وري يادگيرين ورايو اسان کي…(ڪئمپس ڊائري) حصو نائون

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2020۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    145
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    مون کيس پنهنجي دل جي ڳالھ ڪجھ هن ريت اوري هئي، ” منهجي سنڌ جهڙي معصوم دل جي سر زمين تي تنهجون يادون ڪڏهن ارغونن ۽ وري ڪڏهن تُرخانن وانگر حملا ڪندا رهن ٿا مگر آئون انهن آڏو ائين بيوس بڻيو ويٺو آهيان جهڙي نموني هاڻ اسان جي قوم وڏيرن ۽ ڀوتارن آڏو بيوس بڻيل آهي، پنهنجي بيوسي کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو مثال موجود ناهي، تون جيڪا واچ مونکي منهجي سالگره تي تحفي طور ڏني هئي مزي جي ڳالھ تہ اُها واچ ڪڏوهوڪي خراب ٿي وئي آهي، شايد ان ڪري خراب ٿي آهي جو مان جڏهن توسان گڏ هوندو هيم تہ مونکي وقت گذرڻ جو ذري برابر بہ احساس ڪو نہ ٿيندو هيو ۽ ڏينهن تمام مختصر لڳندا هيا منهجي واچ شايد اُن بي رحم رويي جو هاڻ مونکان بدلو پئي وٺي ۽ ٽائيم ٻڌائڻ کان ٺپ جواب ڏئي وئي آهي جڏهن تہ هاڻ مونکي ٽائيم جي گذرڻ جو شدت سان احساس ٿيڻ لڳو آهي.

    تو هڪ دفعي مون کي چيو هو تہ تون مذهب کان باغي آهي ۽ نماز بہ نہ ٿو پڙهين ۽ روزا بہ نہ ٿو رکين، مذهب کان صفا پري آهي ۽ مذاقن مذاقن ۾ چيو هيئي تہ ڪٿي ڪافر آهي ڇا؟ توکي شايد انهن معملات جي خبر ئي نہ رهي جن مون کي مذهب کان باغي بڻايو نہ وري تو مون کان ڪڏهن ان بابت تفصيل ورتي ۽ نہ مون وري ٻڌائڻ مناسب سمجهيو تنهجي سامهون ايندي ئي اڪثر منهجي چَپن تي چُپ جي ڇاپ لڳي ويندي هئي ۽ تون خفا ٿي چوندي هئي تہ ڳالهائي ڇو نہ ٿو گونگو آهي ڇا؟ الائي ڇو تڏهن لفظ گونگو ٻڌڻ ۾ سُٺو ۽ پيارو لڳندو هو، توسان گڏ هجڻ وقت اکيون بس ڄڻ منهجي وس ۾ نہ رهنديون هيون ۽ نظرون بار بار تنهجي لب تي واقع ڪاري تر ڏانهن پاڻهي ڄاڻ کڄي وينديون هيون دل ۾ حسرتن جا گل ڦٽي پوندا هيا.

    ڀلا اهڙي ٻُڏتر واري ماحول ۾ زبان مان لفظ ڪئين رليز ٿين ها، جڏهن بہ ڪٻٽ مان ڪو ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڪڍڻ ويندو آهيان تہ ڪٻٽ ۾ هر دفعي هڪ قسم جي تازي سُرهاڻ محسوس ڪندو آهيان، هان پرين سُرهاڻ، ان گل جي سُرهاڻ جيڪا پنهجي پيار جي پهرين نشاني آهي، اهو گل جنهن ۾ منهجو دل قيد ٿيل آهي، حالانڪ گهڻو وقت گذرڻ جي ڪري اُهو گل بلڪل ڪومائجي ويو آهي مگر مونکي اڄ بہ اُن گل مان اُها پهرين ڏينهن واري خوشبو محسوس ٿيندي آهي جيڪا شايد ڪنهن سالم دماغ رکندڙ شخص کي محسوس نہ ٿي.

    مون وٽ پيار جي اڃا ساڳي قدر ۽ قيمت آهي، منهجيون اکيون اڄ بہ تنهجي اُوسيئڙي ۾ آهن، پرين! محبتون بہ عجيب ڪمال فن رکن ٿيون ماڻهو چوندا آهن تہ محبت ماري يا خاري، ليڪن آئون چوندو آهيان محبت اسان جي شخصيت کي سنواري ٿي ڇو تہ ڪنهن سان محبت جي پيچ جي اڙجڻ کان پوء هر پل هر گهڙي ان فڪر ۾ گذرندو آهي تہ آئون ڪئين ٿو لڳا ۽ مون کي ڪئين لڳڻ گهرجي، ڪهڙي قسم جي ڊريسنگ ڪرڻ گهرجي، ماڻهون اهڙن فڪرن ۾ هميشه مبتلا ٿو رهي، ڀلا محبت کان وڌ دنيا ۾ ٻي ڪهڙي جادوگري ٿي سگهي ٿي محبتن جا ڪڪر هر دل مٿان ڇاورا ٿيندا آهن ڪي دليون هنن ڪڪرن جي آب سان سيراب ٿينديون آهن تہ وري ڪي دليون ڪڪرن مجھ هوندي بہ هميشه اُڃايل رهنديون آهن.

    مون ڪڏهن بہ پنهجي محبت جي عيوض توکان موٽ ۾ محبت جي گُهر ناهي ڪئي، مون توسان محبت ڪئي آهي ۽ شايد هاڻ عشق ڪرڻ لڳو آهيان، اهو لازم تہ ناهي جو جنهن سان محبت ڪئي وڃي ان کان موٽ ۾ اوتري ئي محبت ملڻ جي توقع ڪئي وڃي، مان تہ توکان نفرتن جو بہ طلبگار هيم ڇو تہ جڏهن محبت هجرن جا سفر طئي ڪري عشق جي منزل تي پهچندي آهي تہ اُنهن مستانن لاء محبوبن طرفان مليل محبتن ۽ نفرتن جون سئوڳاتون ساڳي معني رکن ٿيون، بس هاڻ ان فڪر ۾ آهيان تہ تو بن هي عيد ڪئين گذارجي؟

    اهڙي ريت پرين بنا عيد بہ گذري وئي، عيد جي ڏينهن وري اتفاقن ڀٽائي صاحب جي درگاه تي وڃڻ ٿيو، اُتان جي ماحول کي ڏسنديِ هن معاشري جي مڙني فردن سان مخاطب ٿيندي کين ڪجھ ريت لکيم: ” خيرن سان عيد بہ گذري وئي، ڪن ماڻهن جي عيد سکن ۾ گذري تہ وري ڪن جي ڏکن ۾، برحال گذرڻي هئي سان گذري وئي، هن عيد توڙي هرعيد تي جيڪا ڳالھ دل کي صدمو پهچائي ٿي دل ٿي چئي تہ اهو احوال اوهان مهربانن سان اورجي، ٿي سگهي ٿو متان اها ڳالھ اوهان جي دل جي بہ ڳالھ هجي، توهان ڏٺو هوندو تہ عيد جي ڏهاڙن ۾ اڪثر تاريخي ماڳن جهڙوڪ موهن جو دڙو، ڪوٽڏجي جي قلعي ۽ ٻين تاريخي ورثن جي بي دردي سان لتاڙ ڪئي وڃي ٿي ۽ ان بي حسي ۽ لتاڙ کي انجواءِ جو نالو ڏنو وڃي ٿو، توهان ڏٺو هوندو تہ انهن ڏينهن ۾ تاريخي ماڳن گهمڻ لا۽ اڪثر نوجوان ڇوڪرن ۽ نوجوان ڇوڪرين جي گهڻائي نظر اچي ٿي ۽ اڪثر وري اُھي جيڪي پنهجي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن جي تاريخ کان بنھ اڻواقف آهن.

    اسان مان گهڻائي ان رش ۽ پرائين نياڻين کي تڪڻ لا۽ انهن ماڳن جو رخ ڪري ٿي، هي هڪ اهڙو سچ آهي جنهن کان مان پاڻ بہ انڪار نہ ٿو ڪري سگهان، مون اها ڳالھ پنهجي وسيع تحقيق ۽ کوجنا وسيلي معلوم ڪئي آهي، عيد جي پرمسرت موقعي تي تاريخي ماڳن جي لتاڙ ڄڻڪ اسان وٽ رسم بڻجي وئي آهي ۽ هر ماڻهو ان رسم کي وڏي ايمانداري سان نڀائي ٿو، تاريخي ماڳن توڙي بزرگن جي درگاهن تي جيڪو ماحول پيدا ڪيو ويو آهي اهو انتهائي اڻوڻندڙ ۽ ناساز آهي يقينن هاڻ اهڙي ماحول کي تبديل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي اگر اسان جا لفظ وقت جي وهڪرن ۾ دٻيل رهيا تہ پو۽ اسان بہ ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي ڪري ڪنهن نئين موهن جي دڙي جو حصو ٿي وينداسين، اسان جا رسم اسان کي اونداهي طرف گهلي رهيا آهن.

    هلندڙ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو