ناول "سندرتا ۽ ڪروڌ" جو تنقيدي جائزو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2020۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ناول "سندرتا ۽ ڪروڌ" جو تنقيدي جائزو

    اڪبر لغاري

    نور جوڻيجي جو هي ٻيو ناول آهي، اسلوب، ٻولي ۽ ڪردارنگاري جي حوالي سان پهرئين ناول سان تمام گھڻي مشابهت رکي ٿو.
    هن ناول جي ڪهاڻي هڪ افساني جيتري ئي آهي مس. سنڌياچ ۽ ميرا، حيدرآباد ۾ هڪ اين جي او ۾ گڏ ڪم ٿا. ميرا عمر توڙي عهدي ۾ سنڌياچ کان ڪجه سينئر آهي. ٻنهي جي ذاتي زندگي هڪ ڪوهيڙي ۾ ويڙهيل آهي. ٻيئي سٺا دوست ۽ هڪٻئي کي پسند ڪندڙ آهن، ڪچهريون ڪن ٿا، هوٽلنگ ڪن ٿا ۽ گڏجي سگريٽ پيئن ٿا. ٻنهي کي هڪٻئي جي زندگي جي ڪا ڄاڻ ڪونهي پر ٻيئي حقيقت ۾ ڏاڍا اداس ۽ اندروني طور ٽٽل لڳن ٿا. هڪ ڏينهن ميرا کيس ميرپورخاص پهچڻ جو چوي ٿي ۽ پاڻ سنڌياچ کان پهرين ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تي پهچي وڃي ٿي جتي هو پنهنجي ماضي تان پردو کڻي ٿي. خبر ٿي پوي ته ميرا جو تعلق ٿر جي سوڍن راجپوتن سان هو جيڪي پنهنجين ڇوڪرين جون شاديون بارڊر جي هن پار ڪرائيندا آهن. چوڏهن سالن جي عمر ۾ کيس ۽ ٻين ڇوڪرين کي، ڀارت مان آيل ڪجه ماڻهو زبردستي گهليندا، ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن تان ٽرين ۾ چاڙهي، کوکراپار جي ذريعي راجسٿان پهچائين ٿا. اتان ميرا جو مڱيندو کيس پنهنجي ڳوٺ بدران، جوڌپور ويجهوهڪ ڳوٺ بشنوئي وٺي وڃي ٿو جتي محفل سجيل آهي ۽ رقاصائون گھومر رقص ٿيون ڪن. ميرا جو مڱيندو آفيم کائي بي سڌ سمهي ٿو رهي ۽ رقاصائون، ميرا کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃن ٿيون ۽ کيس رقص سيکارين ٿيون. ميرا رقص ۾ ماهر ٿي وڃي ٿي ۽ سڄي راجسٿان ۾ پنهنجي رقص ۽ حسن سبب مشهور ٿي وڃي ٿي. رقاصائن جو سربراه، ميرا کي ڪلڪتي جي بازار حسن ۾ وڪڻي اچي ٿو جتي هو تيرهن سال رهي ٿي. اين جي او ۾ ڪم ڪندڙ هڪ ماڻهو ميرا تي موهت ٿي پوي ٿو ۽ کيس اتان خريد ڪري پاڪستان وٺي اچي ٿو. جتان پوءِ ميرا، اين جي او جي جهان ۾ داخل ٿي فليٽ ۽ ڪار جي مالڪياڻي به ٿي وڃي ٿي جتي سنڌياچ به ڪم ڪري ٿو.
    هي ناول بنيادي طور تي عورت متعلق آهي جيڪا معاشرتي نظام ۽ ثقافتي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي. فاضل مصنف، عورت جي حق ۾ سٺي گفتگو ڪئي آهي. ڪنهن حد تائين هن ناول کي فيمينسٽ ناول به چئي سگھجي ٿو. ليکڪ عورت لاءِ عزت ۽ برابري وارو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. )عورت کي همدردي ۽ محبت کان وڌيڪ، عزت ۽ برابري جي ضرورت آهي.) هن مابعد جديد دور ۾ عورت جي تصور ۽ جسم جي نمائش جي استعمال کي ننديو آهي. هن ناول جو ذيلي ٿيم، شخصي اڪيلائي، ويڳاڻپ ۽ محبوس هجڻ جو احساس پڻ آهي جنهن مان مابعد جديد دور جو نوجوان گذري رهيو آهي، جنهن کي نه منزل جو ڪو پتو نه راه جي ئي ڪا خبر آهي، اڄ جو اهو نوجوان ڪافڪا جو اهو ڪردار بنجي چڪو آهي جنهن کي قدم قدم تي ننديو وڃي ٿو ۽ کيس پنهنجو ڏوه به نٿو ٻڌايو وڃي. زندگي هن جي لاءِ محتسب ۽ فراريت هن لاءِ پناهگاه بنجي ويئي آهي. مصنف، انهن جديد تصورن کي ڇهڻ جي چڱي ڪوشش ڪئي آهي
    ڪهاڻي چاهي اها ناول ۽ افساني جي هجي يا ڊرامي ۽ فلم جي، ان ۾ هڪ ڳالھ جو خاص خيال رکڻو پوندو آهي جنهن کي انگريزي ۾ (Verisimilitude) چوندا آهن، جنهن جو مطلب آهي تي اها ڪهاڻي جيڪا سچ جهڙي لڳي. )ظاهر آهي افسانوي ادب ۾ سچيون ڪهاڻيون ته نه لکبيون آهن. افسانوي ادب هوندو ئي تخيل جي پئداوار آهي.) يعني ان جا ڪردار ۽ واقعا حقيقي لڳن. ميرا جي ڪهاڻي پڙهي ان تي سچ جو گمان ئي نٿو ٿئي. اول ته سوڍا پنهنجين ڇوڪرين جي شادي ٻنهي خاندانن جي موجودگي ۾ ڪرائيندا آهن پوءِ اها شادي هتي ٿئي يا ڪنوار جا مائٽ ڪنوار کي وٺي ڀارت وڃن. ائين ٿيندو ئي ناهي ته سوڍا پنهنجون ڇوڪريون بغير شادي جي انهن جي حوالي ڪن ۽ اهي ڪنهن رسم کان سواءِ ، رات جي اونداهي ۾ مائٽن سامهون گهليندا وٺي وڃن ۽ ٻڌي اٺن تي کڻي وڃن!
    ٻيو ته ايڏي ڊگهي سفر کان پوءِ ، ميرا کي وٺڻ لاءِ صرف ان جو مڱيندو اچي ٿو جيڪو کيس پنهنجي ڳوٺ وٺي وڃڻ بدران ۽ شادي کان سواءِ ئي بشنوئي، پنهنجن دوستن وٽ وٺي وڃي ٿو ته جيئن اهي ميرا سان بلاتڪار ڪري سگھن پر اتي ئي نشو ڪري سڀ بي سڌ ٿي وڃن ٿا. هي ڪهاڻي جو ڪمزور ترين حصو آهي.
    پوءِ ميرا مشهور رقاصه بنجي سڄي راجسٿان ۾ ڦري ٿي پر ڪو راجپوت سندس ڳولا نٿو ڪري. فاضل مصنف کي سوڍن جي رسم رواج، رهڻي ڪهڻي ۽ مزاج جو مطالعو ڪرڻ گھرجي ها. سوڍن ۾ سئو خاميون ٿي سگهن ٿيون پر هو پنهنجي مريادا تي جان قربان ڪرڻ کان ذرو به ناهن ڪيٻائيندا. ميرا کي عين ان وقت وڪرو ڪيو وڃي ٿو جڏهن هو مشهور رقاصه بڻجي دلالن جي ڪمائي جو ذريعو بنجي پيئي هئي!. هي اهڙي ڪهاڻي آهي جنهن تي ڪوشش باوجود به يقين نٿو اچي. هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ڪافڪا جون ڪهاڻيون هن شرط تي پوريون لهن ٿيون؟ ڇا اهي حقيقي لڳن ٿيون؟ جواب آهي ته ڪافڪا جون ڪهاڻيون علامتي انداز ۾ لکيل آهن ۽ ميرا جي زندگي حقيقت نگاري واري انداز ۾ لکيل آهي.
    مک ڪردار سنڌياچ آهي پر هن کان بهتر ڪردار ميرا جو آهي. مک ڪردار جي زندگي ۾ ته ڪو قضيو (Crisis) ڏيکاريل ئي نه آهي پر جيڪا ويڌن ميرا سان ٿي هئي، ان کي ڪو خوشگوار انجام ڏيڻ جي به ڪا ڪوشش نٿو ڪري. هو رڳو ميرا جو دردناڪ قصو ٻڌي ٿو ۽ وري سگريٽ جي دونهين ۾ گم ٿيو وڃي. هن ڪهاڻي ۾ هڪڙو خاموش ۽ غائب ڪردار آهي جنهن جو ڪو خاص ذڪر ئي ڪونهي. اهو جيڪو ميرا کي بازار مان ڪڍي حيدرآباد جي اين جي او تائين پهچائي ٿو. هن پيادي جو ڪردار به، ناول جي مک ڪردار کان وڌيڪ سگھارو آهي
    هن مختصر ڪهاڻي لاءِ قالب ته ناول جو استعمال ٿيل آهي پر حقيقت ۾ هن اندر ٻه ڪتاب آهن. هڪ ننڍڙي ڪهاڻي ۽ ٻيو مضمونن جو ڪتاب. مابعد جديد صورتحال بابت معلومات، ميونسپل جو نظام، عالمي سرمائيداري، انسان جي پيدائش ۽ ارتقا، بئڪٽيريا بابت ڳالهيون، ماحوليات، ٿر جي تاريخ، جاگرافي ۽ ڊيموگرافي، هندستان پاڪستان جون جنگيون..سوڍن راجپوتن جا قسم ۽ ڪلاس، اين جي اوز بابت مضمون. سڀ ڪجه آهي هتي.
    تخليقڪار، پنهنجي تخليق ۽ ڪردارن جو خدا هوندو آهي ۽ انهن جي ذريعي پاڻ کي منڪشف ڪندو آهي، پر خدا جي پراسراريت انهيءَ ۾ آهي ته هو هر هنڌ موجود هئڻ باوجود نظر نه ايندو آهي. پر هن ناول جو خالق، هر جڳه تي پاڻ موجود آهي. هو ڪردارن کي جڪڙيو ويٺو آهي، انهن کي ڳالهائڻ جو موقعو گھٽ ٿو ڏي ۽ پاڻ نئريٽر جي حيثيت ۾ سڄا قصا ويٺو ٻڌائي. ناول جي ڪهاڻي ۽ موضوع کان هٽي ڪري هو ايتري معلومات ٿو ڏي جو ناول جو گھٽ، وڪي پيڊيا جو گمان گھڻو ٿو ٿئي. معلومات به صفا سطحي،جيڪا نه ته فڪري آهي نه ئي وري ڪو اتساه پيدا ڪري ٿي
    ناول ۾ استعمال ٿيل ٻولي ۾ آرٽسٽڪ ۽ تخليقي ڇهاءُ ته آهي پر پروف جي غلطين ۽ غلط تشبيهن ناول جي جماليات جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي. نئريٽر، سنڌياچ ۽ ميرا جي گفتگو ۾ يڪسانيت آهي. ائين لڳي ٿو هڪ ئي ماڻهو ڳالهائي پيو.ٻولي سان هاڃا ۽ مشاهدي جو ڪمزوريون به جتي ڪٿي نظر اچن ٿيون، ” ...پر هو اهڙي عورت جي تلاش ۾ هو جنهن جو من ڪارونجھر جيان اونهو هجي،“ جبل اوچا، وسيع ۽ مضبوط ته هوندا آهن پر انهن لاءِ اونهائي جي تشبيه اڻٺهڪندڙ آهي. ” ميرا بهار جي مند جيان پنهجي وجود ۾ وکري چڪي هئي“ بهار جي مند جيان وکرڻ غلط تشبيه آهي. ” ...ڪرڀ سان سرشار لهجا اکين جي پولار تي تري ايندا هئا“. محبت۽ خوشي ۾ ته ماڻهو سرشار ٿي سگھي ٿو پر ڪرڀ ۾ بلڪل نه. ”جيڪو ماڻهو رات جي پسگردائي ۾ پنهنجي پاڻ کان پڇي ٿو“. پسگردائي لفظ زمان نه پر مڪان لاءِ استعمال ٿيندو آهي. هن مشاهدي جي باري ۾ ڇا چئجي! ”ريگستان مان گذرندڙ گاڏي جي ڀيانڪ گھنڊ جيان لڳندو آهي!“ ريل گاڏي جو ڪو گھنڊ ٿيندو آهي ڇا؟ ” سنڌياچ جي من ۾ غلاظت برپا ٿيڻ لڳي“ غلاظت برپا ٿيندي آهي ڇا؟
    نور جي ٻنهي ناولن جو مک ڪردار تقريبن ساڳيو ئي آهي. هن ڪردار جو نفسياتي جائزو وٺجي ته هي ڪارل يونگ جي ٻڌايل شخصيتن جي اٺن قسم مان هڪ آهي جنهن کي باطنيت پسند شخصيت (Introvert Personality) چئي سگهجي ٿو. سادگي پسند، گھٽ ڳالهائو، اداس مفڪر جيڪو سماجي مسئلن تي سوچي ۽ ڪڙهي ٿو پر انهن جي تبديلي لاءِ پاڻ ڪو به ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن ۾ متحرڪ ڪردار واري ڪا خوبي ڪانهي. هن وٽ نه ته منزل جو ڪو واضع خاڪو آهي نه ئي وري ان طرف سفر ڪرڻ لاءِ ڪا وک وڌائي ٿو. سگريٽ ڇڪي پنهنجو اندر ساڙي ٿو ۽ موسيقي ٻڌي پنهنجو اندر ٺاري ٿو. اهڙن ڪردارن کي ائنٽي هيرو به چيو وڃي ٿو جن ۾ همٿ ۽ اخلاقي جرئت جي کوٽ هوندي آهي. ميرا جي ڪهاڻي ٻڌڻ کان پوءِ، جيڪڏهن هو اخلاقي جرئت ڪري سندس هٿ پڪڙي ها تہ اهو سندس عظيم قدم هجي ها پر اهڙن ڪردارن ۾ هن قسم جي بهادراڻي عملي قدم کڻڻ جي صلاحيت نه هوندي آهي..
    هن ڪتاب مان غير ضرور معلومات ۽ گفتگو ڪڍي، ٻولي سڌاري، ڪهاڻي بهتر ڪجي ته هي هڪ بهترناول ٿي سگهي ٿو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو