳوٺ ۾ ھڪ ٽرڪ پھتي، ماڻھو گڏ ٿيا، ته مارل به رڙھي وڃي ھجوم سان گڏ بيٺي.... ”تو رئيس کي ووٽ ڏنو ھو؟“ ”جي ھا سائين، ٻارين ٻچين“ ”اچي ھي وٺ راشن جو ڪٽو“، ائين ھرڪو ڪٽو ڪلھي تي کڻي رمندو رھيو ۽ جڏھن مارل جو وارو آيو ته ٽرڪ ۾ آخري راشن جو ڪٽو بچيو ھو.... ”مائي تنھنجو مڙس لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙيءَ سبب ٻڌو پيو آھي ۽ توھان جي گھر رئيس کي ووٽ نه ڏنو ھو، ان ڪري راشن اوھان کي نه ملندو“ ۽ آخري راشن جو ڪٽو واپس کڻي ٽرڪ ڳوٺ کان نڪري وئي........!!
sufighulamrasool@gmail.com