امان! ڪرونا بابا کي مزدوري ڪرڻ ڇو نٿو ڏئي...؟؟

'ڪهاڻيون' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2020۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    امان! ڪرونا بابا کي مزدوري ڪرڻ ڇو نٿو ڏئي...؟؟
    (غلام رسول چانڊيو)
    بنا واڏڻ واري جھولي ٿي ويل کٽ تي ليٽيل مارل آسمان طرف ڏٺو ته سندس خيالن جي دنيا ماضيءَ جي منظرن ۾ گم ٿي وئي، علڻ جڏھن پٽ پئي پرڻايو ته ست ڀرائيءَ جو پَٽَ تي پير نه ھو، اڌ وھيءَ تي پھچڻ باوجود به مِسيءَ وارن ڏندن تي مساڳ کڻي ھنيو ھو ۽ سرخي چپن تان لٿيس ڪا نه ٿي، سڄي ڳوٺ جي ماين کي ڳيچن جي ڪوٺ ڏيندي ڏيندي مائي ڪٿي پاڻيءَ جو ڍڪ به نه ٿي پيتو، چئي ”نه ادي جانل مئي ڏي ڳيچن جي ڪوٺ کڻي وڃڻي اٿم، نه ويس ته اصل ڳوٺ کڻي مٿي تي کڻندي“ ۽ جڏھن جانل جي گھر پھتي ھئي ته اتي راڄِي اڳ ئي جانل سان ست ڀرائي جي پٽ جي پرڻي وارا قصا ڇيڙيو ويٺي ھئي، پريان دينو نم جي وڻ ھيٺان، ڍڳي جي ڇڪي کي ڳَنڍيون پئي ڏنيون، سڀاڻي کان ڳاھَ ۾ جوڙو جوٽڻو ھئس، ان جو ڦيڙھو وڏو ھيس، سو ونگار ڪئي هئي، ڌڱاڻي ۽ ميرل وارن جا جوڙا به اچڻا ھئا، ڦرسو ۽ ڍينگھر ته ڪلھوڪا ٺاھي ڇڏيا ھئائين، وائر لاءِ گاگڙو پنھنجو ھيس، ميڙھ وارا ڪلا به کوڙي ڇڏيا ھئائين. ست ڀرائي تي نظر پيس ته کيڪاريائينس ”ادي ڀلي آئينءَ“، ”خير ھوندئي ادا“ ست ڀرائي ھٿ تي رئو رکي دينو سان ملي ۽ اڳتي وڌي وئي ته جانل به کٽ تان اٿي ۽ ست ڀرائيءَ کي ڀاڪر پائي ملي ۽ ڍوڙ ڪري وڃي ٻڪري ڏڌائين، جانل جي ننھن ديڳڙي چلھ تي رکي ته ايستائين جانل به ٻڪريءَ مان گوھا ڪڍي آئي ۽ اچي کٽ تي ست ڀرائيءَ سان ويٺي ۽ پوءِ ونواھ کان ويندي ميندي ۽ پڙي جون ڳالھيون ھليون، ڳالھ ڳالھ مان نڪتي سو اچي سج لٿو ۽ ست ڀرائي گندي سولي ڪري اٿي ۽ جانل کان ڳيچن تي اچڻ جي پڪ وٺي گھر موٽي... مارُل کي چيلھ ۾ سور جي سَٽَ پئي ته پاسو ورايائين ۽ ياد آيس ته امان ست ڀرائي ٿالھ وڄائيندي ٿَڪي ڪانه ٿي ۽ نينگريون نچڻ مان نه ٿي ڍاپيون، ڳيچ ٿيا، نيٺ لائون ٿيون، مارل جو ڀاءُ سوڀو گھوٽ ٿيو، ڇنا لڳا ڦنڊرون ڪٺيون، پري پري تائين سار جو ڀت ويو، ڏاند گاڏين تي ڄڃ ھلي، گھوٽ گھوڙي تي سرگس ڪيو، کارڪون ورھايون ويون، گھورون گھوريون ويون، پڙا ڳَڻائڻ مھل ڪلاڪ لڳا، ڳوٺ جي ھر گھر مان سڀني ماين پنھنجا پڙا ڳڻايا، گھوٽ جي ماءُ سان چرچا ڀوڳ جام ٿيا، راڄن ڀت کاڌو ۽ کنيو، ھڏي ڀت ھو، سو پيش جون ڇليون سڪي گوشت سان ڀريل به خالي ٿيون ۽ ھاڪ ھلي وئي سڄي تر ۾، علڻ پٽ جي ڀت ۾ مٽ بڇي ڇڏيا. مارل کي ياد آيو ته ڪيڏيون محبتون ھيون، شاخون ۽ واٽر تار پيا وھندا ھئا، ان به ايترا لھندا ھئا جو ڪير کٽائي، آھت وارا لوھار، ڪنڀار، پکالي، حجم، مڱڻھار بٽئي تان ئي ٽويا ڀري کڻي ويندا ھئا، خوشحاليءَ جو اھو عروج ھو جو گنديون ٻارھو ئي پيون ان ڀٽاري سان ڦاٽنديون ھيون، سوچيندي سوچيندي مارل جي کڏا ڏئي ويل ڳٽن تان ڳوڙھن جو مينھن وٺو... مارل پاڻ جڏھن دودي سان پرڻي ھئي ۽ ونواھ ۾ اکا چاڙھي اٽي ۽ ھيڊ سان جسم کي ماين گلابي بڻايو ھيس ته مارل پاڻ کي سڄي ڳوٺ جي راڻي سمجھيو ھو، ساھرن ونواھ وارو کارو ميوات سان ايترو ته ڀريو ھو جو مارل جي ڀائرن به ڏونگھي، مصري ۽ پتاشا ڍوَ تي کاڌا ھئا، مارل کي ڦٽين جا چونڊا ياد پيا ته ھانءُ ڦاٽڻ لڳس، ڪانڀا ٻڌي مايون جڏھن مقابلا ڪنديون ھيون ته مارل سدائين سڀني کي ماريندي ھئي، ڏيڍ مڻ به ڦٽين جو چونڊي ويندي ھئي....!!
    ۽ پوءِ وقت جو وير ٿيو يا ڪجھ ٻيو، ڏسندي ڏسندي ڳوٺ اجڙڻ لڳا، تار وھندڙ واٽر ۽ شاخون ھڪڙيون سڪي ٺوٺِ ٿيون ته ٻيون ڀوتارن پنھنجين زمينن تي موڙيون، مارل جي مڙس وڃي رازڪو ڪم ڪيو، جانل وارن جا جوڙا وڪاڻا، پوءِ مينھون ۽ ٻڪريون به وڪاڻيون، ٻنيون غيرآباد ٿيون ته وڃي تگاري مزوري تي لڳا، ڳوٺ جو ڳوٺ مزدوري جي مھابي جيئڻ لڳو، سنڌو درياءَ کي بند لڳا ته ڀوتارن پاڻيءَ تي پنھنجو قبضو ڄمايو ۽ ننڍن آبادگارن جون ٻنيون يا ته غيرآباد ٿيون يا وري ڀوتارن خريد ڪري ورتيون ۽ سنڌ جا ڳوٺ ٻيلھپَن تي مجبور ٿيا..!!
    مارل کي ياد ھو ته 2010ع واري ٻوڏ ڪيئن نه سنڌ جا ستر رلايا ھئا، اھي نياڻيون جيڪي کڙھ تي نه اينديون ھيون، انھن کي روڊن تي ڀت گراھ لاءِ قطارن ۾ بيھڻو پيو، شھرن ٻاھران کيما کتا، امير سنڌ جا ماڻھو ان ٻوڏ دوران پنھنجا اجھا ڇڏي ننگن سميت اچي روڊن تي سرڪاري ڀت گراھ لاءِ بيٺا، مڱڻھارن دھلن کي ڇپر جي داسن ۾ ٽنگي رکي ڇڏيو، راڄن سان گڏ سنڌ جون خوشيون به رليون ته دھل ڪنھن لاءِ وڄن، گنديون ڀڄي ڀورا ٿيون، گھر نه رھيا، مال متا نه رھيا، پکالين جون ڪنواٽيون ٽٽي پيون، لوھرن، ڪنڀرن ۽ حجمن جو آھت شھيد ٿيو ۽ امير سنڌ غربت جي وحشي وات ۾ ھلي وئي، جيڪي اٺن تي ان جون سٿيل ٻوريون ديرن تان کڻي ايندا ھئا، اھي ڏھاڙي مزدور بڻيا، جي عورتون گَنديءَ جي پلاند ۾ ھزارن جا نوٽ ٻڌي ھلنديون ھيون، انھن کي انڪم سپورٽ پروگرام جي قطارن ۾ ڌڪا کائيندي دنيا ڏٺو ۽ تھذيب جي وارث سنڌ کي فقير بڻايو ويو، ٽھڪ اوپرا بڻيا، ڳيچن موڪلايو، جھمريون جھري مري پيون، مانڌاڻين جو موت آيو ۽ چاڏين کي ڪنھن ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيو، وڏڙيون کير ولوڙڻ وقت پاڙي جي ٻارن کي مکڻ جي ڦٽي وات ۾ وجھنديون ھيون، سي ھلڻ کان ھلاک ٿيون ۽ ائين سنڌ اميري ڏسندي ڏسندي ھڪ اھڙي ڀيانڪ غربت ۾ تبديل ٿي وئي، جنھن لاءِ سنڌ ڪڏھن تصور به نه ڪيو ھو، حالاڪه اھو سڀ ڪجھ تڏھن ٿيو، جڏھن سنڌين جمھوريت لاءِ جھيڙا ڪري، مڙس مارائي ۽ جيل ڪاٽي جمھوريت کي بحال ڪرايو، جمھوريت ڇا بحال ٿي، سنڌ ڄڻ ھڪ عجيب قيد جي قيدياڻي بڻي، جتي جيلر به پنھنجا ھئا، سنتري به سندا ھيا ته سزائوُن به پنھنجن ھٿان مليون...!!
    مارل ڦاٽل رئي سان، نٻل چھري تان لڙڪ اگھيا ۽ در ۾ اکيون کپائي ويٺي، اڄ چوڏھون ڏينھن ھو جو سندس مڙس مزدوري واري پڙيءَ تان خالي واپس پئي موٽيو، ڪجھ ڏينھن ته ڏکيا سکيا گذريا ۽ ڪجھ ڏينھن ڪن ماڻھن مدد ڪئي، پر اڄ ٻيو ڏينھن ھو جو مارل وارن جي چلھ وسايل ھئي ۽ مارل جو پٽ سرويچ مسلسل ماءُ کان پڇندو رھيو ھو ته ”امان اھو ڪرونا وائرس ڇا آھي، جيڪو بابا کي مزدوري ڪرڻ نٿو ڏي؟“ ۽ مارل روئيندي رھي ھئي... شام اچي لڙي ھئي پر مارل جو مڙس نه موٽيو ھو ۽ پوءِ رات ٿي، مارل جو مڙس نه موٽيو، سڄي رات مارل انتظار ڪيو پر سندس ڪانڌ نه وريو ۽ صبح جو ڳوٺ ۾ ھڪ ٽرڪ پھتي، ماڻھو گڏ ٿيا، ته مارل به رڙھي وڃي ھجوم سان گڏ بيٺي.... ”تو رئيس کي ووٽ ڏنو ھو؟“ ”جي ھا سائين، ٻارين ٻچين“ ”اچي ھي وٺ راشن جو ڪٽو“، ائين ھرڪو ڪٽو ڪلھي تي کڻي رمندو رھيو ۽ جڏھن مارل جو وارو آيو ته ٽرڪ ۾ آخري راشن جو ڪٽو بچيو ھو.... ”مائي تنھنجو مڙس لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙيءَ سبب ٻڌو پيو آھي ۽ توھان جي گھر رئيس کي ووٽ نه ڏنو ھو، ان ڪري راشن اوھان کي نه ملندو“ ۽ آخري راشن جو ڪٽو واپس کڻي ٽرڪ ڳوٺ کان نڪري وئي........!!
    sufighulamrasool@gmail.com
     
  2. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    ڪينئن رجھايان توکي، ڪينئن پرچايان...
    غلام رسول چانڊيو
    ھُن جي حَسين چھري تي رتَ جا ڦِھنگا، مٿي تان لٿل رَئو، ڳِڄيءَ مان ڇِڪي پٽيل دُھري، اکين ۾ لُڙڪ، جھوليءَ ۾ سَمبارا جي مورتي ۽ ھڪ ھٿ ۾ سنڌوءَ جي پاڻيءَ جو ڀريل ٿانءُ ھيو.
    جينئن ئي لطيف سائين جي اڱڻ تي پھتي ته تاريخ ۾ پھريون دفعو فقيرن وائي اڌ ۾ روڪي، ۽ دنبورن سميت اٿي، ڪنڌ نوائي وڏي احترام سان سندس آجيان ڪيائون، لطيف جون ڇِڙَيَل وايوُن ڪڏھن به، ڪنھن لاءِ به اڌ ۾ نه رُڪيون ھيون ۽ نه ئي فقيرن ڪڏھن ڪنھن لاءِ اٿي بيھي ڪنڌ نوائي آجيان ڪئي ھئي، سڀئي حيران ھئا ته ھيءَ ڪير ھئي.!! ھڪ فقير سندس اُگھاڙي مٿي تي اجرڪ اوڍائي، چَھري تان رت جا داڳ صاف ڪيا ۽ لطيف سائين جو دَنبورو سندس حوالي ڪيو، سنڌو_سنڌوءَ جي پاڻيءَ ڍڪ سان نڙي آلي ڪئي ۽ تنبوري جي تارن تي ھٿ ڦيرڻ لڳي.
    دنبوري جي تارن تي ھٿ ڇا ڦيريائين، بس رڳي ڪيڏاري جون ھَڪلون ۽ گھوڙن جون ھِڻڪارون سڄي ماحول ۾ ماتم برپا ڪرڻ لڳيون، ھڪ نَديِ ھئي جنھن کي سنڌو ندي پئي سڏيائون، ان جي ڪنارن سان ڪيئي شھر اڏيل ھيا، شھر ڇا ھيا ھڪ حسين دنيا ھئي، ڪو به مذھب نه ھيو نه ئي ڪو قبيلو، آڏاڻا ھئا، نِير ھيو ۽ عورتن جي ڳچين ۾ سچن ھيرن جا ھار پيل ھيا، سڀئي ھڪ ٻئي جون سھيليون ھيون، ھر وستيءَ ۽ واھڻ ۾ گُنديون اَنَ سان ڀريل ھيون ۽ نارَ اُڙھِي رھيا ھيا، ملاح ٻيڙين کي، ھڪڙا ھلائي رھيا ھيا ته ٻيا سنڌو نديءَ جي سير ۾ سِڙَھ اُڀا ڪريو، ڪي مڇيءَ جو شڪار ڪري رھيا ھيا ته ڪي پرڏيھ ڏانھن پوريندي، پنھنجن وَھُن سان ٻکين پئي موڪلائي رھيا ھئا، پريان رازَن نوان گھر پئي اڏيا ته ھاري ھَرن جي مُٺين کي مضبوط جھلي، وڏن سنڱن وارن ڏاندن کي ” کَٻي پُٽ، آءُ پٽ...سَڄي پٽ“ جون ھُونگارون ڪندي ھَرَ جوٽيو بيٺا ھيا، اوڙَ اوڙ سان پئي ڀَڳائون، متارن ڏاندن کي به مستي اھڙي جو، چوٿين ڪلي تي به ڪُرڪيا نه ٿي ، اَنَن جوُن دَنِيوُن، مال جا ڌڻ ۽ موسيقي فطرت جي ھر لقاءَ کي موھي رھي ھئي.
    ھڪ حسين دنيا ھئي جنھن ۾ نفرت نالي جو ڪو تصور ئي نه ھيو، سنڌو جينئن ٿي دنبوري کي ڇيڙيو، تينئن ٿي سنڌو نديءَ جي سمورن علائقن جي سونھن ۽ رقص نروار ٿيو، ڪٿي ڪَلالن جا ھَٽ ھئا ته ڪٿي موکيوُن مَٽَ ڀريو ويٺيون ھيون ۽ متارن جي اچ وڃ لڳي پئي ھئي، ھڪ ڳوٺ ۾ لوھار ڏانٽا ٺَپي ڏَندِي رھيو ھيو جو لابارن جي مھل اچي مٿان پئي ھئي.....
    سنڌو دنبوري جي جڏھن گھورَ تارَ ڇيڙيِ ته سڀن کان ڇرڪ نڪري ويا، گھوڙن جون ھڻڪارون جي پھريا ٻڌيون ھئائون، ھاڻ تَراِڙين سان انھن تي سوار به ھئا، جيڪي نديءَ جي ڪناري سان ڳوٺن ۾ ڪاھي پيا ھيا ۽ سنڌو! جنھن ڪڏھن رت جي راند جو سوچيو به نه ھيو ان کان ھڪ آسمان کي ڏاريندڙ دانھن نڪري وئي ھئي ۽ پوءِ آھستي آھستي ڳوٺن ۾ نوان نوان عقيدا ۽ عجيب پوئلڳيءَ جا داستان سِرجي پيا ھئا، خوف ۽ وھشت سنڌوءَ جي ڌرتيءَ کي ويڙھي ويو ھيو ۽ رقص جا ڪنھن پير وڍي ڇڏيا ھيا، لطيف سائين جي آسڻ تي ويٺل ماڻھن ۾ ڪِيھون پئجي ويون.
    سنڌوءَ دنبورو تَمَر فقير جي حوالي ڪيو جنھن ڪلياڻ جا بيٿ پڙھيا ته ماحول ۾ شانتي آئي، ڀٽائي جي اڱڻ تي موجود ماڻھن ٿڌو شوڪارو ڀريو، پريان ڪِرڙَ وٽِ مَدَن موُنَن ۾ منھن وجھي رُنو پئي، ھو پيڙا جي ان آخري انتھا تي پھتل ھيو جو سنڌوءَ جي اچڻ جي کيس ڪل ئي ڪا نه پئي!! مدن جي آلين اکين اڳيان پھريان رُڪ اسٽيشن جا منظر ڦرڻ لڳا جتي ڀڳت ڪنور رام ڪٺو پئي ويو ۽ پوءِ ڏٺائين ته گھوٽڪي جي ھڪ مندر ۾ به ڀڳت ڪنور جي مورتيءَ کي ڪٺو پئي ويو، ڪنور جي شھادت جو سلسلو بند نه ٿيو ھيو!! مدن سوچيو: ”ڇا محبت ۽ امن جو ڪوس ائين جاري رھندو“.؟
    ”ڪينئن ريجھايان توکي، ڪينئن پرچايان، ڏس ڪو ڏانءُ ڏس ڪو ڏانءُ“
    سنڌوءَ جي جھولي مان ٽِپُ ڏيئي سَنبارا ٻاھر نڪتي، پر سندس پيرن ۾ ڇيريون نه ھيون، پوءِ به ھن ھو بھو ڀڳت ڪنور رام وارو رقص ڪرڻ شروع ڪيو، ھڪ ھٿ مٿي کڻي جھمر ھڻڻ لڳي:
    مدن جي ڪنين ڀڳت جو آلاپ پيو:
    ”اچ ته پيارل ڪريون پرڇاءُ، ساڻ سليمان چئي ڪريون سرچاءُ،
    لائق ناھيان، پوءِ به تنھنجڙي آھيان، تنھنجڙي آھيان، ڏس ڪو ڏانءُ.“
    ۽ مدن کان ھڪ اھڙي ريھ نڪتي جو لطيف سائين بيچين ٿي ، مونن مان منھن مبارڪ ڪڍي مٿي نھاريو ۽ تمر فقير کيس ھڪ اڇو اجرو ڪپڙو وڌائي ڏنو جنھن سان لطيف پنھنجا نيڻ اگھيا ۽ مدن ڏي وکون کنيائين پئي ته سنڌو سندس ھٿ جھلي ورتو، لطيف جي وجود مان سسئي جون سڀئي آھون ۽ دانھون نڪتيون، رامڪلي جي اکين کي روڻيون پيون، ۽ کاھوڙين اھا جوءِ ڏوري، جتي سونھان منجھي پوندا ھئا، لطيف سائين جي نظر ڪيڏاري تي پئي جتي رِڻُ گَجيِ راڙو ڪري رھيو ھيو، ڀٽائي جو وجود وجدان جي آخري حد ڇھي رھيو ھيو ۽ گھوٽڪيءَ ۾ باھ جا الا آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا ھئا.
    لطيف سائين مدن کي سڏيو ۽ پاڻ اچي سنڌوءَ کي مٿي تي ھٿ رکيائين، سنڌو روئي رھي ھئي ۽ ڀڳت ڪنور جي ڀڳل مورتيءَ مان مسلسل راڳ آلاپجي رھيو ھيو.
    ”ڪينئن ريجھايان توکي، ڪينئن پرچايان، ڏس ڪو ڏانءُ ڏس ڪو ڏانءُ“
    سنڌوءَ جون اکيون نديون بڻجي پيون ھيون ۽ فقير دنبوري جي تارن تي آلن نيڻن سان ھٿ ڦيريندا ٿي رھيا ۽ سمبارا بنا ڇيرين رقص جي آخري سرحد به ٽپي چڪي ھئي...
    سنڌو، ڀٽائي ۽ سمبارا جي ھيءَ پھرين ملاقات نه ھئي، ھنن ڪيئي دفعا گڏجي اوڇگارون ڏنيون ھيون، پر الاءِ ڇو ھن دفعي ٽنھي جي اکين مان نير وھڻ جو سلسلو بند نه پئي ٿيو، مدن ۽ تمر جي وجود ۾ ته ڪيڏارو ڇڙيل ھيو پر باھ جي اُلن ۾ به ڀڳت ڪنور جا آلاپ بند نه ٿي ٿيا:
    ڀلو....ڀلو...منھنجي نماڻين جا ماڻ.......
    سنڌو، سيد ۽ مدن تنبورن ڏانھن ھٿ وڌايو ته تمر فقير به تنبوري کي سڌو ڪيو، سنبارا گھڙي کن لاءِ رقص بند ڪري گوڏا اونڌا ڪري سنڌوءَ سامھون ٿي ويٺي، لطيف سائين دنبوري جي تارن کي ڇيڙيو ته سنڌوءَ کان ريھ نڪتي، ڀٽائي بيٿ ڏنو:
    آءُ نه گڏي پِرينئن کي، توُن ٿو لھين سِڄَ،
    آءُ جي ڏيائين سَنيھا، سي نيئي پريان کي ڏِجُ
    وڃي ڪيچ چَئِجُ، ته ويچاري واٽ مئي.
    ۽ لطيف سائين ٻيو بيٿ ڇيڙيو:
    کُھي جا کَنيائين، وِکَ تَنھن ويجھِي ڪَئي،
    ڇڪي ڇِنيائين، پَنڌُ مڙوئي پَٻَ جو.
    تَمَر فقير اڃان وراڻو ڏيڻ جي ڪئي ته گھوٽڪي جي شھر ۾ ھزارين ماڻھو امن جي صدا بلند ڪري نڪري پيا ۽ سنڌوءَ جي چَپي چَپي تي انتھا پسنديءَ خلاف آواز اچڻ لڳا، جو جتي ھيو ان امن جا گيت چوڻ شروع ڪيا ۽ ڀڳت ڪنور جي مُورتيءَ جي ڀڳل چَھري تي مُرڪ پکڙجي وئي....
    ڀٽائي اٿيو ۽ سنڌوءَ جي مٿي تي ھٿ رکي صرف ايترو چيائين:
    ”جيستائين آءُ آھيان، سنڌو توکي وھشتن جي وات ۾ ڪير به وجھي نه سگھندو“ ۽ سنڌو اٿي پنھنجي رَئي مان امن جو جھنڊو کڻي پنڌ پئي.......
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو