پرک منجهاران پس "مان کپڻ ٿو چاهيان.

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 مئي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    پرکَ منجهاران پَسُ
    "مان کپڻ ٿو چاهيان"
    درد هوش محمد ابڙو.
    مون جڏهن به هن جي ويجهو وڃي ڏٺو آهي ته مونکي هميشه جيئن نئون نئون لڳندو آهي، تڳڻي جو ساڻس ويجهڙائپ به گهڻي آهي پر هن جو ڪاٿو اڃان تائين ڪري ناهيان سگهيو.
    جنھن به جاءِ تي رهندو ته پنهنجي ڪرت سان سچو رهندو آهي، اها ذميواري هر طرح نڀائيندڙ يار آهي.
    صحافت جي دنيا ۾ رهي ڪري به خيرات وٺڻ سکيو ناهي، اهو هڪ وڏو مثال آهي هن دور جو صحافي هجي ۽ سرڪاري درن تان خير نه وٺي، يقينن هاڻي زندگيءَ جي هر محاذ تي قابل يقين شخص آهي.
    فقير محمد سنڌي، پنهنجي ذات ۾ هڪ وڏو قافلو آهي، جنھن جي امامت ڪندو رهيو آهي.
    شاعريءَ کان ويندي ڪهاڻيءَ تائين پنهنجو الڳ انداز رکندڙ آهي، موضوع، سماج ۽ ان جو ڀڳل پير اڪثر هن جي لکڻين جو حصو رهيا آهن .
    ڀڳل پير ڪڏهن به سنئون هلي ناهي سگهندو، لچڪ، جهول، ڪيرائڻ اهو ڀڳل پير ئي ڪري سگهي ٿو.
    اسان جو هيءُ سڄو سماج ڀڳل پير تي بيٺل آهي، انهيءَ پير جي بيهڪ ئي اهڙي آهي ته انهيءَ کان سهاري جي مدد ڪيئن پئي ملي سگهندي ؟
    انهيءَ ڀڳل پير کي ڏسي هن يار جي دل ۾ گھڻي اڻ تڻ آهي جنهن کي هو پنهنجين لکڻين ۾ ان جو اظهار هن ريت ڪري ٿو .
    سوئر - نثري نظم
    سوئرن جي قطار ۾،
    هڪ لگزري سوئر به،
    اچي پھتو .
    مهان سوئر کي اڃان ،
    ڪجھ ڪمي محسوس ٿي.
    لگزري سوئر کان،
    مهان سوئر پڇيو،
    اڃان کوٽ محسوس پئي ٿي.
    ڇا مسئلو آهي،
    لگزري سوئر،
    قبلا...!
    ڪرپشن ۽ ڪيمشن وارو،
    انڊرويئر ،
    بازار جي گورخ ڌنڌي ۾،
    ميرو ٿي پيو آهي...
    انهيءَ نظم کي ڪير ڪيئن به سمجهي پر وڏي حقيقت آهي ته هيءُ سماج ڀڳل پير، انهيءَ نظم جو ڪردار آهي.
    جتي ايمان پئسو هجي، حرص هجي حوس هجي، وحشت هجي ته اتي ڪهڙو انصاف ملي سگهي ٿو؟ جانور ويهي عدل ڪندو ته انسان کي بک مرڻو پوندو، تهذيب جو هانءُ رتورت ٿي سگهي ٿو.
    فقير محمد سنڌيءَ جي انهيءَ نظم ۾ سچ سمايل آهي جيڪو ڪميڻن ڪمزور اکين لاءِ بهتر ڪونه آهي.
    ڪيڏي مٺڙي سولي آهي،
    سنڌي پياري ٻولي آهي.

    سنڌي پنهنجي قومي ٻولي،
    غيرن لئہ ڄڻ گولي آهي.

    ساري ٻولي ٻاجھ ٻيلاٽي ،
    جيجل جھڙي جھولي آهي.

    پنهنجي ڌرتي پنهنجي سرتي ،
    ٻيو جڳ ڄڻڪر کولي آهي.

    ٻوليون جيڪي به آهن پياري آهن ، ڇو ته جڏهن به نفرت پيدا ٿيندي آهي ته اھا فردن مان ٿيندي آهي، ٻولي پوتر ئي رهندي آهي، پر فطرت آهي پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪرڻ، فقير محمد سنڌيءَ به پنهنجي ٻوليءَ کي محبت جي زبان سان اظهاريو آهي.
    توکان سواءِ جاني! بيڪار ٿي پياسين،
    جيون جي ڪاڻ آخر، آزار ٿي پياسين.

    دنيا جي ريت، رسمن، سان جنگ يار! جوٽي ،
    اڄ باوجود تنهنجي، ڇو ڌار ٿي پياسين؟

    ناهي سَٺو اسان کي، ماڻهن به گڏ گذارڻ،
    ڇا لاءِ هڪ ٻئي جي، اڄ هار ٿي پياسين؟

    طعنا ڏئي اسان کي، هر هڪ ڇڏيو آ ساڙي،
    هاڻي ٻڌي ِپيارا، بيمار ٿي پياسين.

    سنڌي اڃان ٿو جيئي هن سنڌ جي سھاري،
    توبن اسان غمن سان ٽمٽار ٿي پياسين.

    فقير محمد جو اهو غزل عام دلين جي ڪيفيت لاءِ لکيل آهي، ڇو جو شاعر پنهنجي اک سان سماج جي هر رخ کي پڙهي پوءِ ئي لکندو آهي، هتي به فقير محمد اهو ئي ڪيو آهي، مونکي ذاتي طور خبر آهي ته هن يار جي دل ڌرتيءَ لاءِ ڌڙڪندي آهي ۽ ڌرتيءَ واسين لاءِ ئي تڙپيو آهي هميشه، سندس موضوع به ڌرتيءَ جي دردن کان ٻاهر نه ويو آهي ، پر هيءُ غزل عام جي دلين ترجمان ڪرڻ لاءِ لکڻو پيو آهي يار کي.
    نظم
    مان کپڻ ٿو چاهيان .
    مان کپڻ ٿو چاهيان،
    ڇو جو!؟
    مان دراوڙ آهيان.
    ڀونءِ سَڄي جو وارث آهيان،
    مان سنڌو سڀيتا جو وارث هان،
    پيار امن جي نگري منهنجي،
    هاڻ تنهن نگريء کي کپائڻ ٿو چاهيان،
    موئن جو نگر منهنجي سڃاڻپ،
    پنهنجي سڃاڻپ کپائڻ ٿو چاهيان،
    منهنجي ايراضي سڄي سنڌو سڀيتا،
    نگر نگر ڪوٽ قلعا، کپائڻ ٿو چاهيان
    ڇو جو مان دراوڙ آهيان.
    مون کي هر دور ۾ کپايو ويو آ،
    ڪڏهن وري قبضي هيٺ رکيو ويو آ،
    تنهن لاءِ...!
    هاڻ.
    ڀونءِ سَڄي کپائڻ ٿو چاهيان.
    رنگ سمورا پنهنجي چمن جا،
    هڙئي هاڻ کپائڻ ٿو چاهيان.
    درس ڏنا رهبر جتي قوميت جا،
    ان درسگاھ کي به کپائڻ ٿو،
    چاهيان...!
    هي مڪلي، ٽلٽي ، ڪينجهر ۽ منڇر،
    سڀ جا سڀ کپائڻ ٿو چاهيان.
    هي ٽينڊر منهنجي ضمير جو واڪ آ،
    بي ضمير ٿي ضمير کپائڻ ٿو چاهيان.
    هي سنڌو منهنجي ميراث آ،
    هن سنڌو جو هر دودو ۽ دولھ کپائڻ،
    ٿو چاهيان...!....؟
    اهو نظم تاريخ جي پڪار آهي، انهيءَ نظم ۾ شاعر ڪيترو تڙپندو هوندو اهو اندازو هن اکرن جي تڪليف مان لڳائي سگهجي ٿو.
    بيشڪ دراوڙ جي ڌرتيءَ سان وڏو انياءُ رهيو آهي، ڪڏهن قبضو ته ڪڏهن نيلامي، اها تڪليف ئي کيس بيقرار ڪري ٿي ۽ دراوڙ پنهنجو درد کڻي اشارو ڪري رهيو آهي ويڪائو ڏانهن ته پنهنجو ضمير اول کپائي پوءِ پنهنجي ڌرتيءَ کي کپائڻ چاهي ٿو.
    فقير محمد سنڌيءَ جي اکين ۾ مڳن قديم درد ڏٺو آهي، جنهن کي وقت جي ڏنل اڌاري مرڪ لڪائي نه ٿي سگهي.
    فقير محمد سنڌي هميشه ٽھڪ ڏيندڙ ۽ ڏياريندڙ رهيو آهي سنگت جي مجلسن ۾ پر هو پنهنجي درد کي منافقت جا ڪپڙا پارائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
    درد به سچ جو عظيم رستو آهي، جنھن کي ڪٽڻ ناممڪن آهي.
    فقير محمد سنڌي پنهنجي قابليت کي هر ڀيري انهيءَ اميد سان کڻي امتحان ڏنو آهي ته شفاف چونڊ ٿيندي، ڪميشن جا امتحان ڏيڻ وقت محنت ڪندو رهيو آهي پر سرڪار جي ڪجھ سرڪاري شرط جيڪي هيءُ يار پورا ناهي ڪري سگهندو جنھن ۾ ڪرپشن جي رنگين ڪاڳرن تي تصوير اهم شرط آهي.
    فقير محمد کي شايد اها خبر ئي نه آهي ته ڀلي اڻپڙهيل هجي پر وڏيري ڪمن جو فون يا خط ضروري آهي نوڪري وٺڻ لاءِ، يا وري ڪنھن ڪاموري جي پيرن کي چمي ڏئي چمچا گيري جي تصوير سان مختلف رنگين ڪاڳر کڻي وڃڻ ضروري آهن.
    ادارن ۾ فرض نڀائيندڙ نه بلڪه واپار ڪندڙ ڪرپشن جا گرو گهربل هوندا آهن.
    هتي علم نه، پر انڌو ڪاڻو ئي گهرجي پر هجي کارائڻ وارو.
    اهو ئي سچ آهي ته قابليت جون قبرون کوٽيل آهن جن ۾ هر روز ڪا نه ڪا قابليت دفن ٿيندي رهندي آهي ۽ قابل شاعر، اديب فقط ڪاڳرن ۾ سچائي سمائي ۽ خدائيءَ جي ارواح کي ريجهائي مري وڃي ٿو.
    [​IMG]

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو