ڇيڻا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏13 مئي 2020۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    668
    ورتل پسنديدگيون:
    1,766
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    [​IMG]
    [​IMG]

    ڇيڻا

    ------------

    هي مايون اسر جو اُٿي،
    مال جا ڇيڻا ميڙين ٿيون،
    ڇيڻن سان تغاريون ڀري،
    کڻي اچن ٿيون،
    ۽ ڪچين ڀِتين تي ٿڦي ڇڏين ٿيون،
    انهن لاءِ،
    اهي ڇيڻا ڪُل ڪائنات آهن،
    ڇو ته انهن ڇيڻن کي چُلهه ۾ ٻاري،
    مائرون پنهنجي ٻچڙن لاءِ،
    خيرات ۾ ورتل اٽي مان،
    رُکي ماني پچائن ٿيون،
    ۽ مان،
    جو انهن ڇيڻن جي بدبوءَ کان به پري ڀڄان ٿو،
    پر پوءِ به الائي ڇو،
    منهنجي گيتن مان انهن ڇيڻن جي ئي بوءِ اچي ٿي.....!


    (هي نثراڻو نظم مشتاق سعيد جو آهي)
     
    آخري ترميم: ‏13 مئي 2020

هن صفحي کي مشهور ڪريو