هڪ وبا کان بچڻ لاء اڪيلائيء جي وبا طرف!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    700
    ورتل پسنديدگيون:
    637
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اڪيلائي غم آهي.اسان سڀ قرب( ويجھو رهڻ) جا بکيا آهيون انهيء قرب سواء اسان ڪومائجي وڃون ٿا.ڀڄي ۽ ڀري وڃون ٿا.اڪيلائي پاڻ هڪ وڏي وبا آهي.هاڻوڪي وبا جي عطا ڪيل جبري اڪيلائي ۽ سوشل ڊسٽينسنگ کان اڳ انسان پنهنجا گھر اڏڻ شروع ڪري ڏنا هئا.جديد دور کان اڳ تمام ٿورا انسان اڪيلا رهندا هئا.ان اڪيلائيء جي شروعات هڪ صديء کان اڳ جي ناهي.انهيء دوران سڀ ڪجهه بدلجي ويو.هاڻي آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ هر چئن مان هڪ ماڻهو اڪيلو رهي ٿو.ملڪ جي ڪجهه حصن خاص طور تي وڏن شهرن ۾ اهو سيڪڙو اڃا به گھڻو آهي.اوهان اڪيلا ٿيڻ سواء به اڪيلا رهي سگھو ٿا ۽ اڪيلي هوندي به اڪيلا رهي سگھو ٿا. هاڻي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته اڪيلائي اوهان جي دشمن آهي.2017 ۽ 2018ع ۾ اڳوڻي امريڪي سرجن جنرل وويڪ ايڇ مورتي ”اڪيلائيء جي وبا “ جو اعلان ڪيو هو ۽ برطانيه اڪيلائيء جو وزير مقرر ڪيو.اڪيلائيء جي ڪيفيت سمجھڻ لاء ڊاڪٽرن ۽ ماهرن هڪڙو اسڪيل مقرر ڪيو.ڇا توهان اڪثر يا ڪڏهن ڪڏهن ايئن محسوس ڪيو آهي ته ” آئون ايتريون ساريون شيون اڪيلو ڪندي اداس ٿي ٿو پوان.مون وٽ ڪو ماڻهو ناهي هوندو جنهن سان ڳالهيون ڪيان.آئون ايڏي اڪيلائي برداشت ڪري نٿو سگھان.مون کي سچ پچ محسوس ٿئي ٿو ته مون کي ڪوبه ماڻهو نٿو سمجھي .هاڻي ته آئون ڪنهنجي به ويجھو ناهيان رهيو،اهڙو ته ڪو ئي ناهي جنهن ڏانهن آئون منهن ڪري سگھان،آئون ته پنهنجو پاڻ کي بلڪل تنها ۽ ٻين کان ڪٽيل محسوس ڪري رهيو آهيان،قرنطينه جي دور ۾،ڇا هڪڙي مرض ٻيو مرض پيدا نه ڪيو آهي؟“

    اڪيلائي هڪ مقبول اصطلاح آهي ۽ گھڻا ماڻهو اڪيلو رهڻ پسند به ڪن ٿا.اڪيلائي هڪ اونهي تڪليف جي حالت آهي.اعصابي سائنسدان اڪيلائيء کي ”هائي ورجيلينس“ جي طور تي سڃاڻپ ڪن ٿا جنهن جي اصليت اسان جي پراڻي ماضيء ۾ لڌي وڃي ٿي.شڪاگو يونيورسٽيء ۾ ان موضوع تي تحقيق جان ڪيسيپو ڪئي هئي جيڪو 2018ع ۾ گذاري ويو هو ۽ جنهن کي ”ڊاڪٽر اڪيلائي“ جي نالي سان ڄاتو ويندو هو.مورٿي مطابق مسئلن جي ميڙ پويان اڪيلائي هوندي آهي مثال؛ بيچيني،تشدد،وڳوڙ،ڏوهه،خودڪشي،ڊپريشن ايستائين جو سياسي انتشار پڻ.

    ويهين صدي کان اڳ سمورن ڪٽنبن مان پنج سيڪڙو يا دنيا جي آباديء جو هڪ سيڪڙو رڳو هڪ شخص تي ٻڌل هو.اهي انگ اکر 1910ع جي لڳ ڀڳ وڌڻ شروع ٿيا.جڏهن 1950ع ۾ ڊيوڊ ريس ” اڪيلائي جو ميڙ“ شايع ڪيو ته ان وقت سمورن ڪٽنبن مان نو سيڪڙو هڪ شخص تي ٻڌل هو.1959ع ۾ جرمن تجزيي نگار فريڊا فريم ريخ لکيو ته” اڪيلائي ايتري قدر تڪليف ڏيندڙ ۽ خوفناڪ تجربو آهي جو ماڻهو ان کان بچڻ لاء عملي طور تي سڀ ڪجهه ڪندا.“ هن لکيو ته “هڪ ٻئي جي قرب جي آرزو هر انسان سان گڏ ننڍپڻ کان ئي هوندي آهي ۽ اهڙو ڪوبه انسان ناهي جنهن کي ان نقصان جو خطرو نه هجي.اڪيلا نه رهڻ وارا انسان اڪيلائيء کان گھڻو گھٻرائيندا آهن.“

    ماهر معاشيات ايرڪ ڪلينن برگ 2012ع ۾ ”گوئنگ سولو؛ غير معمولي عروج ۽ رهڻ جي حيرت انگيز اپيل“ ۾ لکيو ته ”گذريل اڌ صديء دوران اسان جي نسلن هڪ قابل ذڪر سماجي تجربو ڪيو آهي.انساني تارخ ۾ پهريون ڀيرو هر هنڌ،هر سياسي طبقي وڏي انگ ۾ سنگل بنائڻ شروع ڪيو آهي.“ ڪلينن برگ ان کي هڪ وڏي سوڀ سمجھي ٿي.1980ع جي ڏهاڪي جي شروع ۾ اڪيلي ماڻهن جي گھراڻن ۾ گھڻو اضافو ٿيو.انهيء دور ۾ اڪيلائيء جي باري ۾ هڪ طبي ادب اڀرڻ شروع ٿيو.

    ڪلينن برگ جو خيال آهي ته 1950ع جي ڏهاڪي ۾ ٽيليفون جي وڏي پيماني تي استعمال سان گڏوگڏ اطلاعات جي نيٽ ورڪ جي ٽيڪنالاجي اڪيلي زندگي گذارڻ م مدد مهيا ڪئي.ريڊيو،ٽيليويزن،انٽرنيٽ،سوشل ميڊيا اهڙيون شيون آهن جيڪي اسان کي اڪيلي گھر ۾ مهيا ٿي سگھن ٿيون.امريڪي برادريء جي لاڳاپن جي خاتمي جي باري ۾ رابرٽ پونٽم جو هڪ با اثر ڪتاب ”بولنگ اڪيلي اڪيلي“ فيس بڪ شروع ٿيڻ کان چار سال پهرين 2000ع ۾ سامهون آيو جنهن اڪيلائيء جو اشارو ڪيو هو.ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته سوشل ميڊيا جي ڪاميابي اڪيلائيء جي وبا جو نتيجو هئي.”ايڪانومسٽ “ اڪيلائيء کي ايڪويهين صديء جي ڪوڙهه قرار ڏنو.

    اها ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي ته آمريڪا ۾ عام طور تي ۽ ان کان بعد جاپان،فرانس، جرمني،برطانيه، آسٽريليا ۽ ڪينيڊا ۾ اڪيلائي عام آهي ۽ چين.برازيل ۽ هندستان ۾ اها پنهنجي عروج تي آهي.مضبوط سماجي حمايت يافته ملڪن ۾ اڪيلو اڪيلو رهڻ بهترين ڪم ڪري ٿو.جڏهن ته آمريڪا جهڙن ملڪن ۾ اهو بدترين ڪم ڪري ٿو.نه رڳو انٽرنيٽ پر هڪ سماجي حفاظت جو ڄار وڇائڻ جو وقت آيو.جنهن بعد هڪ عظيم ”عالمي قيد“ شروع ٿيو.لاڳو ٿيل اڪيلائي،سماجي دوري،شٽ ڊائون،لاڪ ڊائون هڪ انساني پر غير انساني قدم.خير، ڪجهه نه هئڻ کان ڪجهه هئڻ بهتر آهي. پر آخر ڪيستائين؟۽ جڏهن اوهان جو رابطو ٽٽي پيو ته پوء ڇا حال ٿيو؟ نتيجو؛ گھٻراهٽ.آخري ٽائي به ڪپجي ويئي؟ هي نهايت ئي خوفناڪ تجربو آهي.اڪيلائي برداشت ڪرڻ واري انساني صلاحيت جو امتحان آهي.ڇا ان اڪيلائيء ۾ اوهان پنهنجي وارن کي ڇڪيو ٿا؟ ڇا اوهان پنهنجي پڃري جي ڀتين سان مٿو ٽڪرايو ٿا؟ڇا اوهان اندر ئي اندر بند آهون ڀري رهيا آهيو يا روئي رهيا آهيو؟ اڪيلائي جيڪا ڪنهن وقت عظيم نعمت ته ڪڏهن ڪڏهن سخت اذيت هوندي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو