مافيائون،اسڪينڊل ۽بدنام زمانه احتساب !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2020۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    گذريل ستر سالن کان هن ملڪ ۾ نعرو اهو ئي لڳندو رهيو آهي ته ”احتساب ڪنداسين” پر جيڪر حڪمرانن جي ڪرتوتن کي ڏٺو وڃي ته اها ئي ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ”مڙس ماڻهو ٿي هن ملڪ کي ڦريو ۽ لٽيو۽ پوء بنان ڪنهن ڊپ ڊاء جي کائيندا رهو.“ کنڊ ۽ ڪڻڪ جي اسڪينڊل کان پوء نجي بجلي گھرن (آئي پي پيز) جي معاملي ۾ به حڪمرانن جا جيڪي ڪرتوت سامهون اچي رهيا آهن بس الحفيظ ۽ الامان! نو رڪني انڪوائري ڪميٽيء جي رپورٽ ٽي سو صفحن تائين وڃي پهتي آهي.اها رپورٽ جنهن کي وزير اعظم پبلڪ ڪرڻ،جاچ ڪميٽي جوڙڻ،فرانزيڪ آڊٽ ڪرائڻ ۽ نوي ڏينهن ۾ حتمي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڏني آهي.شروعاتي جاچ مطابق نجي بجلي گھرن جي واڳن اسان کي پنج هزار اٺ سو ارب روپين جو ٽڪو هنيو.غلط انگن اکرن جي اوٽ ۾ اهي ظالم گذريل ٽيهن سالن ۾ چار هزار اٺ سو ارب کائي ويا.گئس جي چوريء مان ٻه سو نو ارب لٽي ويا.منصوبن جي سيڙپ وڌائي چڙهائي ٽي سو ٻاويهه ارب واڌو کڻي ويا.مقرر منافعي کان 565 ارب وڌيڪ منافعو حاصل ڪري ورتائون.1994ع ۾ بينظير دور ۾ جيڪي بجلي گھر لڳا انهن جي سيڙپ پنجاه ارب هئي اهي بجلي گھر هيستائين 415 ارب منافعو ڪمائي چڪا آهن.2002ع ۾ مشرف دور ۾ 58 ارب جي لاڳت جا بجلي گھر لڳا اهي هن وقت تائين 203 ارب ڪمائي چڪا آهن.2015ع ۾ ميان نواز شريف جي دور ۾ لڳل بجلي گھرن ته حد ڪري ڇڏي.حڪومت ۽ نجي بجلي گھرن جي مالڪن وچ ۾ 15 سيڪڙو منافعو طيء ٿيل هو پر انهن 79 سيڪڙو نفعو ڪمايو.رپورٽ مطابق ميان منشا جي ٽن پاور پلانٽس جي گڏيل سيڙپ يارهن ارب اوڻويهه ڪروڙ هئي ۽ اهي مبينا طور تي هن وقت تائين واڌو 51 ارب ۽ 43 ڪروڙ ڪمائي چڪا آهن.جيڪر انهن ٽنهي پلانٽس کي سندن مدي تائين هلڻ ڏنو وڃي ته پوڻا اٺٽيهه ارب وڌيڪ ڪمائيندا.هاڻي ٿورو انهن بجلي گھرن جي گردشي قرضن جو جائزو وٺجي ته زرداري صاحب جي دور ۾ اهو قرض هو 228 ارب يعني ماهوار 4 ارب،نواز شريف جي دور ۾ اهو قرض ٿيو 480 ارب يعني 10 ارب ماهوار ۽ اڄ عمران خان جي دور ۾ اهو گردشي قرض 1100 ارب يعني 41 ارب ماهوار تائين پهچي چڪو آهي.شگر مافيا جيان نجي بجلي گھرن واري مافيا به حڪومت کان سبسڊي حاصل ڪئي.مطلب ته بجلي بليڪ تي وڪي،چوريون به ڪيائون،ناجائز نفعو به ڪمايائون ۽ مٿان وري حڪومت کان امدادي رقمون به وصول ڪيائون.انهن ئي معاهدن سبب هن وقت ملڪ کي روزانو هڪ ارب جو نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي.مزي جي ڳالهه اها ته اٽي،ڪڻڪ جو اسڪينڊل هجي،کنڊ جو ناٽڪ هجي يا نجي بجلي گھرن جو فراڊ ساڳي سياسي مافيا انهن ڪارنامن پويان بيٺل نطر اچي ٿي جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طرح هر حڪومت جو حصو رهندا ٿا اچن ۽ هاڻوڪي حڪومت ۾ به ويٺل آهن.هي سائنسي ذهن رکندڙ نهايت ئي چالاڪ ماڻهو آهن جيڪي 180 روپئي مڻ جي حساب سان هارين کان ڪمند خريد ڪري پنهنجي مرضيء موجب کنڊ جو اگھه به پاڻ مقرر ڪن،اها کنڊ ٻاهر ايڪسپورٽ ڪري وڏيون رقمون به ڪمائين ۽ مٿان وري حڪومتن کان من پسند سبسڊي به حاصل ڪن ۽ مارڪيٽ ۾ هٿرادو بحران پيدا ڪري قيمتون وڌيڪ وڌائي ڇڏين.پر اهو تصوير جو ظاهري پاسو آهي،اصل ڌنڌو ته پردي جي پويان آهي.جيئن بينڪن مان قرض وٺي شگر ملون لڳائڻ،بينڪن جي پئسن مان ڪمند خريد ڪرڻ سو به پنهنجي مرضيء جي قيمت تي.اهڙيء طرح بي نامي کنڊ جو ڪاروبار،ڪوڙي ايڪسپورٽ ۽ جعلي اڪائونٽ جوڙي ٽيڪس بچائڻ.اهو ته ٿيو شگر انڊسٽريء جو قصو.پاور سيڪٽر ۾ وري گئس چوري،پلانٽ پرفارمنس،سيڙپ وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ،غلط انگ اکر ڏيئي پئسا ڪمائڻ،مقرر نفعي کان هزار ڀيرا وڌيڪ نفعو حاصل ڪرڻ،اهي اهڙا ڪم آهن جيڪي اسان جا اهي سياسي سائنسدان وڏي مهارت سان ڪري رهيا آهن.

    پارليامينٽ جي ڪشمير بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيء جو نون مهينن جي خرچ جو بل 3 ڪروڙ 12 لک سامهون آيو آهي.اعزازي پگهارون 37 لک روپيا،ٻاهرين ملڪن جا دورا اسي لک،کاڌن جو بل يارهن لک،اسٽيشنري97 هزار،قومي اسيمبلي سيشن الائونس ٻاويهه لک،پارليامينٽ جو خصوصي الائونس 18 لک وغيره وغيره.اهو ته ٿيو هڪ قائم ڪميٽيء جو حال،هتي ته سينيٽ،قومي توڙي صوبائي اسيمبلين ۾ سوين اهڙيون ڪميٽيون غريب عوام جي پئسي تي اهڙا عيش ڪري رهيون آهن.هاڻي ان قائمه ڪميٽيء گذريل نون مهينن ۾ ڪشمير جي مسئلي تي جيڪي ڦاڙها ماريا آهن سي سڀني جي سامهون آهن.بهرحال ڳالهه پئي ٿي نجي بجلي گھرن جي راند جي ته رپورٽ مطابق جهانگير ترين مبينا طور تي ٽي ارب پنجاسي ڪروڙ،خسرو بختيار خاندان هڪ ارب اضافي منافعو ڪمايو جڏهن ته روش پاور پلانٽ واري وفاقي وزير رزاق دائود ۽ ٽن پاور پلانٽس جي ڀائيوار نديم بابر مبينا طور تي 36 ارب جو اضافي نفعو حاصل ڪيو.هاڻي لکن جو سوال اهو ته ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي هن فراڊ ۽ ڌاڙي جو ڪجهه ٿيندو يا نه؟جواب نهايت ئي سادو آهي ته سري محلن ۽ ايون فيلڊ فليٽس جو ڪجهه ٿيو؟العزيزيه،فليگ شپ،شريف شگر ملز ڪيسن جو ڪجهه ٿيو؟ڏهن واليومز تي ٻڌل پاناما ليڪس،25 واليومز جي جعلي اڪائونٽس واري مني لانڊرنگ،بي نامي ملڪيتن،بي نامي کاتن ۽ بي نامي ٽيٽين جو ڪجهه ٿيو؟دوائن وارو اسڪينڊل،نيب المارين ۽ احتساب عدالتن ۾ ڌڪا کائيندڙ ٻارهن سو کان مٿي ميگا ڪرپشن اسڪيڊلز،ريفرنسن جو ڪجهه ٿيو؟ڪجهه ته ڪيس هليا ئي ڪونه، جيڪي هليا سي هلندا ئي ٿا وڃن.جن ڪجهه ڪيسن ۾ سزائون ٿيون انهن جو نتيجو اوهان جي سامهون آهي.نرالا رليف،عجيب ضمانتون،پر اسرار رعايتون ۽ حيرت ۾ وجھندڙ فيصلا.ان ڪري حوصلو رکو ته معمول جيان پراڻن مثالن موجب انهن ٺڳين، چورين،ڌاڙن،بد عنوانين ۽ فراڊن جا راڳ اوهان کي خوب ٻڌڻ لاء ملندا پر نتيجو اهو نڪرندو جيڪو اڳ ۾ نڪرندو رهيو آهي.ان ڪري جو سچ اهو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪو به ڪنهن جو احتساب ڪرڻ نٿو گھري بلڪه احتساب جي آڙ ۾ هر ڪو پنهنجن ڪارن ڪرتوتن لاء جواز پيدا ڪرڻ گھري ٿو! آخر ۾ عوام جي لاء خوشيء جي خبر اها آهي ته هاڻوڪن احتسابي ۽ انصافي حڪمرانن به نيٺ نيب کي پوريء طرح بي اثر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
     
    دين محمد لاکو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو