ھيرو ٺڪر

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مومن ڏاهري طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2020۔

  1. مومن ڏاهري

    مومن ڏاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    55
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نوابشاھ،سنڌ
    ھيرو ٺڪر
    سنڌي ادب جو ھيرو
    [​IMG]


    اسان وٽ عالم يا اسڪالر ان کي سمجھيو ويندو آهي، جنهن جي ڪنهن يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪيل هجي. برابر اها هڪ وڏي رتبي واري ڊگري آهي، پر ان ڊگري حاصل ڪرڻ سان ڪو شخص خود بخود عالم ڪونه بڻجي ويندو آهي. اسان وٽ اها ڊگري عام طور مٿئين گريڊ ۾ ترقي سان گڏ الائونس وٺڻ جو وسيلو بڻجي وئي آهي. هر پي ايڇ ڊي ڪيل ماڻهو عالم ڪونه هوندو آهي. جنهن شخص ۾ علميت ۽ ريسرچ ڪرڻ جا گڻ هوندا، ان لاءِ اهڙي ڊگري جو هجڻ ضروري به ڪونهي. هو پنهنجي ڄاڻ ۽ علمي اهليت سان پاڻ کي مڃائي سگھي ٿو. هيرو ٺڪر انهن ٿورن شخصن مان آهي، جنهن وٽ اهڙي قسم جي ڪا ڊگري ڪانهي، پر هو هڪ مڃيل عالم ۽ ليکڪ آهي. هن جون علمي ادبي خدمتون ايتريون اهم آهن جو خود هن تي پي ايڇ ڊي ڪري سگھجي ٿي.


    ريسرچ جي شاگردن توڙي ان ڪم سان دلچسپي رکڻ وارن جي لاءِ هيري ٺڪر جو ڪتاب “تحقيق ۽ تنقيد” صحيح دڳ ڏيکاريندڙ لاڀائتو ڪتاب آهي. اهڙي ريت هن جا لکيل تحقيقي مضمون جيڪي “انڊلٺ” ڪتاب ۾ سهيڙيل آهن، سي سنڌي ساهت ۾ ڄاڻ جا ڀنڍار آهن. اهي ليک نه رڳو عام پڙهندڙن پر ساهتڪارن جي علمي اڃ ٻجھائيندڙ آهن. سنڌي جي وڏي عالم ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ۽ وڏي شاعر ۽ نقاد سڳن آهوجا جي شخصيتن ۽ سندن ادبي ڪارنامن تي هيري ٺڪر جا لکيل ڪتاب هجن يا “روشن مينار” ۾ مختلف ساهتڪارن بابت ليک هجن، اهي ٽيئي ڪتاب سنڌي ٻولي جي ساهتڪ شاهوڪاري جي ساک ڀرين ٿا.
    هيري ٺڪر کي سنڌ ۾ ٻن حوالن سان نه رڳو سڃاتو وڃي ٿو، پر ان لاءِ کيس اڻ ميو پيار ۽ مان سنمان پڻ ملندو رهيو آهي. سنڌ جي عام ماڻهن وٽ هيري ٺڪر جي سڃاڻپ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي نيوز ڪاسٽر واري آهي. جيتوڻيڪ هيرو گھڻي وقت کان ريڊيو تي خبرون ڪونه ٿو پڙهي پر خبرن پڙهڻ جو سندس خاص انداز ماڻهن کي اڃا ياد آهي. ياد جو سبب اهو آهي ته هيري ٺڪر جي ان انداز کي ماڻهو پسند ڪندا هئا ۽ ڪي ته رڳو سندس ان انداز جي ڪري خبرون ٻڌندا هئا.
    هيري ٺڪر کي سنڌ جي ادبي ميدان ۾ عزت، مان ۽ پيار ملڻ جو وڏو سبب قاضي قادن جي حوالي سان آهي. ڪيترن سالن بلڪه صدين تائين اهو سمجھيو پئي ويو ته قاضي قادن جيڪو سنڌي ٻولي جي اساسي يا بنيادي شاعري جو پهريون وڏو شاعر هو تنهن جي شاعري وقت سان گڏ گم ٿي وئي ۽ هن جا فقط ست بيت ملي سگھيا. قاضي قادن جي باقي جيڪا شاعري هئي سا ڪيڏانهن گم ٿي ويئي، ان جو سوين سالن تائين ڪو پير کرو ڪونه پئي ملي سگھيو. ان ڪري اسان جا عالم ۽ نقاد قاضي قادن جي انهن ستن بيتن تي اڪتفا ڪري ويهي رهيا ته سندس شاعري زماني جي حالتن سبب گم ٿي ويئي. اهو سنڌي ٻولي جي تاريخ ۽ ادب جي لاءِ هڪ وڏو نقصان ليکيو ويو. هيري ٺڪر کي ڪٿان خبر پئي ته انڊيا جي هريانه رياست جي هڪ ڳوٺ راڻيلا ۾ دادا پنٿي ڀڳت هرداس جي مڙهيءَ ۾ “سنتون ڪي واڻي” جي نالي سان گرمکي صورتخطي ۾ هڪ تمام پراڻو قلمي نسخو پيل آهي، جنهن ۾ ڪنهن سنڌي شاعر جو ڪلام آهي. هيرو ٺڪر تجسس وچان اتي وڃي پهتو ۽ اهو قلمي نسخو ڏٺائين ته حيرت ۾ پئجي ويو. هن جي لاءِ اها رڳو حيرت جي ڳالھ ڪانه هئي پر هڪ وڏي خوشي جي ڳالھ به هئي. ان قلمي نسخي ۾ هڪ باب اهڙو هو جنهن ۾ قاضي قادن ۽ ٻين سنتن جا سنڌي بيت ۽ دوها هئا. هيري ٺڪر ان قلمي نسخي مان اهو باب سنڌي صورتخطي ۾ آڻي “قاضي قادن جو ڪلام” جي عنوان سان ڪتاب۱۹۷۸ع ۾ دهلي مان ڇپرائي پڌرو ڪيو.ايتري وڏي عرصي کان پوءِ جڏهن هيري ٺڪر قاضي قادن جا ۱۱۲ بيت ڳولي لڌا ته اهو سنڌي ادب جي تاريخ ۾ هڪ تمام وڏي دريافت (BREAKTHROUGH) هئي، ڇو ته ان سان سنڌي ٻولي جي قديم شاعري جي ايتري شاهوڪار هجڻ جي ثابتي ملي هئي. ان سان قاضي قادن تي نئين سر تحقيق جو رستو کلي پيو، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ليکي ڪوشش ڪري راجسٿان مان به ڪجھه وڌيڪ بيت هٿ ڪيا. هن هيري ٺڪر واري ڪتاب ۾ شامل بيتن ۽ راجسٿان مان هٿ ڪيل بيتن کي گڏي، انهن جي شرح لکي سنڌ ۾ قاضي قادن جو رسالو شايع ڪرايو.
    قاضي قادن جيڪو سنڌي ٻولي جو پهريون وڏو شاعر آهي، بکر ۾ ۱۴۴۳ع ۾ ڄائو. سندس وڏا اصل ۾ سيوهڻ جا هئا. قاضي قادن سيوهڻ، ٺٽي، سنڌ کان ٻاهر احمدآباد گجرات ۾ تعليم حاصل ڪئي. سنڌ تي ڄام فيروز جي حڪومت هئي ته شاھ بيگ ارغون سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ دولھه دريا خان هن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو. شاھ بيگ ارغون ٺٽي تي قبضو ڪري وڏو قتل عام ڪرايو. ان وقت قاضي قادن پنهنجي ڪٽنب سميت ٺٽي ۾ موجود هو. چيو وڃي ٿو ته قاضي قادن جو شاھ بيگ ارغون سان اڳ ۾ ئي تعلق هو، هن جي درخواست تي شاهه بيگ قتل عام بند ڪرايو. بعد ۾ هن قاضي قادن کي بکر ۾ سنڌ جو قاضي مقرر ڪيو. قاضي قادن۱۵۵۱ع ۾ مديني ۾ وفات ڪئي.
    قاضي قادن جا ڪجھه بيت مثال طور هتي ڏجن ٿا؛
    اکر ٻيا وسار، الف اڳيون ئي ياد ڪر،
    سو تون ڏيئو ٻار، جو نه اجھامي ڪڏهن.
    ----
    جنين محبت من ۾، سي ميرا ئي سونهن،
    تن ۾ ٻرن مشعلان، سنديان سپيرين.
    ---
    ڪاغذ ڪاري اکرين، مون واڇيندو اُلڌو،
    سڄڻ اڇي اکرين، مون لوڙيندو لڌو.
    قاضي قادن کان سواءِ هيري ٺڪر کي جن ٻين سنتن جو ڪلام هٿ آيو، تن ۾ احمد آباد گجرات جو دادو ديال ۽ سنڌ جو شيخ ڀرڪيو شامل آهن. اهي قاضي قادن کان پوءِ پيدا ٿيا هئا. سنڌي جي انهن ٻنهي ڪلاسيڪي شاعرن تي هيري ٺڪر جو تحقيقي ڪم اڌوري حالت ۾ پيو آهي. هيرو ٺڪر جنهن وڏي ادبي رتبي جو اسڪالر ۽ ساهتڪار آهي، سندس ان حيثيت کي نظر ۾ رکندي اهو خيال پيدا ٿيندو آهي ته هن کي اڃا گھڻو ڪجھه لکڻ کپندو هو. خاص طور سنڌي ڪلاسيڪي شاعري تي کيس وڌيڪ تحقيق ڪرڻ کپندي هئي، جيڪا هن ڪنهن حد تائين ڪئي به هئي، پر ڪن اڻ ڄاتل سببن جي ڪري اها ڇپجي پڌري ڪانه ٿي سگھي آهي. شيخ اياز جي ان شعر
    پلي آس ٿر مان نه آ ٿوهرن،
    ڀٽائي! ڏسين ٿو وڄون ٿيون ورن.
    وانگر اسين سنڌ جا اهي ٿوهر آهيون جيڪي سڪايل ۽ اڃايل دلين ۾ اها آس رکيو ويٺا آهيون ته هيري ٺڪر سنڌي ٻولي جي اساسي ۽ ڪلاسيڪي شاعرن دادو ديال، شيخ ڀرڪيو ۽ ٻين جي جيڪا شاعري هٿ ڪري چڪو آهي ان تي سندس تحقيقي ۽ تشريحي ڪم جلد پايهءِ تڪميل تي پهچي وڄن وانگر وسندو ۽ سنڌي ادب کي جل ٿل ڪري ڇڏيندو. شوڪت شورو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو