علي حيدر (ديوان منقبت سڄڻ نت سوجھرا ) حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ امام بخش جوڻيجو طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2020۔

  1. امام بخش جوڻيجو

    امام بخش جوڻيجو
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2020
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    اسانجو رهنما رهبر آهين دلبر علي حيدر
    مـٿاهـون شـان بـيشڪ تـنـهـنـجـوآبـرتـرعـلي حيدر

    شـهـادت شـان تـنهنجو ۽ ٿيو درجو زياده آھه
    شهيدڪربلاجو تون آهين فادر علي حيدر

    بـلاشـڪ تـون بـهـادر ۽ دلاور ۽ دلــير آهــين
    تـنـهـنـجـو چـهــرو گـلابي آ رخ انور علي حيدر

    ڪـفـارن کـي ڪـنـبـايــو تــو هـڻـي تڪبير جو نعرو
    ڪـئي تـو فـتـح آهـي فـاتـح خـيـبر عــلـي حــيـدر

    ڪـيان ٿو روزشب دانهون پرين تنهنجي پسڻ خاطر
    رهي بـي چين ٿي دلڙي سندم هر هر علي حيدر


    علي مشڪل ڪشا آهين ڪيون ڇو فڪر مشڪل جو
    ڪـري مـشـڪل سڀئي آسان ڪندين خوشتر علي حيدر

    سدائين دل ۾ “اڪرم” جي زيارت جـو تـه شـوق آهي
    حـياتي ۾ پـساءِ ديدارتون ڪـنـهن پر علي حيدر
     
    دين محمد لاکو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو