فقير محمد سنڌي ،جون تخليقون امر آهن....!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    فقير محمد سنڌي ،جون تخليقون امر آهن....!
    ڪوڙل قربدار
    پنهنجي ٻوليءَ ۽ لوليءَ جي خدمت ۽ واڌ ويجهه لاءِ جن قلم کي گهوڙن جي ٽاپن جان تاريخن جي سينن تي ڊوڙايو آهي انهن آدرشي انسانن جي قابليت مڃتا لائق آهي. اهي آدرشي انسانن قومي شعور ۽ جاڳرتا جي مناسبت سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا. جن حق ۽ سچ جي علم کي قلم جي چهنب سان رت جا ڏيئا روشن ڪري پيار ۽ محبت جا ٻج ڇٽيا آهن. ان جو نانءُ تاريخ جي سونهري ورقن ۾ پڙهيو ۽ ڳڻيو وڃي ٿو.
    انهن انسانن مان فقير محمد سنڌي به جاکوڙي ۽ جستجو ڪندڙ آهي. جنھن جو جنم پنهنجي ناني جي گھر ۾ نانو پڌر لاڙڪاڻي ۾07 جنوري 1983ع تي ٿيو . فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي جي محلي مراد واهڻ ۾ هن وقت رهائش پذير آهي.
    فقير محمد سنڌي گورنمينٽ پرائمري اسڪول شاهه محمد سنڌي ۾ پنج درجا سنڌي پڙهيو ان کان پوءِ مئٽرڪ 1998ع تي گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪندري اسڪول مان پاس ڪيائين انٽر 2000ع ۾ سچل سرمست اورينٽيئل ڪاليج لاڙڪاڻو ۽ بي اي 2003 ۾ ساڳي اورينٽيئل ڪاليج لاڙڪاڻي مان پاس ڪيائين، مولوي، عالم ۽ فاضل جو امتحان 1998 ۾ پاس ڪيائين، اهڙي طرح درسِ نظامي جو ڪورس 1995 کان 2001ع تائين مدرسه جامعه عربيه جيلاني لاڙڪاڻي مان سند الفراغ سان فارغ التحصيل ٿيو. فقير محمد سنڌي شاعريءَ جي ابتدا 1995ع کان ڪئي. جنهن جو پهريون استاد شاعر جمشيد رضوي مولوي فاروق احمد خاصخيلي، استاد شاعر جي ايم رئيساڻي مدئجوي، ان کان پوءِ سنڌ ڌرتيءَ جو دادلو شاعر اديب، گيتڪار محقق، مرتب ۽ ڇند وديا جو استاد سرمد چانڊيو کان مڪمل سکيا ورتائين. فقير محمد سنڌي ڌرتيءَ جو لائق شاعر ۽ نثر نويس آهي. جنهن جي لکڻين ۾ رومانيت، سماجيات ۽ مزاحمت جو سنگم شامل آهي.
    منهنجي ملاقات ساڻس شاعر ۽ اديب سرمد چانڊيو جي بيٺڪ لاڙڪاڻي ميراڻي محلي ۾ 2006ع ۾ ٿي. هي کل مک ۽ مخلص جنهن جي ڪچهريءَ ۽ گفتگي ۾ ادب جي حوالي سان ڪجهه نه ڪجهه حاصل ٿيو. ان ادبي ڪچهريءَ کان پوءِ تمام ويجهڙا دوست ٿي وياسي. ادبي محفل يا نجي ڪچهرين ۾ ملندا آهيون ته پيار ۽ پنهنجائپ وارو رويو اختيار ڪندا آهيون.
    فقير محمد سنڌي ادبي دنيا جو متحرڪ خدمتگار آهي. جيڪو مسلسل ادبي خدمتون نڀائي ٿو. پاڻ نوجوان ادبي فورم لاڙڪاڻي جو رابطا سيڪريٽري، اياز ادبي اوطاق جو سيڪريٽري جنرل ، قلمڪار پبليڪيشن جو نگران، ارادو اخبار جو ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ۽ ريڊيو پاڪستان جو ڪمپيئر آهي. ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تان ڪافي پروگرام ميزباني نشر ٿين ٿا . اها هن جي خوش قسمتي چئجي ڇو ته اها سنڌي ادب ۽ ٻولي جي هڪ ڄاڻ به آهي جيڪا دل و جان سان پيش ڪري ٿو. سندس پروگرام هي آهن. لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو، سائي ڌرتي، سونهن سمبارا، سنڌ سرهاڻ انهن پروگرامن کي ٻڌڻ سان اسان کي ٻولي ۽ ادب جو ذخيرو ملي ٿو.
    فقير محمد سنڌي جا ڪتاب جيڪي مارڪيٽ ۾ آيل آهن. سندن نالا هيٺ ڏجن ٿا:
    وچن وفا جا 2004ع شاعري ، جاني جيون جوڙ2008ع شاعري ، قلمڪار ڪوي گڏيل شاعري، عظيم هستين جا عظيم قول، سنڌ جي تاريخ سلسليوار تاريخ، گڻ جنهن جا ڳائن ماڻهو، فن ۽شخصيت حفيظ کوھارو، سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق ،جي ايم رئيساڻي زندگيءَ بابت ۽ سونهن سمبارا، 2016ع ريڊيو اسڪرپٽ ڪتاب جيڪي ادبي حلقن ۾ شهرت ماڻي چڪا آهن.
    فقير محمد سنڌي جو ذريعه معاش ڪچي منڊيءَ ۾ ننڍڙو پرچون جو (هول سيل جو دڪان) پڻ آهي. جنهن تي ڪيترائي ادب دوست ۽ عام ماڻهو ايندا ويندا آهن. اتي هي ادبي خدمتون سرانجام ڏيندو رهندو آهي. ڪڏهن ڪنهن فنڪار تي مضمون، ڪڏهن ڪنهن شاعر تي تاثراتي مضمون، ڪڏهن ڪنهن شاعر يا فنڪار جو جنم ڏينهن يا غزل گيت لکندي نظر ايندو آهي. فقير محمد جي طبيعت يگاني، قلندرانه، مجاز ۽ مزاج واري پسجي ٿي. سندس لکڻين تي پڙهندڙن جي طرفان چڱي سٺي موٽ ملي ٿي. فقير محمد سنڌيءَ جي مختلف ڪتابن مان سٺي ڄاڻ ملي ٿي. سندس شاعري ۽ نثر هڪ گلدستو آهي. جنهن ۾ سرخ ۽ سفيد گلن جي سڳنڌ موجود آهي. هن جي شعرن ۾ ٻهراڙيءَ جا ٻول عام جام ملن ٿا. سندس شعرن کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ سولو آهي. جنهن وٽ سونهن جو سبب ۽ پنهنجو هڳاءُ هجي ٿو. اهو ڪنهن به تعريف يا تعارف جو محتاج ناهي. اهائي شاعري آهي جيڪا حقيقتن جي عڪسن کي انقلابي رخ ڏئي ٿي ۽ انا جي خول کان آجو ڪري ٿي.
    ڏکن جون ڳالهيون لڪائي دل ۾،
    کلي ٻين کي کلائڻو آهي،
    شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو هڪ بيت آهي ته:
    تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
    متان ٿئي اونڌاهه، پير نه لهين پرينءَ جو،
    ساڳئي پيرائي ۾ پنهنجي ڳالهه کي فن ۽ فڪر جي تارازيءَ ۾ تڪي ۽ توري انهيءَ پس منظر ۾ فقير محمد سنڌي چوي ٿو ته:
    تتيءَ ٿڌيءَ کي ڏسي نه ڏسبو،
    اگر جي چرخو هلائڻو آهي،
    هن وٽ سنڌ ڌرتيءَ جو درد ۽ پيڙاهه آهي. جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ ڌڻين سان شاعريءَ ۽ نثر ذريعي گفتگو ڪندي ڏسجي ٿو ۽ درديلي دانهن ڪري عوام جي عدالت ۾ ڪهڙي طرح قطعي ۾ پيش اچي ٿو.
    آدمي جي لاش کي چچريل ڏسي،
    هي حشر انسان جو آ ڇو ٿيو،
    ڪير سمجهي ڪنهن جو هي نقصان آ،
    ها مگر رحمان جو آهي ٿيو،
    فقير محمد سنڌي مطالعي ۽ مشاهدي جو شاعر آهي جيڪو ڏسي ۽ محسوس ڪري ٿو اهو ئي تاريخ جي پني تي لکي ٿو. جڳ مشهور روسي شاعر “يووتي شنڪو” پنهنجي هڪ مضمون ۾ متوجهه ڪرايو آهي ته جدوجهد شاعر جو ڪم ناهي هوندي پر جيستائين نا انصافي رهي هڪ عظيم شاعر ان خلاف جدوجهد کان پاڻ کي ڌار نٿو سمجهي سگهي. پر انساني ۽ روحاني قدرن جو تحفظ شاعر ۽ دانشور جو اولين فرض بڻجي وڃي ٿو. فقير محمد سنڌي جي هن غزل ۾ به سڏ ۽ پڪار ڪري پنهنجي ڌرتيءَ جي ماڻهن کي زماني جي ظالمانه روش کي چٽو ڪري مخاطب ٿيندي چوي ٿو ته:
    جبر جهالت جاري آهي،
    ڀيڻ ڪئي ڪنهن ڪاري آهي،
    يا
    نياڻي ڪا ناحق ٿئي ٿي ڪاري،
    انهيءَ لاءِ ڪوئي مددگار ناهي،
    فقير محمد سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ پاڻ مڃرايو آهي. جنهن جون لکڻيون ڪيترين ئي دلين جون ترجمان آهن. هي احساس ڀريو تخليق ڪار آهي. جنهن جون تخليقون امر آهن.
    دل ۾ درد ويهارڻ خاطر،
    مٽ مئي جا هاري ڇڏيا ٿم،
    هن جي غزل جو اڀياس دلچسپ ۽ من موهيندڙ آهي. جنهن جي لفظن ۾ ڌرتيءَ جي مسئلن جي اپٽار نهايت سهڻي طريقي سان ملي ٿي.
    ساري ٻولي ٻاجهه ٻيلاٽي،
    جيجل جهڙي جهولي آهي،
    شاعر جي لفظن جي چونڊ بهترين آهي اها چونڊ شاعر جي شعر جي حسن ۾ اظافو ڪري ٿي. اچو ته تخيل وائي ۾ پڙهون:
    مان ڌرتيءَ جو،
    رول نه منهنجو ساهه،
    او سنگتراش.
    يا
    ماڻهن ۾ ماڻهپو،
    اڄ رهيو ڪو نه آ،
    دنيا جي حوس ۾.
    مشهور ادبي نقاد ٽي-ايس ايليٽ جو چوڻ آهي ته شعر ادب جي دنيا ۾ جيڪڏهن اوهين جدتڪار انوينٽر ڪاوشن کي تاريخ وار ويهي جاچيندا ته اوهين سندس من جي اجهل ڌن ۾ مصروف قدم به قدم ان جي پورائي اڳتي وڌندي ڏسندا.
    فقير محمد سنڌي پنهنجي دلي لڳاءُ سان سنڌي ٻوليءَ جي واڌ ويجهه ۾ ڪردار ادا ڪندو رهي ٿو ۽ هميشه ڏسبو ته هي پنهنجي شاعريءَ ۾ مست مگن هوندو آهي. هو شعر و ادب جي دنيا ۾ منفرد آهي ۽ شاعري ۽ ادبي ڪاوشون ساراهڻ جوڳيون آهن. فقير محمد سنڌيءَ جو شاعريءَ سان عشق ۽ سندس شاعري محبوبه آهي. جنهن جو هر هڪ شعر حسناڪي خوشبو نما احساسن ۽ جذبن جي اڻٿڪ ۽ عجيب دلڪشي آهي جنهنجو لڳاءُ دل لڳي جهڙو آهي. هي فن ۽ فڪر جو سگهارو شاعر آهي. جنهنجو پنهنجي ٽهي ۾ انداز ئي پنهنجو آهي. فقير محمد جا قطعا اوهان جي اڳيان رکان ٿو.
    ڏکيو ڏاڍو آهي گذر زندگيءَ جو،
    اڪيلو ڪيان پيو سفر زندگيءَ جو،
    لڳائي تو الزام باغي ڪيو آ،
    مليو تو وٽان هي اثر زندگيءَ جو.
    يا
    تو سهاري يار جيان ٿو پيو،
    دلربا سنسار آ تنهنجي ڪري،
    تنهنجي نالي سان پيو سڏجان هتي،
    زندگيءَ سان پيار آ تنهنجي ڪري،
    فقير محمد سنڌي جي ٻوليءَ جو مزاج به ڌيان لهي ٿو اها ٻولي پنهنجي شعر ۾ استعمال ڪري ٿو جنهن ۾ سڪ سوز ڀريون سواد موجود آهي. اها ٻولي سراپا سون ۽ سونهن آهي. جيڪا شاعريءَ جي شعور کي اظهاريندي آهي ۽ قومن جي امانت هوندي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو