ڪورونا وائرس فطرت جو سنيھو آھي

'ڪهاڻيون' فورم ۾ غلام رسول چانڊيو طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2020۔

  1. غلام رسول چانڊيو

    غلام رسول چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 نومبر 2015
    تحريرون:
    71
    ورتل پسنديدگيون:
    60
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڌنڌو:
    نوڪري ۽ لکڻ پڙھڻ
    ماڳ:
    اصل سڪرنڊ، گذريل 30 سالن کان ڄامشورو ۾.
    ڪورونا وائرس فطرت جو سنيھو آھي.
    غلام چانڊيو
    اسان جي نه سمجھياسين ته پيار ۽ برابريءَ جو حسن ڇا آھي ۽ نه سمجھياسين ته محبت جي فلاسافي ڪھڙي آھي ۽ اھو به نه سمجھياسين ته زندگيءَ جو حُسن ته فطرت جي اھا شاعري آھي جنھن ۾ بحر وزن، ڪافيئي ۽ رديف کان سواءِ زندگيءَ جي سنگيت بي سُري ٿيندي آھي ۽ اسان ھزارين سالن کان رڳي بي سُري راڳ تي ڪنڌ ڌوڻيندا رھياسين ۽ ڳائيندا رھياسين ھڪ اھڙي سنگيت جنھن ۾ محبت جي سنگيت بجاءِ نفرت جا ڏوھيڙا ڏنل ھيا ۽ اسان ته اھو به نه سمجھي سگھياسين ته ھن لامحدود ڪائنات ۾ اسان جو وجود بس ھڪ معمولي لقاءَ کان سواءِ ڪجھ به ناھي، ڪائنات جنھن جون حدون اڃان تائين ڪا سائنس ڳولي نه سگھي آھي، ان ڪائنات ۾ اسان کي ته گيت آلاپڻ لاءِ موڪليو ويو ھيو ۽ بانسريءَ جي سُرن ۽ طبلي جي ٿاڦ تي رقص ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ھيو پر اسان ائين نه ڪيو، اسان گيت چيا پر انھن ۾ رڌم نه ھيو، اسان رقص ڪيو پر پنھنجن پيرن ۾ گھنگھرن بجاءِ سنگھرون ٻڌيوسين ۽ خلقياسين اھڙا قيد جن ۾ آزاد فطرت جي توحين ٿيل ھئي ۽ پوءِ توحين جي ھڪ اھڙي اڻ کٽ سفر تي نڪري پياسين جنھن ۾ طاقت جي حاصلات کان ويندي انسانن جي توحين اسان جو منشور بڻجي پيو ۽ ان منشور تي ھلندي اسان تھذيبن جي تن تي ھٿيارن جا انبار گڏ ڪيا، عقيدن جا محل اڏي انسانن کي انھن جو قيدي بڻايوسين، تلوارن جي چمڪاٽن سان ڪيئي سسيون ڌار ڪري ڦٿڪندڙ انساني وجودن تي بي ھودا ٽھڪ ڏناسين.
    طاقت ۽ حڪمرانيءَ جي نشي ۾ اسان فطرت سان ھڪ اھڙي ويڙھاند ڪئي جنھن ويڙھاند ۾ ڪروڙين انسانن جي وجود کي فنا ڪري پنھنجي حاڪميت کي قائم رکڻ لاءِ اھي سڀئي حدون ٽپي وياسين جيڪي فطرت کي پسند نه ھيون، اسان فطرت جي اکين ۾ ڪاٺيون ھڻي ان کي انڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اھو سڀ ڪجھ ڪيوسين جيڪو فطرت جو ويري ھيو. فطرت جيڪا ڪائنات جي ھر لقاءَ جي ماءُ آھي ان ماءُ جي ھنج ۾ سڪون واري ننڊ ڪرڻ بجاءِ اسان ان جي پيٽ ۾ ڇرا ھنيا ۽ سمجھي ويٺاسين ته ھن ڪائنات جي ھر لقاءَ جا اسان ئي وارث آھيون ۽ ان وارثي واري خواھش ۽ جستجو اسان کي المين جي ھڪ اڻ کٽ جھان ۾ وٺي وئي، انھن المين ۾ رڳي انسانن کي غلام بنائڻ نه ھيو پر فطرت جنھن اسان جي جياپي جا سڀ بندوبست ڪيا ھئا انھن جياپي جي سڀن وسيلن تي مختلف نظرين ۽ عقيدن وسيلي قبضا ڪري ھڪ اھڙي طبقاتي اڻ برابري واري سماج کي تخليق ڪيوسين جنھن ۾ ھڪڙا ماڻھو ايترو ته کائين پيا جو سندن پيٽ وڃي نڪ سان لڳا ۽ ھڪڙا انسان بکن تي پنھنجي پيٽ کي پُٺيءَ سان لڳائي جيئندا رھيا ۽ جي رھيا آھن، ڌرتيءَ جي ھر وسيلي تي قبضي ۽ ملڪيت جي تصور اسان جي فطرت ماءُ کي رنجايو ۽ ڪيئي دفعا فطرت مختلف شڪلين ۾ اسان کي سمجھايو، چتاءُ ڏنو ۽ سزائون به ڏنيو پر اسان نه سمجھياسين، نه سکياسين ۽ پنھنجي ماءُ کي سنگسار ڪندا رھياسين ۽ ڪندا رھون ٿا نتيجي ۾ اڄ اسان جنھن خود ساخته قيد جو شڪار بڻيا آھيون اھو قيد اسان جي سموري بي رحم تاريخ لاءِ ھڪ وڏو سبق بڻجي آيو آھي.
    انساني تاريخ ۾ ڪيئي وبائون آيون آھن جن ڪروڙين انسانن کي موت جي ننڊ سمھاريو آھي، پر پوءِ به اسان فطرت جي زبان کي سمجھڻ بجاءِ طاقت جي نشي ۾ پھرين ۽ ٻي عالمي جنگين ۾ ڪروڙين انسانن جي قتل جا ڏوھ کڻي جي رھيا آھيون، مذھبي، نسلي ۽ علائقائي جنگين ۾ جيڪي قھر ٿيا اھي وري ھڪ الڳ داستان گھرن ٿا پر اڄ جڏھن اسان ڪورونا جي ڪري خود ساخته قيدي بڻيا آھيون ته اھي ائٽم بم، ميزائيل ۽ ھٿيار توڙي ماڻھن جي نپوڙيل رت مان ٺاھيل سرمايو اسان جي ڪھڙي ڪم جو رھيو آھي، فطرت جي ان کان وڌيڪ ٻي ڪھڙي سزا ٿي سگھي ٿي جو جنھن محبتن لاءِ تاريخ وڏا شاعر پيدا ڪيا اھي محبتون به اسان لاءِ خوف بڻجي چڪيون آھن، رشتا ھڪ ٻئي کان ڊڄي رھيا آھن، ماڻھو ھڪ ٻئي کان پري ڊوڙي رھيا آھن، ھڪ ئي گھر ۾ ھڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري تائين ويندي ھيانءُ ڏڪي رھيو آھي، شاعريون ۽ رقص پنھنجي معني وڃائي چڪا آھن، محبتون اوپريون بڻجي پيون آھن ۽ اھو سڀ ڪجھ ڊھي چڪو آھي جنھن جي نشي ۾ اسان انفرادي توڙي اجتماعي طور ھڪ ٻئي کي نيچ ۽ ننڍو ڏيکارڻ جي بي ھودا ڪوشش ۾ جيئندا رھيا آھيون.
    تنھنڪري جيڪڏھن اسان حسن جي عبادت ڪرڻ چاھيون ٿا، محبتن جو معراج ماڻڻ چاھيون ٿا ۽ نفرتن کي ھميشھ لاءِ فنا ڪري برابري ۽ وقار سان جيئڻ چاھيون ٿا ته پوءِ فطرت جھڙي محبوب ماءُ کان معافي وٺي ساڻس ھڪ اھڙو وچن ڪريون جنھن ۾ پيار اسان جي جياپي جو پھريون مقصد، برابري اسان جو اصول، عزت اسان جو منشور ۽ ھر جيوت جو احترام ۽ تحفظ اسان جي ذميوارين ۾ ھجي ۽ اَڏيون ھڪ اھڙو سماج جنھن ۾ ڪو ڪنھن کان ننڍو وڏو نه ھجي، ڪير ڪنھن جو آقا ۽ غلام نه ھجي، ڪوئي ڪنھن سان نفرت نه ڪري، سڀ ڪجھ، سڀن جو گڏيل ورثو ھجي. اسان کي ھن وبا کان پوءِ اھو سمجھڻ گھرجي ته مادي ترقيءَ جو ڪھڙو به عروج فطرت کان طاقتور ناھي ۽ اسان کي اھو به سمجھڻو پوندو ته اسان فطرت جا وارث نه پر ان جي ھزارين لقائن مان صرف ھڪڙو لقاءُ آھيون، رڳي اھو نه پر ڌرتيءَ جي ھن گولي تي ٻيا جملي وجود به ايترو ئي حق رکن ٿا جيترو اسان انسان حق رکون ٿا تنھنڪري ڌرتيءَ جي ھن گولي تي ٻين مڙني موجوداتن جو تحفظ ۽ احترام ئي اسان کي جياپي جي طاقت بخشيندو. اسان کي سمجھڻو پوندو ته ھي ڪورونا وائرس جنھن دنيا جي شڪل تبديل ڪري ڇڏي آھي اھو دراصل فطرت جو ھڪ اھڙو سنيھو آھي جنھن ۾ اسان کي فطرت اھو سمجھائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي ته انسانن جي وجود کان سواءِ به ھيءَ ڌرتي قائم ھوندي پر ٻين ڪيترن وجودن کان سواءَ ھي ڌرتي قائم رھي نه سگھندي تنھنڪري بھرحال اسان کي اھو سمجھڻو ۽ قبول ڪرڻو پوندو ته اسان ھن ڪائنات ۽ ڌرتيءَ جي گولي تي مشروط آھيون نه ڪي آزاد ۽ جي آزاد آھيون به ته اھا آزادي ٻين وجودن سان مشروط آھي.
    جيڪڏھن اسان موجوده وبا کان پوءِ پيدا ٿيل سموري دنيا جي ڪيفيت کي سمجھي ھڪ نئين دنيا اڏڻ جو يقيني ارادو ڪريون ته ڪورونا وائرس به ائين ختم ٿي ويندو جينئن اڳ ۾ وبائن مان انسان نجات حاصل ڪندو رھيو آھي.
     
    دين محمد لاکو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو