ڇا اسان ڪرونا جي وبا مان ڪو سبق حاصل ڪنداسين

'ڪهاڻيون' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2020۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    53
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    ڇا اسان ڪرونا جي وبا مان ڪو سبق حاصل ڪنداسين؟
    (غلام رسول چانڊيو)
    ڪائنات ماءُ آھي ۽ ان جي ڪروڙين لقائن منجھان اسان انسان بس رڳو ھڪ لقاءُ ئي آھيون، بنھ اھڙو لقاءُ جيڪو ڪائنات جي وسعتن ۾ ڪنھن وڏي اک اڳيان به مس ڏسڻ ۾ اچي! سمجھ جنھن لاءِ تاريخ ۾ مختلف فلسفين ڪيئي تشريحون پئي ڪيون آھن، پر ان سمجھ جي حتمي تشريح اڃا تائين به اڻپوري آھي ۽ شايد ھن لامحدود ڪائنات ۾ انساني سمجھ آخر تائين اڻپوري رھي جو ھزارين ورهين جي سفر ۾ ھر لقاءُ پھرين لقاءَ کي يا ته رد ڪندڙ آھي يا وري ان جي معنيٰ ۽ مفھوم ۾ نيون صورتون کڻي ايندڙ آھي، سو اسان انسان، جن پنھنجو پاڻ کي ڪل جو ڌڻي سمجھي ورتو آھي، ان انسان کي اھو سمجھڻ جي سخت ضرورت آھي ته ھو ھن ڪائنات ۾ ٻين ڪروڙين وجودن مان رڳو ھڪ وجود ئي آھي ۽ ھن وجود فطرت سان ڪيل ورتاءَ جا مختلف دورن ۾ ليکا به ڏنا آھن.
    تاريخ جي ٽڙيل پکڙيل پنن کي ورائي ڏسجي ٿو ته ڪرونا وائرس ڪا پھرين وبا ناھي، جنھن انسانن کي خوف جي واديءَ ۾ ڌڪيو آھي، ھن کان اڳ به فطرت پنھنجو پاڻ سان ٿيندڙ زيادتين جو حساب ھڪ اھڙي ماءُ وانگر ورتو آھي، جيڪا ڪنھن ٻار جي کيچل تي سندس ڪن پٽيندي ۽ پيار واري ٿڦڙ ھڻندي آھي. 27 صدي قبل مسيح ۾ جڏھن نيل ندي لاڳيتو 7 ورهين لاءِ سڪي ھئي، تڏھن ڏڪار جي وبا آئي ھئي، پر انسانيت پوءِ به پنھنجي بقا قائم رکي، جڏھن 115ع تي قديم شھر انتيوخ ۾ زلزلي اک ڇنڀ ۾ پنج لک ماڻھن کي ڳڙڪائي ڇڏيو ته اسان انسانن اھو شھر 10 ورهين جي عرصي ۾ اڳ کان وڌيڪ خوبصورت ڪري جوڙي ورتو. اسان کي خبر ھجڻ گھرجي ته 365ع ۾ مصر جي شھر اسڪندريه کي جڏھن سامونڊي ٻوڏ ٻوڙي 50 ھزار کان مٿي ماڻھو ٻوڙي ڇڏيا، تڏھن به اسان انسانن زندگيءَ جي نئين شروعات ڪئي. 542ع ۾ جڏھن قستنطنيه جي پرھجوم بندرگاھ وسيلي پليگ جھڙو مرض ايشيا ۾ داخل ٿيو ۽ لاڳيتو 225 ورهين تائين انسانن کي ڳڙڪائيندي رھي ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا 5 ڪروڙ انسان زندگيءَ جي جنگ ھارائي ويٺا، پر ان وبا کي به 750ع ۾ انسانن ھٿان شڪست کائڻي پئي. 1346ع ۾ ڪاري موت نالي جيڪا وبا روس کان ٿيندي يورپ تائين پھتي ۽ اڍائي ڪروڙ انسانن کي پنھنجو کاڄ بڻايائين، پر يورپ ۽ روس اڄ به موجود آھن ۽ ڀلا جڏھن 1519ع ۾ ھرنا ڪورٽيز پنھنجي سامونڊي ٻيڙن وسيلي ميڪسيڪو جي بندرگاھن تي پاڻ سان گڏ ماتا جھڙي بيماري کڻي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ اتي جي صلوڪي ايزٽيڪ تھذيب سئو ورهين جي اندر تباھ ٿي وئي، ان ئي ماتا جي ڪري وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا جي 95 سيڪڙو آبادي موت جو شڪار ٿي وئي، پر پوءِ به انسان موجود رھيا. چين جي صوبي شانزن ۾ 1556ع ڌاري خوفناڪ زلزلي 8 لک 30 ھزار ماڻھو ماريا. 1755ع به تاريخ جو حصو آھي، جنھن ۾ پرتگال جي گاديءَ واري شھر لزبن ۾ زلزلو آيو ۽ ماڻھو جان بچائڻ لاءِ سمنڊ طرف ڊوڙيا ته اتان وري سامونڊي طوفان آيو، جنھن 30 ھزار ماڻھن کي پنھنجو کاڄ بڻايو. 1815ع ۾ انڊونيشيا جي جبل ٽمبورا مان انساني تاريخ جو وڏي ۾ وڏو ٻرندڙ جبل ڦاٽو ۽ 71 ھزار ماڻھو سڙي فوت ٿي ويا، انھيءَ جبل جي رک دنيا مٿان ايتري ته اونداھي ڪئي جو گرمي پد 0.4 ڊگري سيلسيس تائين ڪري پيو، جنھن جي نتيجي ۾ دنيا خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف وبائن کي ايندڙ ٽن ورهين تائين منھن ڏنو. 1837ع ۽ 1838ع ڌاري چوماسي برساتون پوڻ سبب ھندستان جي پنجاب ۽ راجسٿان ۾ تمام وڏو ڏڪار آيو، جنھن پاڻ سان گڏ ڪالرا جھڙي بيماري آندي ۽ 8 لک انسان حياتيون وڃائي ويٺا. جڏھن 1894ع ۾ ٽيون بيوبانڪ پليگ ڦھليو ۽ 20 ورهين تائين انسانن کي ڳڙڪائيندو رھيو، جنھن جو فائدو سامراجي تجارت ورتو ۽ ٻاڦ جي ٽيڪنالاجي اھميت حاصل ڪئي. پليگ اسان کان ڏيڍ ڪروڙ انسان کسيا، جن مان سڀ کان وڌيڪ ھندستانين ڀوڳيو. 1896ع کان 1898ع تائين آفريڪا جي چوپائي مال جو 95 سيڪڙو ھڪ موتمار وبا جي ور چڙھي مري ويو، فصل تباھ ٿي ويا، سخت ڏڪار اچي ويو، انسانن کي ايتري ته اذيت مان گذرڻو پيو جو اهي وڻن جي پهاڙن، پنن، جيتن ۽ مئل جانورن جي گوشت تي پنھنجي بقا جي جنگ وڙھندا رھيا ۽ 1918ع ۽ 1919ع ڌاري اسپينش فلو جي وبا به پنج ڪروڙ ماڻھن کي موت جي ننڊ سمھاريو ۽ اھو انگ پھرين عالمي جنگ ۾ مري ويل ماڻھن کان تمام گھڻو وڌيڪ ھو. پھرين عالمي جنگ ۾ ھڪ ڪروڙ 30 لک ماڻھو مارجي ويا ھئا.
    اھڙي طرح مٿين مک وبائن کانسواءِ مختلف عقيدن، علائقائي جنگين، قبيلائي جھيڙن سبب تاريخ جي سيني تي ڪيئي معصوم انسانن جا لاش ٽڙيا پکڙيا پيا آھن، پر اسان انسانن تاريخ جي طويل سفر وارن ھاڃن کي نه سمجھيو ۽ فطرت جھڙي عظيم ماءُ سان سنگين قسم جو مذاق ڪندا رھياسين، سرمائي جي لالچ ۽ انساني غلاميءَ جي شڪلين کي جنم ڏئي نه رڳو اسان فطرت کي ڪاوڙائيندا رھيا آھيون، پر جنگي جنون ۾ اسان ھٿيارن جي اھڙي مارڪيٽ کي جنم ڏنو جو بندوقن جا پيٽ ته ڀريل رھيا، پر انسانن جي مقدر ۾ بک، بدحالي ۽ غلاميءَ جا ڳٽ سندن مقدر بڻيا. مذھبن جو استعمال ٿيو، سياست کي ڪاروبار بڻايو ويو، خدمت ۽ انساني ڀلائي به مارڪيٽ بڻي، نتيجي ۾ سموري دنيا اندر نه رڳو وبائن پر بک ۽ بدحاليءَ جو راڄ رھيو ۽ ان بک وري ڪيترن ئي ٻين المين کي جنم ڏنو. سو ڪرونا وائرس ڪا پھرين وبا ناھي، جيڪا انسانن لاءِ موت بڻجي آئي آھي، ھي وبا به فطرت جو ھڪ اھڙو رد عمل آھي، جنھن ۾ انسانن سان ان ليکي چوکي جو سوال موجود آھي، جنھن ۾ ترقي ۽ سرمائي جي حصول لاءِ اسان فطرت جي ٻين لقائن سان وڙھڻ شروع ڪيو، اسان سمنڊن کي بدبودار بڻائڻ کان ويندي وڻن، جيتن جڻين، جانورن ۽ ترقيءَ جي نالي تي فطرت جي سيني ۾ اھي سڀئي سوراخ ڪيا، جن مان مسلسل رت وھندو رھيو ۽ نيٺ فطرت اسان انسانن کي پنھنجي حيثيت ياد ڏيارڻ لاءِ ڪيترن ئي موقعن ڏيڻ کانپوءِ ھاڻ ڪرونا جي شڪل ۾ ڪن مھٽ ڪرڻ شروع ڪئي آھي ۽ اسان جي ترقيءَ واري تڪبر جي آخري انتھا کي ڇھي رھيا ھئاسين، انھن کي فطرت اھو ٻڌائي رھي آھي ته اوھان ھڪ ٻئي سان گڏ رھڻ ته پري جي ڳالھ، پر ھٿ به ملائي نٿا سگھو، نه رڳو اھو پر ھن وبا ڌرتيءَ جي سيني تي ڪڍيل سڀن ليڪن جي حدبندين کي به رد ڪندي ھڪ اھڙو پيغام ڏنو آھي، جنھن پيغام ۾ برابريءَ کان ويندي ھر ان طبقاتي لقاءَ جو انڪار ٿيل آھي، جنھن جي ڪري ڪي انسان اھو نٿا ڄاڻن ته ھنن جي دولت ڪيتري آھي ته ٻئي طرف اربين انسان ٻن وقتن جي مانيءَ لاءِ پريشان آھن. سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا اسان ڪرونا جي وبا مان ڪو سبق حاصل ڪنداسين؟
    ان ڪري دنيا جي سڀني انسانن کي ھن وبا کانپوءِ ھڪ دفعو وري پنھنجو پاڻ تي غور ڪري فطرت جي برابريءَ وارن قانونن تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻو پوندو، ٻي صورت ۾ نه ته ڪو ميزائل، نه ائٽم بم، نه ڪو عقيدو ۽ نه ئي ڪا سپر طاقت ھن دنيا کي وبائن کان روڪي سگھندي ۽ اسان کي ياد رکڻ گھرجي ته ڪائنات انسانن کانسواءِ به قائم ۽ دائم رھي سگھي ٿي، پر انسان ڪائنات ۽ ڌرتيءَ جي گولي کانسواءِ قائم نٿا رھي سگھن، سو انسانن کي گھرجي ته پنھنجي سماج جي ھر صورت فطرت سان ھم آھنگ بڻائين، ٻي صورت ۾ ڪائنات ۽ ڌرتي ته ھوندا، پر انسان ٻين ڪيترين ئي مخلوقن وانگر ھميشه لاءِ فنا ٿي ويندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو