بدر انصاري جي شعري مجموعي "گل بنا گلدان" جو جائزو.

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    192
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    بدر انصاري جي شعري مجموعي "گل بنا گلدان" جو جائزو.....!
    فقير محمد سنڌي
    هَنج مڙو ئي هَنج، ميرو منجھن ناھِ ڪو،
    جتي رهن سنجھ، سو سَرُ ڪن سرهو.
    ( شاھ ڪريم )
    جي ايم سيد چواڻي ته : "محبت ماڻهن ۾ اتحاد آڻي ٿي، اتحاد امن جو خيمو آهي، امن انسان ذات جي ترقي لاءِ مددگار ۽ معاون آهي. مذهب، ملڪ، قوم يا نظرين جي نالي ۾ نفرت پيدا ڪندڙ ٻيائي ڪن ٿا."
    شاعر جذبن کي پنهنجي لفظي سينگار سان حسن بخشي ٿو، جنھن ڪري ٻوليءَ ۽ ذهنن ۾ سگھ پيدا ٿئي ٿي، اهڙو ئي ڪومل نانءُ بدر انصاريءَ جو آهي. جنهن گل جون پتڙيون ميڙي به ائين چوي ٿو" گل بنا گلدان" واقعي گلدان جي سونهن گل ئي هوندا آهن. انهن گلن جو واس غزل، وايون نظم ۽ نثري نظم ۾ شامل آهن، شاعر پنهنجي جذبن کي پهرين گنگنائي ٿو، پوءِ لکي ٿو ۽ عروض جو ماپو به ذهين ڪري پوءِ ئي تخليقڪار پنهنجي تخليق مشاعرن، محفلن ۽ ڪتابن جي سفر تاريخي طور تي محفوظ ڪري ٿو. بدر انصاريءَ جو هيءُ شعر حقيقت آهي ئي آهي پر دل جون اکيون ياد کي سڪون آڇين ٿيون.
    ويندين هليو اوچتو، هڪڙو پل مھمان،
    گل بنا گلدان ،خوشبو رهندي ڪين ڪا.
    شيخ نديم، بدر انصاري شاعريءَ کي ويجهڙائي کان پرکيو آهي، لکي ٿو ته : بدر انصاري جي شاعريءَ ۾ زندگي ۽ سماج جو عڪس سوايو ۽ نمايان نظر اچي ٿو. بدر انصاري جي غزل جا ٻه بيت ته :
    خدا يا! اسان کي سهارن جي ڳولا،
    ڦٽو چين آهي قرارن ڳولا.
    ***
    ڪڏهن پياس پوري ٿي زيارت مالڪ،
    هوندي خواب ۾ ڀي آ پيارن جي ڳولا.
    سمبارا پبليڪيشن جي سرواڻ ساجد سنڌي اداري پاران ۾ لکي ٿو ته : بدر انصاري پنهنجي سڀاءَ جيان لفظن جي مالها کي به اهڙي طرح پوئي اسان آڏو آندو آهي جو ساڻس بي تحاشا پيار جون ريکائون اڀري اچن ٿيون.
    نچي ٿي سونھن آڱر تي،
    لھي ٿي ڏات ڪاڳر تي.
    ڪتاب جو مهاڳ ناليواري شاعر ۽ليکڪ معشوق ڌاريجي لکيو آهي، لکي ٿو ته : "شاعري منهنجي ننڍپڻ جي ساٿياڻي آهي. آءُ ساڻس گڏ جي کلندو ۽ روئندو رهيو آهيان. اُها ئي منهنجي ڏکن جو درمان آهي. شاعري مونکي ماءُ جي پيار ۽ دعائن وانگر مهربان لڳندي آهي "
    بدر انصاريءَ وٽ شاعريءَ جو اتساهه هن ريت آهي.
    ڪيڏا مضبوط ها حوصلا دلربا،
    وقت ڄڻ آهي واري اڏاڻيءَ تي.
    ***
    ڪنهن اڌاريون ڏئي کسيون مرڪون،
    دَرِدُ همراز نيٺ بند ٿيندو.
    ڪتاب ۾ بدر انصاريءَ مختصر تصويري البم ڏنو آهي، ويتر ياد کي يادگيريءَ ۾ تبديل ڪيو آهي.
    سونهن سڳند جو شاعر ۾، علي ضمير سنڌي لکي ٿو ته :" ادبي کيتر ۾ جن جن شاعرن شاعريءَ جا شگفتا گل ڦل ارپيا آهن انهن ۾ اسان جو سيهوڳي سادو سيبتو ۽ سڪ پريت جا سواس ارپيندڙ بدر انصاري به آهي"
    انساني وجود جي پرک رکي، پنهنجي ڏات منجھان بدر انصاري هيءُ خاڪو شاعريءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي.
    جڳ ڇڏي وڃبو هتان سڀ هتي مهمان هون،
    دوست جي ٿو سچ پڇين گل بنا گلدان هون.
    **
    ڇانوَ نم جي ۽ ڪلھو تنھنجو صنم هو،
    آ مليو اهڙو ڪٿي آرام ٻيھر.
    **
    راھ منزل جي ويا هوُن ڀُلي،
    دڳ وڃايل ٿو ڳوليان پرين.
    بدر انصاريءَ جي شاعري تي ڊاڪٽر علي نواز عزيز راڄپر لکيو آهي ته :" گل بنا گلدان ۾ بدر انصاري پنهنجن خيالن سان حقيقت نگاري ڏانهن زبردست وِکَ کنئين آهي". ان لاءِ مون بدر انصاريءَ جي غزلن جا مٿي بيت حوالي طور پيش به ان ڪري ڪيا آهن.
    علي صفدر لکي ٿو ته :" الھامي شاعر وٽ مواد جو ذخيرو موجود هوندو آهي... هُو ڪُقُ کان ڪنفيڪون تائين اڏام ڪندو هن جي تخليق مفھوم جي موتين ۾ پويل ۽ سمويل ۽ سمنڊ جي گهرائي رکندڙ هوندي آهي."
    ڏسو بدر انصاريءَ جي هيءَ وائي!
    منزل جنھن ماڻي نه آ،
    جوڳي ڏس طوفان ۾،
    ڪِٿِ اڏن ديرا.
    منزل جنهن ماڻي نه آ.
    من جي اجڙيل ٿاڪ تان،
    اڏرن ٿا ڳيرا.
    منزل جنهن ماڻي نه آ.
    عشق جي منزل کان پري،
    پير منھنجا ميرا.
    منزل جنهن ماڻي نه آ.
    ٿڪجي پيا آهيون بدر،
    غم ڪيا گهيرا.
    منزل جنهن ماڻي نه آ.
    منير مصور ٻگهيو لکي ٿو ته : سائين بدر انصاريءَ جو ڳاڻيٽو فني فڪري لحاظ کان برجستن شاعرن ۾ شامل آهي. اشفاق چانڊيي" ڪوتا ڪلا تي اجري راءِ قائم ڪئي آهي "
    ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ايوب کوسو لکي ٿو ته : بدر جي شاعريءَ آرسي به لڳي ٿي جنهن ۾ نظر ايندڙ عڪس ڏاڍا پيارا آهن.
    بيڪ ٽائيٽل تي رضوان گل لکي ٿو ته : "شاعري احساسن کي حساس جي حسين اظهار جو نالو آهي. شاعر سماج جا انتھائي حساس فرد هوندا آهن. جيڪي نه رڳو پنھنجن داخلي احساسن کي آرٽسٽڪ انداز ۾ بيان ڪرڻ جو هنر رکندا آهن".
    بدر انصاري جا نظم ۽ نثري نظم ڏاڍا خوبصورت انداز سان سرجيل آهن. انهن مان هڪ نثري نظم "دلاسو " پڙهندڙن جي نظر ته :
    سدا غمگیني،
    جي وَر چڙيل،
    خوشين مان،
    ڪنهن اميد،
    اچي دلاسو ڏنو .
    ته هاڻي سُست ئي
    سوجھرو ٿيندو
    تون دل نه لاھ....!!

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو