وري يادگيرين ورايو اسان کي…(ڪئمپس ڊائري) حصو ٻارهون - آخري

'مختلف موضوع' فورم ۾ يوسف جميل لغاري طرفان آندل موضوعَ ‏8 مئي 2020۔

  1. يوسف جميل لغاري

    يوسف جميل لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 ڊسمبر 2016
    تحريرون:
    145
    ورتل پسنديدگيون:
    78
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    ليکڪ
    ماڳ:
    ٺري ميرواه
    جنهن وقت ورسٽي جون گرمين واريون موڪلون ٿيون تہ منهنجو اڪثر ٽائيم گهر ۾ ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ ۾ گذرندو هو، انهن ڏينهن ۾ ڳوٺ جي هڪ چڱي ڀلي پئسي واري همراه جي دانهن ٻڌم جيڪو پنهنجي پٽ جي بي فرماني جون ڳالهيون ڪري رهيون هو ۽ زارو قطار روئي ڪري کيس پٽون ۽ پاراتا ڏئي رهيو هو، منهنجي قلم سندس ان مذاحمت تي هڪ لفظن جو ڳٽ جوڙيو جيڪو ڪجھ هن ريت هو، ”اسان جي لاشعوري اسان کي ڪيترو نقصان پئي ڏئي پنهنجي معاشري ۾ نظر تہ ڊوڙايو ۽ ڏسو تہ ڪيترن صاحب قوتن جا اولاد صالح آهن ۽ ڪيترن جا نافرمان، صالح اولاد تہ ٿيو صالح انهن جو چيپٽر ڪلوز، باقي بچيا نافرمان، انهن تي غور وفڪر ڪجي تہ اُهي والدين جي نافرماني ڇو ٿا ڪن.

    آخر ڪهڙا سبب آھن جو اُهي پنهجي عظيم رشتن جو ڀرم نہ ٿا رکن، هر روز اخبارن ۾ پيءَ توڙي مٺڙي ماءُ کي گهر دربدر ڪرڻ جا کوڙ ساريون خبرون پڙهڻ لاءِ ٿيون ملن، سچ تہ اهڙا خبر پڙهي ڪري دل رت جا ڳوڙا ڳاڙيندي آهي ۽ ذهن ۾ اهو سُوال ڪَر کڻندو آهو تہ اڄ جو اولاد ايڏو ڪٺور ڪئين ٿو ٿي سگهي؟ منهجو اڄ تائين اهو نظريو رهيو آهي تہ اولاد جي نافرمان ٿيڻ دراصل والدين جي اڌوري پرورش جو نتيجو هوندو آهي، ٻار جي ننڍپڻ کان وٺي ٻالڪپڻ وارو دور انتهائي حساس ۽ قابل نظرداري وارو دور هوندو آهي. اڪثر والدين پنهجي اولاد کي انهي حساس دور ۾ اڪيلو ۽ آزاد ڇڏي ڏيندا آهن ۽ انهي حالت کي سنڌي ۾ ” دادلو ٻار “ چوندا آهن.

    اِها دادلائيپ ۽ آزادي ئي اصل ۾ اولاد جي بگاڙ جو سبب بڻجندي آهي اها دادلائيپ ٻار کي ايترو تہ بگاڙي ڇڏيندي آهي جو اُهو ٻار انتهائي سُست ۽ لاغرض قسم جو ٿي وڃي ٿو ۽ زماني جي حالتن کي منهن ڏيڻ جي قابل نہ ٿو بڻجي ۽ پنهجي ذهن ۾ اهو تصور رکي ٿو ڇڏي تہ مرڻ گهڙي تائين کيس پالڻ جو ذمو سندن والدين جو آهي، حالتون بدلجن ٿيو ۽ اُها محل اچي ٿي جڏهن پيءَ ڪمائڻ جي قابل نہ ٿو رهي ۽ گهر جي چُل کي ٻارڻ جو ذمو انهي اولاد تي اچي ٿو جنهن کي سندس والدين سڄي عمر شهزادن وانگر گهر ويٺي کارائين ٿا ۽ سندس جائز توڙي ناجائز فرمائشون پوريون ڪن ٿا.

    انساني عادتن کي ڪڏهن بہ ختم نہ ٿو ڪري سگهجي ها البتہ انهن ۾ گهٽائي يا وڌائي آڻي سگهجي ٿي اهڙن والدينن جا ٻار نڪما بڻجي چڪا هوندا آهن ۽ انهن کي جلدي ۾ ٺيڪ ڪرڻ دنيا جي ڪنهن بہ سائڪالاجيسٽ جي وس جي ڳالھ ناهي، اهڙا ئي ٻار خرچو بند ٿيڻ ۽ پاڻ ڪمائڻ واري ڳالھ تي چڙ کائي ڪري پوءِ والدين کي گهر دربدر ڪن ٿا ۽ وري معاشرو انهي اولاد کي ان حادثي جو قصور وار سڏي ٿو حالانڪي ڏسجي تہ بنيادي قصور تہ والدين جو آهي جن پنهجي اولاد جي صحيح پرورش نہ ڪئي ۽ انهن کي علم ۽ شعور عطا نہ ڪيو نہ تہ اهڙا خطا هر روز آخر ڇو ٿين؟“

    وقت گذريندي وريم ئي ڪانہ لڳندي اٿم، خبر ئي نہ پئي ورسٽي ۾ ايندي پورو سيمسٽر گذري چڪو هو، جون جولاءِ جي موڪلن توڙي عيد جي گذرڻ کان پوءِ وري واپس ورسٽي ورڻ ٿيو، هن دفعي ذهن ۾ اُهو تہ پياري رٺل نہ هوندي، هوند پرچي وئي هوندي، پر ائين ڪٿي هو مٺا، هو تہ صفا ڪاوڙي ويٺي هئي. ڳالهائڻ تہ پري جي ڳالھ مرڪي نهارڻ بہ نہ پي چاهيائين، مون کيس هڪ خط لکي ڪري پنهنجي من جو سڄو احوال ڪجھ هن ريت ڏنو، فيڪلٽي ۾ دلين جا فاصلا :مون کي توسان سامهون ڳالهائڻ جي ڪڏهن همٿ ۽ جرت نہ ٿي ۽ نہ ئي ھاڻ آهي ان لئہ تہ پنهجي دل جي ڳالھ ڪرڻ لا۽ مونکي خطن جو سهارو وٺڻو ٿو پئي، هاڻ گرمين جون موڪلون ختم ٿيڻ واريون آهن ۽ ويڪيشن پنهجي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي مان تہ بس ان ڏينهن جي انتظار ۾ آهيان جڏهن تون فيڪلٽي جي مين لائبريري ۾ اچي ڪنڊ واري ڪرسي وٺي ڪري ويهي رهندين ۽ هميشه وانگر تنهجي پڙهڻ جي لا۽ ڪنهن سٺي ڪتاب جو انتخاب مون کي ڪرڻو پوندو.

    تنهنجي لاءِ لائبريري جي ڪٻٽ مان ڪتاب ڳوليندي ڪڏهن ڪڏهن مان پنهجو پاڻ وڃائي ويهي رهندو آهيان ۽ پنهجي وڃايل وجود کي انهن ڪتابن اندر ڳولڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، حالانڪ منهجو اڌ وجود تہ تون هوندي آهين، جڏهن بہ منهجي منرل واٽر جي بوتل کي تنهجا نفيس ۽ نازڪ چپ ڇهوندا آهن تہ ان بوتل ۾ هڪ الڳ ۽ منفرد سرهاڻ اچي ويندي آهي، منهجي لاءِ اهو پاڻي آب زم زم جيترو پاڪ ۽ ان بوتل جي شيشي ڄڻڪ ڪا سون جي ٺهيل پاڪ پوتر مورتي جيتري اهم ٿي ويندي آهي مون کي پنهجي پاڻ تي حيرت ٿيندي آهي تہ مون تنهجي لا۽ پنهجيون عادتون مٽائي ڇڏيون آهن.

    تقريبن سڀئي عادتون، تونکي ڪتاب پڙهندي ۽ تنهجي ڪتابن سان دلچسپي وڌندي ڏسي ڪري مون کي خوشي ٿيندي آهي ڇو تہ اها هڪ عادت تون مون مان اپنائي هئي ۽ اڪثر تون منهنجي طرفان ڏسيل ڪتاب شوق ۽ چاھ سان پڙهندي آهي ان لا۽ تہ هن عيد تي مون تنهجي لا۽ تنهجي پسنديده ليکڪ جا ٻہ انمول ڪتاب وٺي رکيا آهن، هاڻ جڏهن پنهجي ملاقات ٿي تہ مان اُهي ڪتاب وڏي سڪ، محبت، ۽ اُڪير سان تنهجي حوالي ڪندس، توسان هر ملاقات مون کي پهرين ملاقات لڳندي آهي ڇو تہ توکي ڏسڻ کان منهجيون اکيون ڍاپجن نٿيون، هيل هي جون جولاءِ جا ٻہ مهينا مون کي ٻن سالن جي برابر لڳا، توکان پري هر پل هر لمحہ مان اداسين ۽ پريشانين جي گهيري ۾ رهيون آهيان.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو