محمد فقير ڪيريو : هڪ صدي 30 سالن جي تاريخ جو وڇوڙو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,844
    ورتل پسنديدگيون:
    27,208
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    (ڪي ڪي انسان ڪل جڳ ۾ ڪاپڙي)

    هڪ صدي 30 سال جي تاريخ اڄ دفن ٿي وئي.
    محمد فقير ڪيريو.!!!


    ليکڪ: نظام الدين ڪاڪا

    محمد فقير ڪيريو جيڪو سنڌ جي تهذيب، تمدن. سونهن، سوڀيا جو مست عاشق هو. سنڌ تي قربان ٿيندڙ هن تاريخ جي طالب سالن جا سال ڏکن توڙي سکن ۾ نيڻن جي ننڊ فٽائي مال بہ چاريا، مزدوريون بہ ڪيون ۽ تاريخ جي لاهن چاڙهن، زوال ۽ عروج جو گهرائيء سان اکين ڏٺو مشاهدو بہ ڪيو ۽ سنڌ جا ماڳ مڪان، دڙا، ڀڙا واهڻ ۽ وستيون سنڌو درياء بادشاه جي ورن وڪڙن ۽ واهڙن کي ڏوري بہ ڏٺائين ڪيترا ڪشالا ڪڍي سنڌ جي تهذيب جا اهڃاڻ اکين سان ڏسي هو سنڌ جي ريتن، رسمن، ٻنين ٻارن، جل ٿل برساتن، ساون گاهن، ميلن ۽ ملاکڙن، هندن جي هولين ۽ ڏيارين جو ذڪر سنڌ جي تهذيب جو اهڃاڻ بڻجي هو اڻمٽ ۽ اڻميو صدين جي سوچ رکندڙ موهين جي دڙي جو ملوڪ ماڻهو نظر ايندو هو. هو سنڌ تي ڌارين جي لوڌين ۽ للڪارن، سنڌ ڏانهن مسلسل لڏ پلاڻ ڪري ايندڙ ڌارين ماڻهن جون سنڌي قوم سان ڪيل بي واجبيون ۽ ڌرتيء سان ڪندڙ غدارين جو ذڪر قصاگو ٿي برزبان ياد پيو ٻڌائيندو هو. سدائين ويڙهيجن جي وارثي ۽ لوڪ ادب جي باري ۾ ڳجهارتون، غزل، گيت سنڌ جي عظمت شان ۽ شوڪت جو قوي قائل انسان هو.
    هو رڳو مهري اٺن هڪلڻ جو ماهر نہ هو پر هو سنڌ جو مشهور گهوڙي سوار بہ هو. هن ڀڳت ڪنور رام سان ڪيترائي ڀيرا ڪچهريون ڪيون. ڀڳت ڪنور رام جو ان وقت جو ويجهو دوست ۽ ناليوارو شاعر راضي فقير لاشاريء جي شاعري ڳائي ڀاڻوٺ ڳوٺ جي ڏکڻ اوله طرف ٻنڌ شهر جيڪو هن وقت ويران آهي ۾ موسيقيء جون محفلون مچائي صوفي راڳ ٻڌي شاعريء جو سواد ۽ موسيقيء جو مزو وٺڻ هنن جي دوستيء جو هڪ گڏيل سنگم هو. محمد فقير ڪيريو 1898ع 1319هہ ۾ ڳوٺ محمد حسن ڪيريو هالا نوان ۾ جنم ورتو ۽ سندس عمر اڄوڪي ڏينهن تائين 130 سال هئي. هن ڪڏهن بہ چشمو استعمال نہ ڪيو 130 سال عمر ۾ بہ قرآن شريف جو دور چشمي جي سواء ڪندو هو. سندس نظر آخر تائين ننڍا اکر بہ پڙهي ويندي هئي. هن کان جڏهن سندس صحت جو راز پڇيو ويندو هو تہ هو چوندو هو تہ مون ڪڏهن بہ چانه استعمال نہ ڪئي. انگريزن جي دور ۾ بہ کير، لسي، مکڻ ۽ سچو گيه استعمال ڪندا هئاسين ڇاڪاڻ تہ هو ڪچي جي ڪناري تي ويٺل مالوند ڀاڳيو هو. هو چوندو هو تہ مون زندگيء ۾ ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ ڳالهايو آهي. سنڌو درياء جي ڪپ تي سندس ڳوٺ هجڻ جي ڪري 1991ع ۾ هن کي ڌاڙيل اغوا بہ ڪري ويا ۽ هو 4 مهينا ڌاڙيلن جو مهمان بہ رهيو ۽ هن ٻڌايو تہ ڌاڙيلن وٽ قيد هوندي آئون 5 وقت نماز پڙهندو هوس ۽ انهن کي مون اسلامي تبليغ ڪري نمازي بہ بنائي ڇڏيو. هو ٻڌائيندو هو تہ جڏهن روڊ رستا نہ هئا ۽ سواريء جو اٺن ۽ گهوڙن جي سوا ڪو جوڳو بندوبست نہ هوندو هو تہ آئون هالا کان اٺ تي سواري کڻي ٽنڊوآدم ريلوي اسٽيشن تائين ويندو هوس ۽ مون کي ان سفر جو ڪرايو هڪ ماڻهو صرف هڪ روپيو ڏيندو هو. ان وقت سستائيء جو زمانو هو ۽ هڪ روپيہ مليل ڀاڙي مان 10 ڪلو سڳداسي چانور وٺي واپس ورندو هوس. ان دور ۾ هڪ روپئي ۾ هڪ سير ڳائو گيه ۽ اٺ آني ۾ هڪ سير کنڊ ملندي هئي. چاچي فقير محمد ٻڌايو تہ قبلہ سائين مخدوم طالب الموليٰ جو جنم ٿيو هو تہ منهنجي عمر ان وقت بہ 20 سال هئي ۽ قبلہ مخدوم طالب الموليٰ جي جنم جي خوشيء ۾ ورهايل مٺائي مون بہ کاڌي هئي. قبلہ سائين طالب الموليٰ جوانيء ۾ جڏهن شڪار تي ويندا هئا تہ هالا جي چيڪي مٽيء مان ٺهيل ٺڪر جو ٿڌو مٽ پاڻيء جو ڀري مٿي تي کڻي ساڻن شڪار تي حاضريء ۾ هوندو هوس. سکر بئراج ٺهڻ وقت جڏهن روهڙي ڪئنال انگريزن جي طرفان ٺاهيو ويو تہ مون چار آنا ڏهاڙيء تي مذدوري بہ ڪئي. تڏهن سندس عمر هو ٻڌائي ٿو تہ لڳ ڀڳ 35 سال هئي. هو چوندو هو ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کان اڳ ۾ ڪڻڪ جو فصل نہ پوکي سگهندا هئاسين ۽ سڄو سال هڪ فصل ٿيندو هو جنهن ۾ جوئر، ٻاجهري ۽ ڳاهڙي جوئر جي ماني کائيندا هئاسين پر جي ڪڻڪ ملي وئي تہ سمجهيو اهو اسان لاء ميوات (فروٽ) مثل هوندي هئي. هندو ۽ مسلمان گڏ رهندا هئاسين. اسان جون پاڻ ۾ وڏيون محبتون، ڪچهريون، راوڻا روزانو هوندا هئا. نہ حسد نہ ساڙ نہ بغض نہ ڪينو نہ وير نہ پلاند رڳو پهنجائپ ۽ پيار هوندو هو. ڏاڍيون برڪتون هونديون هيون. ٿوري تي بہ راضي هوندا هئاسين. اسان جي دور ۾ هڪ همراه چوري ڪئي تہ 5 ڪلو ڦٽين جي چوريء ۾ انگريزن ان کي 5 سال ٽيپ ڏئي ڇڏي. هر سهائي سومر تي مانجهند شهر کان درياء ۾ ٻيڙين ۾ مال وجهي ماڻهو هالا جي پڙيء ۾ واپار سانگي ايندا هئا(ياد رهي تہ اها سهائي سومار واري پڙي اڄ ڏينهن تائين هالا ۾ لڳندي رهي ٿي جتي 8 ڏينهن اٺن جو واپار هلندو آهي اڄ بہ ايشيا کنڊ ماڻهو هالا مان اٺ وٺي مختلف ملڪن ۾ وڃي واپار ڪندا آهن) تڏهن ٻيڙيون ايس ڊي ايم هالا جي آفيس تائين هلنديون هنيون. هن ٻڌايو ڀڳت ڪنور رام رڳو صوفي راڳ نہ ڳائيندو هو پر هن کي قرآن شريف جو ورد ڪندي مون پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو. حيدرآباد کان هالا تائين نيشنل هاء وي روڊ جڏهن ٺهيو تڏهن پهرين گاڏي (بس) هالا جي مشهور شخصيت محمد عثمان ميمڻ هلائي هئي جيڪو ان دور ۾ وڏو گبر (شاهوڪار) هوندو هو ۽ هالا کان حيدرآباد تائين بس جو ڪرايو اٺ آنا هوندو هو ۽ مون کي ٻڌايائين تہ (تنهنجي ڏاڏي ۽ تڙ ڏاڏي بہ انهيء بس ۾ ڏاڏي لکمير ڪاڪا ۽ ان جي پٽ الهبچايو ڪاڪا بہ مون سان گڏ سفر ڪيو جڏهن تنهنجي والد صاحب مولانا خير محمد ڪاڪا ۽ وڏي ڀاء امام الدين ڪاڪا سان بہ مون مخدوم هائوس ۾ خوب ڪچهريون ڪيون) .
    محمد فقير ڪيريو ڏيڍ صديء جي رڳو تاريخ نہ پر انسائڪلو پيڊيا هو. اڄ 4 مئي 2020ع تي جڏهن هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ۽ دائمي دنيا ڏانهن روانو ٿيو آهي تہ هن سان گڏ هالا جي ڏيڍ صديء جي تاريخ ڄڻ دفن ٿي وئي. الله پاڪ کيس جنت الفردوس ۾ جاء ڏئي.آمين

    ويو چارو گهڙي سرمد، ڪڍڻ ريء ڪاڻ ٻئي ڪنهن جي،
    انهن ئي مست ماڻهن ها، سجايا عشق اوتارا،
    اڃا ڍولڪ مٿي هٿڙا، هنيا عارب مس ئي،
    تہ واڪا واء مان اڀريا، وڃو گڏجي بره وارا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو