ڀيانڪ خواب

'ڪهاڻيون' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2020۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    ڀيانڪ خواب
    غلام رسول چانڊيو
    ماٿريءَ جي بَدن تي رات جي راڻيءَ جي خوشبو، گلابن جا ماڪَ ڀِنا پَتا اکين کي کيرو ڪري رھيا ھئا ۽ شرم ٻوٽيوُن ھلڪي ڇُھاءَ تي پنھنجو پاڻ ۾ ويڙھجي ٿي ويون، بڙ جي وڻ ۾ ڀانتِ ڀانت جا پکي ۽ جيت جَڻيا سنگيت جو ڪو ڄڻ ته آخري گيت ڳائي رھيا ھئا، گيت ھيو يا وائي!؟ سمجھ ۾ نه پئي آيو!، ڪنھن وقت روح رقص ڪرڻ پئي چاھيو ته ڪنھن وقت وجود ۾ ماتم برپا ٿي ٿيو ۽ خواب ۾ ياد آئي ھئي ان وائي جي ڪٿا، جا ڪنھن شاعر ڏور ڪنھن جبل جي آخري چوٽيءَ تي ڳائي ھُئي، ڳائجڻ کان پوءِ اھا وائي، مون وٽ واريءَ جي ان ڀٽ تي اچي پھتي ھئي ۽ چيو ھئائين ته: ”اسان وايون ڪائنات جا نوحا آھيون“، وائي سان گڏ ٻچڙن جھڙا بيت ۽ ڏوھيڙا به آيا ھئا جن جي بدن جا ڪپڙا ليڙون ليڙون ٿيلَ ھيا، وائيءَ جي مٿي تي رئو نه ھيو ۽ سندس وارن ۾ چيڙُھ ۽ مٽي پنھنجا تَھ ٺاھي ڇڏيا ھيا ۽ وائيءَ جو چھرو به ڀَڀوُت ٿيل ھيو، سندس ڳلَن جي ڌرتيءَ تي، ڳوڙھن اَڏون ٺاھي ڇڏيون ھيون.
    خواب اندر جڏھن ياد ٽٽي ته پريان ڪامورين جي ڌڻ تي نظر پئي، ڌَنار جي ڪُلھي تي ڪھاڙي نه ھئي ۽ ڪامورين جي رنگين ڳچين ۾ چَڙيون ته ھيون پر انھن چڙين جون لاروُن الاءِ ڪير پَٽي کڻي ويو ھيو، ڪامورين کان سنگيت کسي وئي ھئي! ان کان اڳ بَڊِيُن جو ڌَڻُ به گذريو ھيو جن جي ڌنار وٽ ڪھاڙي ته ڇا پر اھو بوڙينڊو به ھيو جنھن مان ھو سنگيت جي سُرن جي پالوٽ ڪندو پئي ويو ۽ ڇيلڙا ٺينگ ٽپن ۾ رقص ڪندا ٿي ويا.
    ڪامورين جي ڳچين ۾ چڙن جون لاروُن ڪنھن چورايون ھيون ۽ ڌنار کان ڪھاڙي ۽ بوڙينڊو ڪنھن کسيو ھيو!؟ آءُ ان ئي سوچ ۾ ٻڏل ھيس ته ٽاھ کاڌل ڪبوترن جو ھڪ وڏو َولَرُ مون مٿان واءُ مينھن ڪندي گذريو... مون آسمان طرف ڏٺو! آسمان ساڳيو نه ھيو، سج به ساڳيو نه ھيو! پريان کير ٿر جا پھاڙ ڏَڪي رھيا ھيا، ماٿري جي ندين ۾ ملاحن ترندڙ ٻيڙين کي ڪنارن ڀَرِ ڪري ونجھ ھڻي ڇڏيا ھيا.
    ھي ماٿري جي سنگيت، ساز، سُر ۽ آواز کي ڇا ٿي رھيو ھيو!؟ ۽ ڇا ٿي رھيو ھيو کيتن، کَرن، چونڊن ۽ لابارن، سِھرن ۽ ساٺَن، ڳوٺن ۽ شھرن کان ويندي سنڌوءَ جي لھرن کي ڇا ٿي رھيو ھيو!؟ گلاب سَھميل ۽ ڪوماڻيل ھئا، رات جي راڻي جي خوشبو ڪنھن شھيد ڪري ڇڏي ھئي ۽ شرم ٻوٽيون پاڙان پٽجي چڪيون ھيون!! خوف ھيو، ھراس ھيو ماٿريءَ جي ھر لقاءَ ۾، سَھميل ۽ ڊنل ھيو سڀ ڪجھ!! منھنجو سمورو وجود ھڪ وشال ريھ سان ڀرجي چڪو ھيو ۽ اھا ريھ نڙيءَ ۾ اٽڪي ساھ سڪائي رھي ھئي!!
    ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿين ته سمورو وجود پگھر مان شِل ٿيل ھيو، ڀت تي لڳل بند آواز ٽي وي، ڀٽائي پڙھندي پڙھندي، ننڊ اچڻ سبب مون کان بند ڪرڻ وسري وئي ھئي، اٿي پاڻي جو گلاس پيتُم، ساھ جائيتو ڪري ٽي وي بند ڪرڻ جي ڪيم ته بريڪنگ نيوز جون پٽيون ھلڻ لڳيون، لکيل ھيو: ”ائٽمي جنگ جي امڪانن کي رد نه ٿو ڪري سگھجي“. تڪڙا چئنل مٽايم ته سرحد جي ھن پار کان به ساڳيون خبرون ھلي رھيون ھيون ۽ وڏي شد مد سان ھيروشيما تي اڇلايل آمريڪا جي ائٽمي بم جون وڊيوز ڏيکاريون پئي ويون..... ۽ مون ٽي وي بند ڪري ڇڏي ۽ مُنجھيل ساھ سان اڌ رات جو پنھنجي باغيچي ڏي تڪڙيون وکون کڻي پھتس، جتي تڏين ۽ جيتن جَڻين جي آواز کان سواءِ سڀ ڪجھ ستل ھيو ۽ رات جي راڻي پنھنجي خوشبو ورھائي رھي ھئي، مون ڊگھا ڊگھا ساھ کنيا ۽ آسمان کي تڪڻ لڳس جتي تارا پنھنجي پنھنجي جاءِ تي موجود ھئا ۽ چنڊ روز جيان چمڪي رھيو ھيو، پکي واھيرن ۾ آرامي ھيا.
    ھيڻين وِکُن سان واپس پنھنجي بستري ڏانھن موٽي اچي لطيف سائين جو رسالو کوليم:
    مَنجھان پَئيِ مَڪڙِي، ڪا جا پاڻيءَ بوُندَ،
    سيئي ڏٺم روُندَ، وَکَر جِنِ وِڃائيو.
    رسالو سيني تي رکيم ته خيالن جي لا محدود ڪائنات ۾ ھليو ويس، خيالن جي نيڻن پري پري تائين سير ڪرڻ شروع ڪيو، ڀٽ تي فقير سامونڊي ڇيڙيو ويٺا ھيا:
    نه سي تَڙَ ھوڙاڪَ، نه وايوُن وَڻجارَن جوُن،
    سرتيون سامونڊين جا، اڄ پِڻُ چِڪِيَم چاڪَ،
    مارِينِيم فيراقَ، پاڙيچِيوُن پِرِيُن جا.
    فقيرن بيٿُ ڏئي پورو ڪيو ته سرواڻ فقير حاجن نظاماڻيءَ وري نئون بيٿ ڇيڙيو:
    اونھي ۾ اوھري، جڏھن ويا جي،
    موٽيِ ماڳِ نه آئِيا، ماءِ! سامونڊيِ سي،
    کارو تِنِين کي، جيڪَس وَھُ وري وِيو.
    مون اڳيان بدين کان مائي ڪولاچيءَ جي شھر تائين وڻجارِيُن جي واڪَن جا مَنظر سمُنڊ جينئَن ڇولِيوُن ڏيڻ لڳا، ھڪ وڻجاري ڏٺم جا ڳِريو جَھليو مُنھن پِٽي رھي ھئي ۽ ٻي وري وَنجھ کي ٻَکُ ھنيو بيٺي ھئي ته پريان ھڪ وڻجاري نِرِڙَ ھَٿُ ڏئي ايندڙ ھڪ جَھاجَ کي سُڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري رھي ھئي، وڏا ٻيڙا، غوراب ۽ جھاج ڪي آيا پئي ته ڪي ويا پئي. سامونڊي ڪنڌيءَ سان، ھڪڙن ٻيڙن مان مال لٿو پئي ته ٻين تي چڙھيو پئي، ڪِنِ وڻجارين سمونڊ کي اَکا پئي آڇيا ته ڪن کَٿوُريءَ جي خوشبو پئي سمنڊ کي سوُکِڙي ڪئي، پَرَ ڀَرو جھوُپِڙين ۾ ڪُراڙا وڻجارا، جي سِڙَھ سنڀالڻ جو سَتُ وڃائي ويٺا ھئا، اھي پنھنجي ماضيءَ کي ياد ڪري، ڀٽائيءَ جو سر سامونڊي ڇيڙيو ويٺا ھئا، سندن ڪُراڙِيوُن وڻجاريون پَنھنجن نُھرُن جي سينگار وارِيُنُ سُرخِيُن ۽ مُساڳَن کي ڪاٺ جي پيتيءَ مٿان پيل ڏسي، پنھنجي جوڀَنَ جي جُواڻِ محبتن کي ياد ڪري رھيون ھيون.
    ھڪ وڻجاري جا جوڀن جي اَلوُٽ ڏاڪي تي پھتي ھئي، سندس تِٿِ به ٻَڌئون پئي، ٻُڪِي ۽ وَنواھُ سو اڃان نه ورتو ھُئائين باقي ڏاجَ ڏانوَڻ ۽ سَنوڻ ساٺَن جوُن سڀ تياريون ڪري ڇڏيون ھُئائوُن، پر وڻجارو چوئي ته ” لَنڪا ٿي اچان، وَکَرَ جو اگھ چوٽ چڙھيل آھي، سو موٽي اچيِ موڙَ ٻَڌندس“، ماءُ کان ويندي مِڙنيِ گھڻو ئي سمجھايُس، پر نه مُڙِيو ۽ وَنجھَ ڇوڙي ھليو ويو. الڙ جوانيءَ واري وڻجاري جو وجود ڇِيھُون ڇيھون ٿيڻ لڳو، ٿِيڻ واري سَسُ ڏي ڀڳي، سَھيلِيُن کي چيائين، پر ھو ويو سو ويو ۽ لطيف سائين ان وڻجاري جي روح جي رَڙِ ٻُڌِي ورتي ۽ حاجن فقير آلين اکين سان بيٿ ڏنو:
    سيئيِ جوڀَنَ ڏِينھَن، جڏھن سَڄڻ سفر ھلِيا،
    روئان رَھَنِ نه سُپرين، آيل! ڪَريان ڪيِنئن،
    مون کي چاڙھي چيِنئَن، ويو وڻجارو اوھري.
    بيٿ پورو ٿيو ته فقيرن وائي ڇيڙيِ:
    آيل! ڪَريان ڪينئنَ، مُنھنجو نِينھُن اپليو نا رھي....
    وِيو وڻجارو اوھري، مون کي چاڙھي چينئن
    منھنجو نينھن اپليو نا رھي........
    ۽ منھنجي اکين ۾ روُڻِيوُن پَيون ۽ ٽِمَندي نيڻين خبر ئي نه پئي ته ڪھڙي وقت ننڊ ورائي وئي، عجب آھي جو خواب وري اتان شروع ٿيو جتان ٽُٽُو ھيو.
    ماٿريءَ جا ماڻھو سَھميل، ھيسِيَل ۽ دَھشَتزده ساھ کڻي رھيا ھئا ۽ پر ڀَرو موھن جي اسٽوپا جي اکين مان ڳوڙھن جو درياءُ وھي رھيو ھيو، بَڙَ جي ڍوري تي عورتون لطيف جو وِرِدُ ڪري رھيون ھُيون، شيخاڻي گھاڙيءَ جي ناٿي فقير، سَنديِ نياڻي جنيءَ کي سڏي ٽي وي تي ھلندڙ خبرن بابت پڇا ڪئي، جنيءَ چيو: ” بابا جنگ جون ڳالھيون پيا ڪن ۽ چون پيا ته الاءِ ڪھڙو وڏو بم به ھڻندي ويرَمَ نه ڪندا، بابا اھو مُئومارِيو ڪھڙو بم آھي!؟“ جنيءَ پيءُ کان سوال ڪيو ته ڪاڪو ناٿو ضعيف ھوندي به کٽ تي اٿي ويٺو ۽ سندس ڪراڙن نيڻن مان چَھرا موتي ڇُڙي اُٿِيا، سُڏڪندي بيٿ ڏنائين:
    لاکا! لَڳَئيِ ڏينھن، گھاڙيءَ ريءَ ڪينئن گھاريُئيِ؟
    مَٿان وسي مِينھُن، وَلِڙِيُن واسَ ڦُلاريا.
    ھن سال ساوڻيءَ جا مينھن به واھ جا اُٺا ھُيا سو وِلاسي جا پَٽَ سالن کان پوءِ ساوا ٿيا ھيا ۽ وَلَڙِيُنُ گَئوُنچَ ڏِنا ھُيا ۽ ڪاڪي ناٿي لاکي کي سڏيو ھُيو جو لاکو ڦُلاڻي ڪَڇَ ڀُڄَ کان ٿيندو شيخاڻي گھاڙي ايندو ھيو، جَنيءَ جي ڳالھ ٻڌي ڪاڪي ناٿي لاکي کي رڳي ان ڪري سڏيو ھيو ته متان ھي ساوڻيءَ جي آخري ساوَڪَ ھُجي، ۽ وَلِڙيُن جا ھي آخري گَئونچَ ھُجن!! ناٿي جون اَکِيوُن سمنڊ بَڻجِي پَيوُن ھُيون، روپا ماڙيءَ تي دودي جي دانھَن ٻُڌائِين، سندس دِل جو دَھڪو وڌيِ وِيو ۽ ساھُ ساھُ سان نه پيو ماپيس، جَنيءَ کيس پاڻي پِيارَڻ جي ڪئي پر ھو اُتاڙجي پِيو......
    خواب جاري ھيو ۽ مون ڏِٺو ته ڀِٽَ جا فقير دَنبوُرا ھَٿَن ۾ کڻي ڪا وائي چوندا پئي ويا، دنبوري جون تارون تپي باھ ٿي ويون ھيون ۽ فقيرن جي ھٿن مان رت ٽمي رھيو ھيو ۽ سچل جو سُنگ سُھراب فقير جي سرواڻيءَ ۾ سَرحد پار ڪري چُڪو ھُيو ۽ گيڙو رَنگن تي رت جا داڳ ٺھندا ٿي ويا، ٻئي سنگ جڏھن گسَ ۾ گَڏِيا ته فَرِيدَڻ، بُلا ۽ باھُو جا فقير به اچي ساڻن گڏيا ھئا. ھوڏانھن سرحد پار کان به ڀَڳت ڪبير، نظام الدين اولياءُ، رحمان بابا ۽ ٻين صوفين جا فقير ھِن پار جون حدون به ٽپي آيا ھئا.....
    ۽ مون ڏٺو ته جنت جي وادي ۾، سري نگر کان ٿورو پَر ڀَرو ھڪ معصوم ٻار انگور پَٽي رھيو ھيو ته ھڪ ٺڪاءُ ٿيو.... بس ايترو ڏسي سگھيس ته اھو ٻارُ رتَ ۾ لتِ پتِ زمين تي ڪريل ھيو ۽ سندس ھٿن ۾ انگورن جو ھڪ ڇُڳو ھيو ۽ آءُ ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿيس.....
     
    Toheedullah هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Toheedullah

    Toheedullah
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2021
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41

هن صفحي کي مشهور ڪريو