وري يادگيرين ورايو اسان کي…(ڪئمپس ڊائري) حصو يارهون

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2020۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    153
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    258
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    ها پرين! مون مرڪڻ سکيو هو، مون جئيڻ بہ سکيو هو ۽ ماڻهن سان ملڻ جُلڻ بہ سکيو هو، مون زندگي لفظ جي حقيقي ۽ صحيح معني سمجهي هئي تڏهن جڏهن تون مونسان گڏ هوندين هئين، مون اهو سکيو تہ محبتن جي معراج جي سفر ۾ ڪيڏي نہ مٺاس رکيل آهي، چڪور جي چنڊ لاء چرياپ مونکي پهريان سمجھ ۾ نہ ايندي هئي مگر جڏهن کان پاڻ هڪ منزل جا راهي ٿي گڏ هلڻ لڳاسين تہ مونکي چڪور ۽ چنڊ جي رمز جي پروڙ پئي، چانڊوڪي راتين ۾ جڏهن جيتن جڙن جي رڌم ڀريل آواز من جي سازن کي ڇيڙيندا هئا تہ منهنجي ڪنن جا پردا تنهنجي سريلي ۽ ڪوئلي آواز جي پڙاڏن کي ٻڌڻ جي لا۽ بيقرار ٿيندا هيا ۽ منهنجي من ۾ تون لاء چڪور جي چاهت جهڙي چاهت اُسرجڻ لڳندي هئي ۽ تون مونکان چنڊ جيان ڏور ٿيندي وئين.

    مون ڪڏهن بہ اهو سوچيو نہ هو تہ منهنجو تونسان ڪڏهن ڪو اهڙو رشتو جڙندو، جنهن ۾ رابطي جي ڪمي کي مان شدت سان محسوس ڪندس، تنهنجي ظاهري طور گڏ نہ هجڻ جي احساس کي مان هميشه پاڻ سان گڏ هجڻ ڀائيندم، تنهنجي کن پل لا۽ مرڪي ملڻ کي مان ورهين جي ملاقات سمجهندس، منهنجي من ۾ انيڪ گل ڦٽي پوندا آهن جڏهن تنهنجو ميسيج ايندو آهي، اُهي گل منهنجي مرجهايل من کي پنهنجي سرهاڻ سان تازگي بخشيندا آهن، مون هميشه قدر ڪيو آهي انهن گهڙين جو جيڪي گهڙيون تونسان ڳالهائيندي منهنجيون گذريون آهن.

    منهنجي لاءِ اهي گهڙيون ڄڻڪ منهنجي بخشش جو ثمر آهن. مان ڄاڻا ٿو ته تونسان وقت وڏا وير رکيا آهن، تونسان وڏيون ويساه گهاتيون ٿيون آهن پر مان اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون عام ڇوڪرين وانگر حالاتن ۽ وقت اڳيان هٿيار ڦٽو ڪرڻ وارن مان ناهين، تون ذهين آهين ٻين کان، تون حسين آهين ٻين کان، تنهنجي مرڪ مٺي آهي ٻين کان، تون جدا آهين هر هڪ ادا کان، بس ايترو ياد رکجان تون انمول آهين ٻين کان، مان ڪڏهن بہ ڪنهن جي ڪوڙي تعريف ڪرڻ جو قائل ناهيان رهيو، اهو تون بہ بخوبي ڄاڻي ٿي، ها باقي اگر ڪو تعريف جو لائق هجي تہ پوءِ ان جي کلي ڪري تعريف ڪجي پو۽ ڀل اهو ڇو نہ اسان جو دشمن هجي.

    مان ڪڏهن ڪڏهن هڪ عجيب قسم جي مونجهاري ۾ مبتلا ٿي ويندو آهيان، هڪ اهڙي مونجهاري ۾ جنهن جو ڪو حل ڪونہ نڪري سگهندو آهي، ائين لڳندو اٿم ڄڻڪ تونسان ورهين جو واسطو آهي، گهڻو اڳ تونسان ڳالهائڻ جي حسرت جاڳي هئي، هَتان هُتان تنهنجو نمبر هٿ ڪري تونسان ڳالھائڻ شروع ڪيو هيم، هڪ حسرت پوري ٿي هئي، تون بہ مثبت نموني سان ڳالھائڻ ٻولهائڻ لڳي هئين، منهنجي من ۾ تنهنجي لاءِ عقيدت جا مينار اڏجڻ لڳا، مون ڀرم رکيو هو ان عقيدتن، حسرتن، محبتن ۽ جذبن جو جيڪي تونسان ڳالهائڻ دوران جاڳڻ لڳندا هئا، مون کي لڳندو هو تہ تون بہ عام ڇوڪرين وانگر مونسان ڪي پل ڳالهائي ڪري پنهنجي وقت جو پيو گذر ڪري، پر ائين نہ هو، مون اڃا بہ صبر ڪيو ۽ اهو جاچڻ لڳس تہ شايد ڪنهن لالچ يا لوڀ خاطر تون مونسان رابطو رکين پئي، مون انتظار پئي ڪيو ان وقت جو جنهن مهل تون مون کي اهو محسوس ڪرائي ها تہ مان واقعي بلڪل صحي آهيان ۽ تنهنجي رابطي رکڻ جو سبب واقعي ڪو لالچ آهي.

    پر ائين نہ هو، پوءِ مون تون کي پرکڻ جي معيارن کان بلڪل پري ڪري ڇڏيو، مون محسوس ڪيو تہ تون واقعي رشتن کي نڀائڻ ڄاڻي ٿي، تنهنجي من ۾ توڙي محبت ۾ ڪنهن بہ قسم جي ملاوٽ ناهي، تنهنجي لفظ لفظ ۾ خالص پڻو سمايل آهي، اهو سڀ ڪجھ جاچڻ کان پوءِ منهنجي من ۾ تنهنجي لا۽ عقيدت ۽ محبت جا اڃا وڌيڪ گل ڦٽڻ لڳا، انيڪ دفعا من ۾ خيال آيو تہ رسمي طرح پنهنجي دل جي شهر جو تونکي احوال ڏيان ڪي ئي دفعا ارادو بہ ڪيم پر هر دفعي ارداي ڪرڻ مهل هڪ خوف ورائي پي ويو تہ ڪٿي ائين نہ هجي تہ مان ڪا غلطي نہ ڪري وجهان، متان تنهنجي من ۾ ڪو اهڙو خيال هجي ئي نہ جيڪي منهنجي من اندر مچن پيا، ڪٿي تون ائين نہ سمجهي تہ مان تونسان ڳالھائڻ جو غلط مطلب پيو ڪڍان، بس هر دفعي انهن منفي خيالن مون کي پنهنجي پاڻ کان پئي پري ڪيو، مون تونکي خوش ڏسندي ئي سُرهائي پئي محسوس ڪئي.

    وقت جي وهڪرن تونکي زندگي جا عجيب گس ڏيکاريا، جن کي تون پنهنجو سمجهندي هئين انهن جي واتان تنهنجي باري ۾ عجيب و غريب توڙي نا قابل برداشت جملا مون ٻڌا ۽ برداشت ڪيا، انهن تنهنجي دامن جي داغدار هجڻ جا مون کي ثبوت ۽ دليل پيش ڪيا، مان اٽل رهيس مون تون کي ڪڏهن بہ پنهنجي نظرن ۾ ڪرڻ نہ ڏنو، ڇو تہ مونکي خبر آهي انهن وٽ اهو دل ئي ناهي جيڪو تنهنجي دڙڪن کي محسوس ڪري سگهن، انهن وٽ اها اک ئي ناهي جيڪو تنهنجي حسن کي ڏسي سگهي، انهن وٽ اُهي احساس ئي ناهن جيڪي تنهنجي مرڪڻ مهل اڀريل احساسن کي سمجهي سگهن، ڇو تہ هو تون کي هميشه پري واري نظر سان ڏسندا آهن ۽ مان تون کي هميشه پنهنجي ويجهي واري نظر سان ڏسندو آهيان ۽ محسوس ڪندو آهيان.


    هلندڙ…
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو