"گيت گلڙن لاءِ" استاد گل دايو جي شعري مجموعي جو جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    "گيت گلڙن لاءِ "
    استاد گل دايو جي شعري مجموعي جو سرسري جائزو...!


    فقير محمد سنڌي

    فيلسن ڊريڊن جو ٻارن لاءِ خاڪو آهي ته :"قدرت ٻارن جي روپ ۾ اسان کي زندگي، مسڪراهٽ ۽ خوبصورتي جھڙن بي بها قيمتي تحفن سان نوازيو آهي" اھڙا ئي حسين لمحا، ڪوئل جي مٺڙي آواز جھڙا مڌر ۽ ترنم سان ڀرپور نظم ٻارن لاءِ سرجيا آهن، استاد گل دايي، هڪ مڪمل ڪتاب، ڪيترن ئي ذهنن جي اوسر ڪري ٿو. ڪتاب گيت گلڙن لاءِ، ٻارن لاءِ شاعري جي صورت ۾ تحفو آهي. جنهن ۾ اخلاقيات، نفسيات، احساس ۽ مڪمل انسانن جا گڻ استاد گل هن ڪتاب جي ورقن ۾ شامل ڪيا آهن.
    حمد باري تعالي جي حسناڪي ٻارن جي مَنَ لاءِ اولين ترجيح آهي، جنھن سان ٻار پنهنجي مالڪ حقيقي جي هيڪڙائي کان واقف ٿئي ٿو.
    ڪتاب جي شروعات ۾ حمد پيش ڪيل آهي.
    مولا سائين همت ڏي تون،
    جبلن جيڏي طاقت ڏي تون.
    سنڌ سڄيءَ جي ڪر سڻائي،
    ڌرتي ٿئي جيئن ساري سائي.
    منھنجا مٺڙا مولا سائين،
    سڀ جي تون ٿو آس پُڄائين.
    سرسوتي ساهت گهر ڏوڪري جي 58هين ڪتاب "گيت گلڙن لاءِ" جي اداري ۾ عيسي ميمڻ لکي ٿو ته : "استاد گل دايو اهڙو ئي املھ ڪردار آهي جنهن سموري ڄمار ٻارن لاءِ لکڻ ۽ انهن جي ترتيب ۾ گذاريو آهي. استاد گل دايو، هڪ استاد کان وٺي هڪ اديب ۽ شاعر تائين، هڪ ادبي ورڪر کان وٺي سماجي خدمتن تائين جيڪو نور نچيو آهي اها خود هڪ الڳ تاريخ آهي".
    استاد گل دايو جي ٻارن لاءِ شاعريءَ جو محور گل گلزاري، ڪومل جذبا، ڌرتيءَ جو اونو ۽ ٻارن جي ذهن کي سگهاري مُصوري پيش سان گڏ خوشحالي جو دڳ به مھيا ڪندو ٿو رهي.
    ٻارن جي دعا، جي نظم جو ڪجھ حصو پڙهندڙن جي نظر ته :
    وٺنداسين سڀ مٽيءَ هڳاءُ،
    مولا منهنجو عرض اگها ءِ،
    وسندو مِينهن ته اَنُ به ٿيندو،
    چاڙهيندا سين ٻوڙ پُلاءُ،
    مولا منهنجو عرض اگهاءِ،
    ديس منهنجي تي مينهن وساءِ.
    علي حسنين ميمڻ، استاد گل دايو جو مختصر تعارف به پيش ڪيو آهي.
    استاد گل دايو 21سيپٽمبر 1960ع تي جنم ورتو، تعليم ايم اي سنڌي ۽ ايم ايڊ اٿس، شعوري طور استاد گل جن ڳالهين کي زندگيءَ ۾ اوليت ڏني آهي انھن ۾ پاڻ، استاد، اديب ،شاعر ،اسڪائوٽ ليڊر، ريڊيو ڪمپيئر، ڪرڪيٽ ڪمينٽريٽر، ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ڪواليفائيڊ امپائر آهي. ڊسمبر 2019ع ۾ استاد گل، اسڪائوٽنگ ۾ پوسٽ گريجوئيٽس (AlT) اسسٽنٽ ليڊر ٽرينر جي ڊگري حاصل ڪئي آهي. استاد گل دايو 1974ع کان سنڌي ادب ۾ ٻارن لاءِ شاعري ۽ ڪهاڻين تي طبع آزمائي ڪري رهيو آهي. 1980ع کان سنڌي ادبي سنگت سان سلهاڙيل آهي.
    چيني چوڻي آهي ته : "جھڙي طرح موتي تراشڻ کان سواءِ پالش نه ٿيندو آهي، تھڙي طرح انسان به تڪليفن کان سواءِ مڪمل نه ٿيندو آهي "اهڙئي سوچ جا گل ۽ حوصلا استاد گل، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ نڇاور ڪيا آهن،جنھن سان ٻارن کي جستجو ۽ وقت تي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ سگهه پيدا ٿي.
    نظم، وئڪيشن جو اڪلايون.
    اچو ته ٻارو فيئر بوڪ ٺاهيون،
    وئڪيشن جو ڪم اڪلايون.
    پاڻي نظم ۾ استاد گل ٻارڙن کي هوشيار ڪري ٿو.
    پِيو پِيو اي ٻارو پاڻي،
    اَوٻاري ۽ ڇاڻي پاڻي.
    سمنڊ جو پاڻي کارو آهي،
    ندين مان ٿو واھ وهائي.
    پاڻي هر هنڌ پاڪ نه آهي،
    سارو پاڻي صاف نه آهي.
    شاھ لطيف جو پڙهون رسالو، نظم ۾ هن ريت ٻارن کي اتساھ ڏئي ٿو.
    هن جو رسالو حق جي وائي،
    ٻارن سنڌ سڄيءَ ۾ ڳائي.
    چيڪلو - نظم ۾ استاد گل ٻارن جي ڪيفيت تي گهيري نظر رکي، هيءُ نظم سرجيو آهي، مختصر سٽون :
    چيڪلو جيئن جيئن گول ڦري ٿو،
    ٻارن کي تئين مزو اچي ٿو.
    ٻار کِلي کِلي ٿين ٿا کيرا،
    چيڪلو جيئن جيئن بيھڻ لڳي ٿو،
    ٻارن جو منھن لهڻ لڳي ٿو.
    ڳڻپ جو قاعدو - "نظم" ڳڻپ جو قاعدو دنيا جي اندر بهترين نظام آهي، استاد گل ڳڻپ جي انداز کي شين ۾ ورهائي گهڻن منظرن ۽ شين کي آساني سان روشناس ڪرايو آهي. پورهيت ٻار، ڌرتي ۽ سج، چڍڙي، ڇننن ڇن، ڇننن ڇن ۽ ٻيا نظم ٻارن جي طبيعت جي عڪاسي ڪن ٿا.
    ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر مختيار سمون جو لکيل آهي، لکي ٿو ته : استاد گل دايو ٻارن جي تعليم لاءِ تعليمي ادارن ۾ وڃي اتي ڪلاس روم ۾ پڙهائي پنهنجو ڪردار ادا نه ٿو پر اسڪول کان ٻاهر به تعليم، تدريس ۽ تربيت جا ذريعا تخليق ڪندو رهي ٿو. استاد گل دايي پنهنجي پاران ۾ "ماستر" لفظ تي خوب لکيو آهي ۽ اهو مضمون پڙهڻ جهڙو آهي.
    ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل سنڌ جي جاکوڙي شخص، منظور آزاد شيخ لکيو آهي، شاعري جماليات جو لکت ۾ اظهار آهي، جيڪا ٻارَ جي معصوم مرڪ ۾ به سمايل آهي ته ڪائنات جي ڪھڪشائن ۾ به! اهڙو اظهار استاد گل دايو گيت گلڙن لاءِ ۾ ڪيو آهي.
    آخر ۾ استاد گل دايو لاءِ "هو جمالو" نظم جون ڪجھ سٽون :
    اسين سنڌي ٻارڙا سنڌ جا، هو جمالو،
    اسان کي پڙهڻ تي ناز آ، هو جمالو،
    پنھنجي ٻولي ڀي ممتاز آ، هو جمالو،
    اسان جو شان ڀريو انداز آ، هو جمالو،
    هو جمالو واھ واھ جمالو،
    هو جمالو واھ واھ جمالو..
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جون 2020
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو